• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

نثارناز

سينيئر رڪن
شهيد هوش محمد شيدي جي 169 هين ورسي اوپن ايئر ٿيٽر راني باغ حيدرآباد ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ سموري سنڌ مان شيدي برادري جي هزارين ڀائرن ۽ ڀينرن شرڪت ڪئي سنڌ جي
عظيم جرنل هوش محمد شيدي تي مقالا پڙهيا ويا .​


رپورٽ: نثاراحمد ناز

تصويرون : نثاراحمد ناز ۽ اي جي فقير سمون​

ڪالهه بروز جمع 23 مارچ 2012 ع تي حيدرآباد جي راڻي باغ جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ سنڌ جي عظيم جنرل هوش محمد شيدي شهيد جي 169 هين ورسي الحبش جماعت پاران ملهائي وئي، الحبش پاران اهو ڏينهڙو انتهائي جوش و خروش سان ملهايو ويو، الحبش جماعت پاران سڀ کان پهرين شهيد هوش محمد شيدي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شام جو چار وڳي کان حيدرآباد شهر جي مُک چوڪن چوراهن کان ٿيندي ٺنڍي سڙڪ حيدرآباد جي رستي کان راڻي باغ جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ رات جو ساڍي اٺين وڳي پهتي جتي الحبش جماعت جو شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي جي سلسلي ۾ مُک جلسو رکيو ويو، ريلي ۾ شريڪ هزارين شيدي مرد توڻي عورتون پنهنجي الحبش جماعت جي سرواڻن زمام شيدي، غلام حسين شيدي، اعجاز خُلاصي ۽ محترما صبا بلاولي جي سرواڻي ۾ جيئي سنڌ ، جيئي هوشو شيدي ، جيئي مسافر جا نعرا هڻندا نچندا ٽُپندا راڻي باغ اوپر ايئر ٿيٽر حيدرآباد پهتا، اوپر ائير ٿيٽر جي اسٽيج جي هڪڙو شاندار پينا فليڪس جو بينر لڳايو ويو هو جنهن ۾ الحبش جماعت پاران شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي جا نعرا لکيل هُئا، اوپن ٿيٽر جو پورو پنڊال هزارين شيدي عورتن مردن سان ڀريل هو، هن ورسي جو خاص مهمان سنڌي ڏاهو حميد سنڌي هو، هن پروگرام جي چييف گيسٽ سنڌ جي ثقافت واري وزير محترما سسئي پليجو هُئي پر ڪن مجبورين سبب هو اچي نه سگهي، الحبش جماعت جو اتحاد هن ورسي ۾ ڏسڻ وٽان هو، سمورن مقررن سنڌ جي عظيم جرنيل هوش محمد شيدي کي لفظن جي خوبصورت ترين ڀيٽا ڏني، ۽ الحبش جماعت جي سرواڻن پنهنجي شيدي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي ته اسان عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جا وارٿ آهيون، ان موقعي تي سنڌ جي ڏاهي حميد سنڌي چيو ته شيدي برادري وارن کي شاباسون هُجن جو هنن سنڌ جي بهادر جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي پنهنجي زنده دلي جو ثبوت ڏنو آهي، شهيد هوش محمد شيدي ڀلي جو شيدي هو پر هُو سموري سنڌ جو عظيم هيرو آهي، جنهن اهو عظيم نعرو ته مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون جو نعرو لڳائي تاريخ ۾ امرتا ماڻي. تاريخ ۾ شيدين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته جنوبي آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا اتي جي ماڻهن ۾ هڪ عظيم هيرو جي حيثيت سان ڄاتو ۽ سُڃاتو ويندو آهي ته وري اهو اعزاز به وڏو آهي ته آمريڪا جهڙي سپر پاور جهڙي مُلڪ جو صدر اوباما به شيدي آهي،اسان کي فخر آهي ته اسان شهيد هوش محمد شيدي جي وارثن سان گڏ آهيون،​

پيش آهن شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي جون ڪجهه تصويري جهلڪيون

523638_10150700486788216_794048215_9470344_2135010367_n.jpg


292899_10150700487063216_794048215_9470347_1630877491_n.jpg


561175_10150700486693216_794048215_9470343_1828431021_n.jpg

حيدرآباد جي راڻي باغ جي اوپن ائير ٿيٽر جي اسٽيج تي الحبش جماعت پاران شهيد هوش محمد شيدي جي باري ۾ لڳايل پينا فليڪس جو شاندار بينر ۽ خير مقدمي بينر

558138_10150700508298216_794048215_9470397_1827182022_n.jpg


542849_10150700508678216_794048215_9470399_1956117611_n.jpg

الحبش شيدي جماعت جي صدر زمام شيدي جو خير مقدم ڪيو پيو وڃي

392457_10150700517308216_794048215_9470422_67279308_n.jpg


558855_10150700517863216_794048215_9470427_143114578_n.jpg


524644_10150700517678216_794048215_9470425_2108844911_n.jpg


550857_10150700517478216_794048215_9470424_49245428_n.jpg

سنڌ جي عظيم جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي واري تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ شيدي ڀائر۽ ڀينرون شريڪ ٿيڻ لا اچي رهيون آهن

548506_10150700517918216_794048215_9470428_63351464_n.jpg

جلسه گاهه ۾ الحبش شيد جماعت جو صدر زمام شيدي شريڪ ٿيڻ لا اچي رهيو آهي​
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

ڪُجهه وڌيڪ تصويرون

306007_10150700507843216_794048215_9470394_1594005854_n.jpg


555640_10150700508198216_794048215_9470396_1327534462_n.jpg


553811_10150700516903216_794048215_9470419_2119411060_n.jpg


398279_10150700517188216_794048215_9470421_524207918_n.jpg


404998_10150700518388216_794048215_9470433_65378608_n.jpg


546891_10150700520818216_794048215_9470445_531097535_n.jpg


533438_10150700518243216_794048215_9470430_158601287_n.jpg


563460_10150700520448216_794048215_9470440_1569401954_n.jpg


560144_10150700522023216_794048215_9470457_1383761266_n.jpg


306620_10150700520613216_794048215_9470442_406300444_n.jpg

سنڌ جي عظيم جوڌي شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي ۾ شريڪ ٿيندڙ​
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

امر جليل جي لفظن ۾ سنڌ جي سورهيه شهيد کي ڀيٽا ڏجي ٿي

سنڌڙي منهنجي ماءُ،
جيجل منهنجي ماءُ،
تنهنجي سڏ تي سر ڏيئي،
مون پيتو جامِ شهادت پيتو.

اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي،
جتان وري مان ورندس:
صدين جا رُخ موڙي،
حق جو جھنڊو عرش تي کوڙي،
۽ واڳ وقت جي موڙي،
مان تنهنجي سڏ تي ايندس.

جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهجي ماءُ،
جڏهن به تو تي اونداهه ايندي،
ظلم جي نگري ٿيندي،
رات ڏينهن کي اُڳري ويندي،
۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
۽ مان سر جو صدقو ٿيندس.

جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهنجي ماءُ،
مان تنهنجي خاطر ڏاڍ ڏمر سان وڙهندس،
سر جي سَين هڻي مان ايندس،
حق تان صدقي ٿيندس:
مان ايندو رهندس،
مرندو رهندس،
مري، وري مان جِيئندس،
جتان وري مان ورندس.“
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

ڪجهه ٻيون به تصويرون پيش خدمت آهن

423290_10150700520518216_794048215_9470441_268662068_n.jpg


537391_10150700523098216_794048215_9470468_1981058863_n.jpg

آجياڻو ڏنو پيو وڃي ۽ شريڪ ٿيندڙ ٻه ناريون

301813_10150700523433216_794048215_9470472_1838437036_n.jpg

الحبش شيدي جماعت جو صدر زمام شيدي

527553_10150700523713216_794048215_9470473_124198195_n.jpg

الحبش شيدي جماعت جو سينئر نائب صدر غلام حسين شيدي

524534_10150700523803216_794048215_9470474_1339458799_n.jpg

الحبش شيدي جماعت جو جنرل سيڪريٽري اعجاز خُلاصي

562100_10150700523383216_794048215_9470471_2060010952_n.jpg

الحبش ناري تحريڪ جي صدر صبا بلاولي​
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

امر جليل جي لفظن ۾ سنڌ جي سورهيه شهيد کي ڀيٽا ڏجي ٿي

سنڌڙي منهنجي ماءُ،
جيجل منهنجي ماءُ،
تنهنجي سڏ تي سر ڏيئي،
مون پيتو جامِ شهادت پيتو.

اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي،
جتان وري مان ورندس:
صدين جا رُخ موڙي،
حق جو جھنڊو عرش تي کوڙي،
۽ واڳ وقت جي موڙي،
مان تنهنجي سڏ تي ايندس.

جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهجي ماءُ،
جڏهن به تو تي اونداهه ايندي،
ظلم جي نگري ٿيندي،
رات ڏينهن کي اُڳري ويندي،
۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
۽ مان سر جو صدقو ٿيندس.

جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهنجي ماءُ،
مان تنهنجي خاطر ڏاڍ ڏمر سان وڙهندس،
سر جي سَين هڻي مان ايندس،
حق تان صدقي ٿيندس:
مان ايندو رهندس،
مرندو رهندس،
مري، وري مان جِيئندس،
جتان وري مان ورندس.“

محترم نثاراحمد ابڙو صاحب جون مهربانيون جو هنن امر جليل جو لاجواب نظم منهنجي هن ونڊ سان مُنڊي جي ٽڪ جيان شيئر ڪيو، ادا اسان سنڌ ڌرتي جي شهيدن جا وارث آهيون، اسان جو هر حساب سان فرض ٿئي ٿو ته اسان شهيدن جي شهادت واري فلسفي جي لڄ رکندي ڌرتي جي سوڍن ۽ دودن جا ڏينهڙا محبتن سان ملهائي شهيدن کي پريم جي ڀيٽا ڏيون، جس هُجي الحبش جي شيدي برادري وارن کي جيڪي هر سال مانائتي نموني سورهيه جنرل شهيد هوش محمد شيدي جو ڏينهن وڏي اهتمام سان ملهائن ٿا۔ هر ڀيري پنهنجي هن تقريب ۾ مونکي مهمان جي حيثيت سان گهرائن ٿا، مونکي ماٺ ايندي آهي انهن قوم پرست پارٽين جي سرواڻن جي نالن تي جيڪي عام ڏينهن تي ته شهيد هوش محمد شيدي جي آفاقي نعري مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون جو باربار ذڪر ڪندا آهن پر جڏهن شهيد جي شهادت وارو ڏينهن ايندو آهي ته هڪ لفظ به شهيد هوش محمد شيدي لا ڪونه ڳالهائيندا آهن ۔ سڀ کان وڏي ڳالهه ته شهيد هوش محمد شيدي جي قبر جا اُهڃاڻ حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي جي چار ديواري اندر ملن ٿا، ۽ پڪو قلعو بظاهر ته حيدرآباد ۾ آهي پر ان سنڌ جي تاريخي قلعي تي قابض ڌاريان پناهگير آهن، اسان جا سنڌي ليڊر اڃان تائين شهيد هوش محمد شيدي جي مزار تان ڌارين جو قبضوناهي هٽائي سگهيا، خير توهان جون مهربانيون آهن جو گهٽ م گهٽ شهيد هوش محمد شيدي جي حوالي سان امر جليل جو شهره آفاق نظم هتي ونڊ ڪيو۔
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

ڪجهه وڌيڪ تصويرون

521564_10150700524078216_794048215_9470478_1289610859_n.jpg

مهمان هن ورسي جي تقريب ۾ شريڪ آهن

293788_10150700538713216_794048215_9470553_1884936054_n.jpg

سنڌي ڏاهي حميد سنڌي کي الحبش شيدي جماعت جو ڪارڪن سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ اوڍائي رهيو آهي

548197_10150700538318216_794048215_9470549_1851056904_n.jpg

الحبش شيدي جماعت جي صدر زمام شيدي کي اجرڪ جو تحفو اوڍايو پيو وڃي

485202_10150700538508216_794048215_9470551_1431272899_n.jpg

الحبش شيدي جماعت جي سينئر نائب صدر غلام حُسين شيدي کي اجرڪ جو تحفو اوڊايو پيو وڃي۔

533405_10150700546403216_794048215_9470595_1565692549_n.jpg

هڪڙي سنڌي شيدي نياڻي شهيد هوش محمد شيدي تي مقالو پڙهي رهي آهي

533080_10150700546903216_794048215_9470599_1192100372_n.jpg

هڪڙي ٻي سنڌي شيدي نياڻي پڻ شهيد هوش محمد شيدي جي نعري مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون جي فلسفي تي ڳالهائي رهي آهي

558941_10150700551338216_794048215_9470629_371441193_n.jpg

سنڌ جي لاڙ پٽ واري شهر بدين مان سدائين قومي اسيمبلي جي سيٽ لا وڙهندڙ غريب سنڌي شيدي اميدوار عبدالله شيدي الحبش شيدي جماعت جي صدر زمام شيدي سان گڏ ويٺو آهي

560642_10150700552688216_794048215_9470643_938144012_n.jpg

پورِي سنڌ مان ايل ايل بي ڪندڙ واحد سنڌي شيدي ايڊوڪيٽ محترما صبا بلاولي صاحبه عظيم جرنل هوش محمد شيدي جي باري ۾ لکيل عظيم سنڌي ليکڪ امر جليل جو مقالو پڙهي رهي آهي۔

533473_10150700546108216_794048215_9470592_313929249_n.jpg

هزارين سنڌي شيدي نارين جي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي ا169هين ورسي واري پروگرام ۾ شرڪت ان ڳالهه جي پڪي گواهي ڏئي رهي آهي ته هو شهيد هوش محمد شيدي جي شهادت جي نان تي سنڌ جي ايڪتا ۽ آجپي واري راهه تي هلندي خوشي محسوس ڪري رهيون آهن۔

550278_10150700555953216_794048215_9470676_1010869580_n.jpg

ٻه سنڌي نياڻيون ناقص تعليمي پاليسي، دهشت گردي، امن جي اڻاٺ، تعليمي ادارن ۾ بي راه روي، سوسائٽي جي نالي تي بي حيائي جي خلاف هڪ زبردست ٽيبلو ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۔هن ۾ هڪڙي نياڻي ته سنڌي شيدي آهي ۽ ٻي نياڻي مُرڪ سمون آهي، مونکي جڏهن خبر پئي ته مُرڪ سمون اسان کان هميشهه لا وڇڙي ويل اسان جي کاهوڙي ۽ جاکوڙي دوست مرحوم عاجز سمون جي نياڻي آهي ته دل مان بي اختيار هن نياڻي لا دعائون نڪتيون ٽيبلو ختم ٿيڻ کانپو مون ساڻس سندس بابا سائين عاجز سمون جي وڇوڙي جي تعزيت ڪئي ۽ کيس سنڌ سلامت جا سال 2012 ع وارا ڪيلينڊر پڻ ڏنا۔​
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

هوش محمد شيدي هڪ بهادر، غيرت مند سنڌ جو سپاهي هو۔هي ٽالپر فوج جو ليڊر هو ۽ حڪومت برطانيه جي خلاف مياڻي ۽ دٻي ۾ خوب لڙيو۔هوش محمد شيدي وارا قمبراڻي ذات جا سڏيا ويندا آهن ۽ گهر ۾ سرائڪي پڻ ڳالهائيندا آهن۔ ۽ هوش محمد شيدي جو جڳ مشهور سرائڪي نعارو اوهان به ٻڌو هوندو۔۔۔۔ مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون۔۔۔۔سنڌ سلامت جا ساٿيو هوش محمد شيدي سنڌ جو هڪ اهڙو ڪردار رهيو آهي جنهن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون هميشه ناز ڪندا رهيا آهن ۽ ناز ڪندا رهندا۔ هوش محمد شيدي تي محققن لکيو آهي مگر اهو به تمام گهٽ لکيو ويو آهي، جنهن تي ڪم ٿيڻ لازمي آهي ۽ اميد آهي ته ڪي اهڙا جوڌا ۽ جاکوڙي هن ميدان ۾ ايندا جيڪي هوش محمد جي زندگي تي تحقيقي ڪم ڪندا۔۽ سندس مڪمل سوانح ۽ خاندان بابت ڪا تحقيقي تاريخ سامهون آڻيندا۔
سنڌ سلامت جا ساٿيو۔۔اسان جي سنڌ جو هڪ جاکوڙي ساٿي محترم سائين نثار احمد ناز صاحب سنڌ جي ههئڙين شخصيتن کي اجاگر ڪرڻ لاء ڏينهن رات هڪ ڪري محنتون ڪري وڏي ڪم واريون رپورٽون تيار ڪري اسان تائين پهچائي ٿو جنهن لاء منهنجي طرفان کيس ٻنهي هٿن سان سلام پيش آهي، ( سائين توهان جو نئون موبائل نمبر به مليو جنهن لاء پڻ مان توهان جو شڪرگذار آهيان )
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

هوش محمد شيدي هڪ بهادر، غيرت مند سنڌ جو سپاهي هو۔هي ٽالپر فوج جو ليڊر هو ۽ حڪومت برطانيه جي خلاف مياڻي ۽ دٻي ۾ خوب لڙيو۔هوش محمد شيدي وارا قمبراڻي ذات جا سڏيا ويندا آهن ۽ گهر ۾ سرائڪي پڻ ڳالهائيندا آهن۔ ۽ هوش محمد شيدي جو جڳ مشهور سرائڪي نعارو اوهان به ٻڌو هوندو۔۔۔۔ مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون۔۔۔۔سنڌ سلامت جا ساٿيو هوش محمد شيدي سنڌ جو هڪ اهڙو ڪردار رهيو آهي جنهن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون هميشه ناز ڪندا رهيا آهن ۽ ناز ڪندا رهندا۔ هوش محمد شيدي تي محققن لکيو آهي مگر اهو به تمام گهٽ لکيو ويو آهي، جنهن تي ڪم ٿيڻ لازمي آهي ۽ اميد آهي ته ڪي اهڙا جوڌا ۽ جاکوڙي هن ميدان ۾ ايندا جيڪي هوش محمد جي زندگي تي تحقيقي ڪم ڪندا۔۽ سندس مڪمل سوانح ۽ خاندان بابت ڪا تحقيقي تاريخ سامهون آڻيندا۔
سنڌ سلامت جا ساٿيو۔۔اسان جي سنڌ جو هڪ جاکوڙي ساٿي محترم سائين نثار احمد ناز صاحب سنڌ جي ههئڙين شخصيتن کي اجاگر ڪرڻ لاء ڏينهن رات هڪ ڪري محنتون ڪري وڏي ڪم واريون رپورٽون تيار ڪري اسان تائين پهچائي ٿو جنهن لاء منهنجي طرفان کيس ٻنهي هٿن سان سلام پيش آهي، ( سائين توهان جو نئون موبائل نمبر به مليو جنهن لاء پڻ مان توهان جو شڪرگذار آهيان )

ادا ممتاز علي وگهيا شال جُڙيو هُجين : سائين توهان بلڪل سچ ٿا چئو ته شهيد هوش محمد شيدي سنڌ جي تاريخ جو اهو بي ڊپو ڪردار آهي جنهن هلان ڪري سنڌ تي قابض ٿيڻ وارن انگريزن کي للڪاريو ۽ سنڌ جي آجپي عيوض موت قبوليو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ هميشهه هميشهه لا زنده ٿي ويو، اسان جي سنڌ جي هيروز ۾ هوشو شيدي شهيد جو نان امر آهي۔ توهان سچ ٿا چئو ته شهيد هوش محمد شيدي جي بهادر ڪردار تي باقائده اڃان گهڻو ڪجهه لکڻ جي ضرورت آهي، اسان سنڌي پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارن کي سنڌي ڏاهن کي توهان جي توسط سان گُذارش ڪنداسين ته هو اڳتي اچي سورهيه جنرل هوش محمد شيدي شهيد جي ڪردار تي پي ايڇ ڊي ڪري سنڌي قوم کي جنرل هوش محمد شيدي شهيد جي تاريخي ڄاڻ سان آشناس ڪرائي اميد ته اسان جا سنڌ ڏاها دوست اسان جي انهي غريباڻي گُذارش تي ڌيان ڌريندا۔ لک لائق ادا، سلام مونکي نه ڪندا ڪريو مان ته سنڌ ڌرتي جو هڪڙو ادنى صفا لاچار بندو آهيان پر سلام ڪريو سنڌ جي سرويچ پُٽ شهيد هوش محمد شيديءَ کي جنهن جيجل ڌرتيءَ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي ۽ هميشهه لاءِ امر ٿي ويو ۔ توهان جي مهرباني ادا ممتاز۔
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

ڪُجهه دل چوي ٿي ته شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي واري تقريبن جون اڃان به تصويرون ونڊ ڪريان

558381_10150700538588216_794048215_9470552_397902727_n.jpg


522704_10150700554163216_794048215_9470658_1006752614_n.jpg


539006_10150700553218216_794048215_9470649_1399214633_n.jpg


550797_10150700555508216_794048215_9470672_1369034837_n.jpg

شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي جي موقعي تي ٽيبلو جا ڪردار پنهنجي زبردست پرفارمنس ذريعي ڇانئجي ويا۔

556035_10150700556668216_794048215_9470683_1765340361_n.jpg

هي ادا ذوالفقار شام چشمي وارو ۽ سندس دوست آهن ادا ذوالفقار شام ڪافي وقت پهرين بدين شهر کان هڪڙي سنڌي ويب سائٽ سنڌي لائف ڊاٽ ڪام لائونج ڪئي هُئي، سندس چوڻ آهي ته هن اڪيلي سر اها ويب سائٽ تڏهن لائونج ڪئي هُئي جڏهن هو اٺين درجي ۾ پڙهندو هو، اڪيلي هُئڻ ڪري ان ويب سائٽ کي جاري نه رکي سگهيو هن ڀيري هو هڪڙي ٻي ويب سائٽ آن لائن ڊاٽ ڪام تي ڪم ڪري رهيو آهي، اها سنڌ سلامت وارن جي خوشنصيبي آهي ته هو اڄ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو ميمبر به ٿي ويو آهي۔ مون کيس شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي ۾ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو سال 2012ع جو تحفي طور ڪيلينڊر به ڏنو۔

523393_10150700558008216_794048215_9470694_1325914883_n.jpg


303376_10150700556833216_794048215_9470685_1623470174_n.jpg


559473_10150700556743216_434980027_n.jpg


554260_10150700557493216_794048215_9470690_1656684394_n.jpg

مٿين ٽنهي تصويرن ۾ سنڌ جا سنڌي شيدي فنڪار صفدر عباس ، طاهر مٺو ۽ جانب علي بلاولي نمايان آهن

527247_10150700559023216_794048215_9470703_682495023_n.jpg

هڪڙي سنڌي شيدي نياڻي صبا بلاولي ايڊوڪيٽ کي چادر جو تحفو اوڊايو​
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

سنڌ جي امر شهيد جرنيل هوش محمد شيدي جيڪو مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون نعري جو خالق هجڻ سان گڏ سنڌ تان قربان ٿيو کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا۔ سنڌ جي شيدي برادري کي شابسون هجن جو هنن سنڌ جي امر شخصيت کي ياد رکيو۔ جيتو ڻيڪ هو سڄي سنڌ جو قومي هيرو آهي پر خبر ناهي ڇو اسان جا ادارا کيس وساري ويٺا آهن۔

سائين نثار ناز کي لک شاباسون هجن جنهن هن بهترين پروگرام جي رپورٽ اسان سان ونڊ ڪري هوش محمد شيدي جي ياد ڏياري۔
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

ڪجهه وڌيڪ تصويرون عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسيجو

546211_10150700486293216_794048215_9470337_360160951_n.jpg

سنڌ سلامت جو جهونو ڏاڏو پوڙهو نثاراحمدناز هن ورسي واري تقريب کي خصوصي طور ڪور ڪرڻ لا ٽنڊو محمد خان کان ڪهي آيو

530320_10150700522413216_794048215_9470462_286116682_n.jpg

سنڌ سلامت جو ميمبر ادا امين سمون ۽ سندس دوست محترم خالد نظاماڻي صاحب پڻ هن ورسي واري تقريب ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي

528139_10150700522813216_794048215_9470465_957183840_n.jpg

اي جي فقير عرف شينهن سمون ڪم کي کڻيو بيٺو هو

534195_10150700544968216_794048215_9470580_460240410_n.jpg

هن ورسي واري تقريب ۾ ٻن بزرگ سنڌي شيدين جي شرڪت سڀني کي تمام سُٺي لڳي رهي هُئي

557714_10150700545908216_794048215_9470590_586655196_n.jpg


306549_10150700556933216_794048215_9470686_1271668826_n.jpg


560358_10150700559513216_794048215_9470707_1018571964_n.jpg

ماشاالله سنڌي شيدي ڀائر ۽ ڀينرون شهيد هوش محمد شيدي جي هن ورسي واري تقريب کي چار چنڊ لڳائي رهيا هُئا

375152_10150700571043216_794048215_9470757_1748936914_n.jpg


522502_10150700561938216_65366594_n.jpg


532736_10150700561793216_794048215_9470727_320651850_n.jpg

شهيد هوش محمد شيدي هڪ چمڪندڙ تارو جي عنوان سان هي سنڌي نياڻيون هڪڙو ٽيبلو پيش ڪري رهيون آهن ، هنن سنڌي نياڻين جي ڀرپور پرفارمنس ورسي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن هزارين عورتن ۽ مردن کي بي اختيار تاڙيون وڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو​
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

ادا نثار ناز اوهان جا وڏا وڙ جو اوهان اهڙي تاريخي ڪردار جي هن تاريخي پروگرام بابت ونڊ ڪري اسان کي به ڄڻ هن پروگرام ۾ شريڪ ڪري ڇڏيو
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

ادا نثار ناز اوهان جا وڏا وڙ جو اوهان اهڙي تاريخي ڪردار جي هن تاريخي پروگرام بابت ونڊ ڪري اسان کي به ڄڻ هن پروگرام ۾ شريڪ ڪري ڇڏيو
ادا يونس ملڪاڻي صاحب لک لائق جو توهان کي اسان جي هي غريباڻي ونڊ پنهنجي دل وٽان لڳي ۽ توهان کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ توهان هن تقريب ۾ شريڪ ٿيا هُجو توهان جا قرب آهن جو قدم قدم تي اسان جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ڪريو ٿا۔ مهربانيون ادا۔
 
جواب: عظيم سنڌي جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي 169هين ورسي ملهائي وئي

هميشه جيان سائين جن جي هي به تمام بهترين رپورٽ
 
Back
Top