غزل
رضا بخاري
کيس محبوبَ هو چيو ”صحرا“
۽ اُهو شخصُ ٿي ويو صحرا
عڪسُ پنهنجو ڏسي پيس ڇرڪي
آئيني ۾ سُتل هيو صحرا
چند ڳوڙها پيئڻ جي لئه آيو
۽ اکين ۾ ٽِڪي پيو صحرا
وقت بي وقت ٿا رڙن مون ۾
بي چئي پياس، بي چيو صحرا
رات ڪهڙي وسي وئي بارش!
جنهن سڄي شهرَ کي ڪيو صحرا
رضا بخاري
کيس محبوبَ هو چيو ”صحرا“
۽ اُهو شخصُ ٿي ويو صحرا
عڪسُ پنهنجو ڏسي پيس ڇرڪي
آئيني ۾ سُتل هيو صحرا
چند ڳوڙها پيئڻ جي لئه آيو
۽ اکين ۾ ٽِڪي پيو صحرا
وقت بي وقت ٿا رڙن مون ۾
بي چئي پياس، بي چيو صحرا
رات ڪهڙي وسي وئي بارش!
جنهن سڄي شهرَ کي ڪيو صحرا
