• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رضا بخاري کيس محبوبَ هو چيو ”صحرا“ ، ۽ اُهو شخصُ ٿي ويو صحرا (رضا بخاري)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

رضا بخاري


کيس محبوبَ هو چيو ”صحرا“
۽ اُهو شخصُ ٿي ويو صحرا

عڪسُ پنهنجو ڏسي پيس ڇرڪي
آئيني ۾ سُتل هيو صحرا

چند ڳوڙها پيئڻ جي لئه آيو
۽ اکين ۾ ٽِڪي پيو صحرا

وقت بي وقت ٿا رڙن مون ۾
بي چئي پياس، بي چيو صحرا

رات ڪهڙي وسي وئي بارش!
جنهن سڄي شهرَ کي ڪيو صحرا

34pfhwj.jpg
 
جواب: کيس محبوبَ هو چيو ”صحرا“ ، ۽ اُهو شخصُ ٿي ويو صحرا (رضا بخاري)

لا جواب ونڊ۔۔۔۔
 
جواب: کيس محبوبَ هو چيو ”صحرا“ ، ۽ اُهو شخصُ ٿي ويو صحرا (رضا بخاري)

ان ۾ ڪو شۡڪ نه آھِي ته قبله سائين رضا بخاري صاحب جن جو شمار اڄ جي نھايت ئي بھترين، پختي ۽ پھرين درجي جي شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو۔ سائين جي ھر غزل ۾ نواڻ ۽ پختگي جا سمورا گڻ ھوندا آھن۔ مون وٽ لفظ ئي نه آھن جو سائين جي شاعري جي شان ۾ عرض ڪيان۔ سائين جي شاعري تي ڪيمينٽس ڏيڻ معني سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي برابر آھي
 
جواب: کيس محبوبَ هو چيو ”صحرا“ ، ۽ اُهو شخصُ ٿي ويو صحرا (رضا بخاري)

اکين ۾ صحرا، دل ۾ صحرا، آرسيءَ ۾ صحرا، شهر صحرا، مطلب ته ڪائنات صحرا ۔۔۔۔ هاڻ جيڪڏهن جنهن ڪردار جي ڪائنات ئي صحرا هجي ته ڇا چئجي ؟۔۔۔۔۔ ڪو وڏيءَ دل وارو ئي ان صحرا کي پار ڪري يا وري ڪو سخت جان ئي هوندو جو ان صحرا مان نڪري ايندو نه ته ۔۔۔۔۔

آخرت

سهڻا لفظ ۽ پيشڪش به جاندار
 
Back
Top