پيارا ڀا عبدالواحد سومرا واقعي تون آهين ته لاکيڻي لطيف جي نگري ڀٽ شاهه جو پر تنهنجو ڏس پتو ڀٽ شاهه کان وڌيڪ سنڌ جي شهر سکر جي آس پاس ۾ ملندو آهي، هاڻي سکر پهچندي پهچندي سنڌ سلامت جو جهونو گُذاري ويندو ان هوندي به تون حُڪم ڪر پيارا هي نثار ناز سيلاني فقير بڻجي پهچي ويندو ۽ ڪيلينڊر ڏيڻ سان گڏ توهان جي خدمت ڪري پنهنجو فرض نڀائيندو حڪم ڪر سومرا
سجاول ۾ ڪجهه ڏات ڌڻين کي هي ڪيلينڊر ڏنا هُئا ان جون تصويرون توهان سان ونڊيان ٿو
ڪتاب عڪس گل جي مهورت جي موقع تي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز ڪتاب عڪس گل جي تخليق ڪاره محترما سيد گُل بي بي شاهه کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ڏيئي رهيو آهي (تاريخ 31 مارچ 2012) ڇنڇر جو ڏينهن سجاول شهر : رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز)
ڪتاب ڪلا جي ڪائنات ۾ جي تخليق ڪار محترم اياز امر شيخ کي سجاول شهر ۾ سندس ڪتاب ڪلا جي ڪائنات ۾ جي مهورت جي موقعي تي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز سنڌ سلامت جي سوکڙي ڪيلينڊر 2012 تحفي طور ڏئي رهيو آهي (رپورٽ نثاراحمدناز تصويرون نثاراحمدناز 31 مارچ 2012)(سجاول شهر ضلع ٺٽو)
سنڌي شاعريءَ جي ڪتاب سُڏڪا سُڏڪا سنڌ جي سرجڻهار محترم عبد سنڌي کي سجاول شهر ۾ سندس ڪتاب سُڏڪا سُڏڪا سنڌ جي مهورت جي موقعي تي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز سنڌ سلامت 2012 جو ڪيلينڊر سوکڙيءَ طور ڏيئي رهيو آهي.(رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز 31 مارچ 2012)
ڪتاب اڃان سنڌ ڪاري ويس ۾ جي تخليق ڪار سورج سجاولي کي سنڌ سلامت جو جهونو سجاول شهر ۾ سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ڏيئي رهيو آهي
سجاول شهر ۾ چئن ڏات ڌڻين جي ڪتابن جي مهورت ۾ سنڌ مشهور شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي پڻ اعزازي مهمان جي حيثيت سان شريڪ ٿي هُئي ان کي به سنڌ سلامت جي جهوني سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 تحفي طور ڏنو
سنڌ جي مخصوص انداز بيان جي حوالي سان ڄاتل سُڃاتل شاعر مرحوم محمد خان مجيدي جي نياڻي سانئڻ مريم مجيد جيڪا پاڻ خود شاعره جي حيثيت سان پوري سنڌ ۾ ڄاتي ۽ سُڃاتي وڃي ٿي کي پڻ سجاول ۾ چئن ڪتابن جي مهورت واري موقعي تي سنڌ سلامت جي جهوني سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 تحفي طور ڏنو
سنڌ جي لاڙ پٽ جي شهر بدين جي گولاڙچي شهر جو سنڌ جي موجوده دور جو سچل سرمد شاعر سائين حافظ محمد نظاماڻي کي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز سنڌ سلامت جي سوکڙي ڪيلينڊر 2012 ڏئي تمام گهڻو سرهو نظر اچي رهيو آهي(رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز 31 مارچ 2012 سجاول شهر)
محترم رسول بخش تميمي صاحب اهو سنڌي ڏاهو آهي جنهن بنا نقطن جي شاعري جو ڪتاب تخليق ڪيو ۽ ان جي صلي ۾ کيس مڃتا طور صدارتي ايوارڊ مليو هو ان کي سنڌ سلامت جو جهونو سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ڏئي رهيو آهي (سجاول شهر ضلع ٺٽو سنڌ)
فيس بُڪ جي حوالي سان ڄاتل ۽ سُڃاتل محبتي دوست سارنگ چانڊيو کي پڻ سجاول شهر ۾ سنڌ سلامت جي جهوني سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 سوکڙي طور ڏنو
سنڌ جي بهترين فنڪار الهڏنو خاصخيلي کي سنڌ سلامت جي جهوني سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012ع محبتن جي تحفي طور ڏنو (سجاول شهر ٺٽو سنڌ)