• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جا 2012ع وارا ڪيلينڊر اديبن ۽ ڏات ڌڻين تائين پهچايا ويا

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي
گُذريل سمورو هفتو انتهائي مصروف گُذريو انهي پوري هفتي ۾ سنڌ سلامت جا ڪيلينڊر 2012 ضلع
ٺٽي جي شهر سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ضلع جي شهر بُلڙي شاهه ڪريم جيڪو ضلع
ٺٽي جو ويجهو ترين شهر آهي جي ڏات ڌڻين کي پهچائي پنهنجو فرض ادا ڪيم :​
پيش آهن ڪيلينڊر پهچائڻ جون تصويرون

539098_10150723719688216_794048215_9555138_543483180_n.jpg

پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي آف بُلڙي شاهه ڪريم ضلع ٽنڊو محمد خان کي ڪيلينڊر پهچايم

526020_10150723719373216_794048215_9555137_2059873858_n.jpg

تاريخي ڪتاب سٺيا قوم جلد پهريون ۽ ٻيو ۽ تاريخي ڪتاب ڏاڏا سائين جي ليکڪ محترم اميد علي سٺيو آف نائون ميل ڳوٺ ضلع ٽنڊو محمد خان کي ڪيلينڊر 2012 پهچايم​
 
جواب: سنڌ سلامت جا 2012ع وارا ڪيلينڊر اديبن ۽ ڏات ڌڻين تائين پهچايا ويا

سائين ماشاءَ الله بهترين ڪم، پر شايد گهڻين مصروفيتن سبب دير سان پهچائي سگهيا آهيو، يا وري ونڊڻ ۾ دير ٿي وئي آهي، بحرحال سلام اوهان کي۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جا 2012ع وارا ڪيلينڊر اديبن ۽ ڏات ڌڻين تائين پهچايا ويا

سائين تمام سٺو ڪم ڪيو اٿئو، اميد ته اوهان جي هن ڪم کي ڏسندي ٻيا ميمبر به اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺندا
 
جواب: سنڌ سلامت جا 2012ع وارا ڪيلينڊر اديبن ۽ ڏات ڌڻين تائين پهچايا ويا

سائين تمام سٺو ڪم ڪيو اٿئو، پر ڀٽ شاھ به پري ڪو نه ھيو۔۔
ان بھاني سان اسان کي به اوھان جي خدمت جو شرف حاصل ٿي وڃي ھا
 
جواب: سنڌ سلامت جا 2012ع وارا ڪيلينڊر اديبن ۽ ڏات ڌڻين تائين پهچايا ويا

سائين تمام سٺو ڪم ڪيو اٿئو، پر ڀٽ شاھ به پري ڪو نه ھيو۔۔
ان بھاني سان اسان کي به اوھان جي خدمت جو شرف حاصل ٿي وڃي ھا

پيارا ڀا عبدالواحد سومرا واقعي تون آهين ته لاکيڻي لطيف جي نگري ڀٽ شاهه جو پر تنهنجو ڏس پتو ڀٽ شاهه کان وڌيڪ سنڌ جي شهر سکر جي آس پاس ۾ ملندو آهي، هاڻي سکر پهچندي پهچندي سنڌ سلامت جو جهونو گُذاري ويندو ان هوندي به تون حُڪم ڪر پيارا هي نثار ناز سيلاني فقير بڻجي پهچي ويندو ۽ ڪيلينڊر ڏيڻ سان گڏ توهان جي خدمت ڪري پنهنجو فرض نڀائيندو حڪم ڪر سومرا
سجاول ۾ ڪجهه ڏات ڌڻين کي هي ڪيلينڊر ڏنا هُئا ان جون تصويرون توهان سان ونڊيان ٿو

427940_10150718171413216_794048215_9535602_1186949761_n.jpg

ڪتاب عڪس گل جي مهورت جي موقع تي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز ڪتاب عڪس گل جي تخليق ڪاره محترما سيد گُل بي بي شاهه کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ڏيئي رهيو آهي (تاريخ 31 مارچ 2012) ڇنڇر جو ڏينهن سجاول شهر : رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز)

557787_10150718171663216_794048215_9535604_1881333208_n.jpg

ڪتاب ڪلا جي ڪائنات ۾ جي تخليق ڪار محترم اياز امر شيخ کي سجاول شهر ۾ سندس ڪتاب ڪلا جي ڪائنات ۾ جي مهورت جي موقعي تي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز سنڌ سلامت جي سوکڙي ڪيلينڊر 2012 تحفي طور ڏئي رهيو آهي (رپورٽ نثاراحمدناز تصويرون نثاراحمدناز 31 مارچ 2012)(سجاول شهر ضلع ٺٽو)

306197_10150718172253216_794048215_9535606_1431570483_n.jpg

سنڌي شاعريءَ جي ڪتاب سُڏڪا سُڏڪا سنڌ جي سرجڻهار محترم عبد سنڌي کي سجاول شهر ۾ سندس ڪتاب سُڏڪا سُڏڪا سنڌ جي مهورت جي موقعي تي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز سنڌ سلامت 2012 جو ڪيلينڊر سوکڙيءَ طور ڏيئي رهيو آهي.(رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز 31 مارچ 2012)

541827_10150718172458216_794048215_9535607_2081110292_n.jpg

ڪتاب اڃان سنڌ ڪاري ويس ۾ جي تخليق ڪار سورج سجاولي کي سنڌ سلامت جو جهونو سجاول شهر ۾ سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ڏيئي رهيو آهي

556590_10150718172723216_419402426_n.jpg

سجاول شهر ۾ چئن ڏات ڌڻين جي ڪتابن جي مهورت ۾ سنڌ مشهور شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي پڻ اعزازي مهمان جي حيثيت سان شريڪ ٿي هُئي ان کي به سنڌ سلامت جي جهوني سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 تحفي طور ڏنو

538916_10150718173333216_794048215_9535611_1604885956_n.jpg

سنڌ جي مخصوص انداز بيان جي حوالي سان ڄاتل سُڃاتل شاعر مرحوم محمد خان مجيدي جي نياڻي سانئڻ مريم مجيد جيڪا پاڻ خود شاعره جي حيثيت سان پوري سنڌ ۾ ڄاتي ۽ سُڃاتي وڃي ٿي کي پڻ سجاول ۾ چئن ڪتابن جي مهورت واري موقعي تي سنڌ سلامت جي جهوني سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 تحفي طور ڏنو

528987_10150718173568216_794048215_9535613_1809028186_n.jpg

سنڌ جي لاڙ پٽ جي شهر بدين جي گولاڙچي شهر جو سنڌ جي موجوده دور جو سچل سرمد شاعر سائين حافظ محمد نظاماڻي کي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز سنڌ سلامت جي سوکڙي ڪيلينڊر 2012 ڏئي تمام گهڻو سرهو نظر اچي رهيو آهي(رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز 31 مارچ 2012 سجاول شهر)

532249_10150718173798216_794048215_9535614_1846816028_n.jpg

محترم رسول بخش تميمي صاحب اهو سنڌي ڏاهو آهي جنهن بنا نقطن جي شاعري جو ڪتاب تخليق ڪيو ۽ ان جي صلي ۾ کيس مڃتا طور صدارتي ايوارڊ مليو هو ان کي سنڌ سلامت جو جهونو سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ڏئي رهيو آهي (سجاول شهر ضلع ٺٽو سنڌ)

524085_10150718175348216_794048215_9535623_555984137_n.jpg

فيس بُڪ جي حوالي سان ڄاتل ۽ سُڃاتل محبتي دوست سارنگ چانڊيو کي پڻ سجاول شهر ۾ سنڌ سلامت جي جهوني سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 سوکڙي طور ڏنو

533347_10150718174288216_794048215_9535618_960248197_n.jpg

سنڌ جي بهترين فنڪار الهڏنو خاصخيلي کي سنڌ سلامت جي جهوني سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012ع محبتن جي تحفي طور ڏنو (سجاول شهر ٺٽو سنڌ)​
 
جواب: سنڌ سلامت جا 2012ع وارا ڪيلينڊر اديبن ۽ ڏات ڌڻين تائين پهچايا ويا

پيارا ڀا عبدالواحد سومرا واقعي تون آهين ته لاکيڻي لطيف جي نگري ڀٽ شاهه جو پر تنهنجو ڏس پتو ڀٽ شاهه کان وڌيڪ سنڌ جي شهر سکر جي آس پاس ۾ ملندو آهي، هاڻي سکر پهچندي پهچندي سنڌ سلامت جو جهونو گُذاري ويندو ان هوندي به تون حُڪم ڪر پيارا هي نثار ناز سيلاني فقير بڻجي پهچي ويندو ۽ ڪيلينڊر ڏيڻ سان گڏ توهان جي خدمت ڪري پنهنجو فرض نڀائيندو حڪم ڪر سومرا
سجاول ۾ ڪجهه ڏات ڌڻين کي هي ڪيلينڊر ڏنا هُئا ان جون تصويرون توهان سان ونڊيان ٿو

[/CENTER]

سائين نثار احمد ناز صاحب اسان کي واقعي ناز آھي اوھان تي جو توھان ھن عمر ۾ سنڌي ٻولي لا۽ ايڏو جاکوڙيو ٿا۔
باقي آئون ھر ڇنڇر ۽ آچر تي ڀٽ شاھ ۾ موجود ھوندو آھيان۔ بس اچڻ کان پھرين ھڪ ڪال ڪري انفارم ڪندا ته بندو اوھان جي خدمت ۾ اچي پيش پوندو۔ رھي ڳالھ ڪيلينڊرس جي ته ادا سليمان وساڻ صاحب کي مولا حياتي ڏئي۔ جنھن مون ڏانھن به ڪجھ موڪليا پر سچ پڇو سڀ جا سڀ دوست کڻي ويا۔
 
جواب: سنڌ سلامت جا 2012ع وارا ڪيلينڊر اديبن ۽ ڏات ڌڻين تائين پهچايا ويا

محترم نثار ناز صاحب ۔اسلام عليڪم۔توهان جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي،جو طبيعت جي ناسازي جي باوجود به تڪليفون کي منهن ڏئي نه رڳو سفر ڪندا ٿا رهو ،پر اسان جي هن محبتي اڳڻ جو پيغام ڪلينڊر جي شڪل ۾ ماڻهن سان نه رڳو ونڍ ٿا ڪيو پر۔انهي وقت نڪتل ڦوٽو پنهنجي لکڻ جي خوبصورت انداز ۾ هن ڪينئوس تي پيش ٿا ڪيو۔جيڪڏهن انهن ڏاهن ماڻهن ،جن کي اوهان ڪلينڊر ڏنا کي اسان جي محترم ميمبرن جون اهئي ڪاوشون پسند آيون ته لک قرب ٿئي ويندا ۽ ڪلينڊر ڇپرائڻ جو اصل مقصد،جيڪو سنڌي ٻولي کي فروغ ڏيڻو آهي،حاصل ٿئي ويندو۔اسان کي يقين آهي ته ڪلينڊر ڏسڻ کانپوء،اُهئي ڏاها ضرور اسان جي فورم جو ڀيرو ڀريندا۔۽ رهنمائي ڪندا۔توهان جون مهربانيون
 
جواب: سنڌ سلامت جا 2012ع وارا ڪيلينڊر اديبن ۽ ڏات ڌڻين تائين پهچايا ويا

سائين نثار ناز سلام

سنڌ سلامت کي سڄاڻ دوستن تائين پهچائڻ ۾ اوهان جو اهم ڪردار رهيو آهي۔ اوهان سنڌ سلامت جا ڪيلينڊر هميشه وانگر سنڌ جي اهم شخصيتن تائين پهچايا آهن اها اوهان ۽ سنڌ سلامت جي ڪاميابي آهي۔ مونکي خوشي به ٿي جو سنڌ جي چئن ڪتابن جي مهورت هڪ ئي وقت ، هڪ ئي پروگرام ۾ ٿي۔

شال سدا خوش رهو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ سلامت جا 2012ع وارا ڪيلينڊر اديبن ۽ ڏات ڌڻين تائين پهچايا ويا

محترم نثار ناز صاحب ۔اسلام عليڪم۔توهان جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي،جو طبيعت جي ناسازي جي باوجود به تڪليفون کي منهن ڏئي نه رڳو سفر ڪندا ٿا رهو ،پر اسان جي هن محبتي اڳڻ جو پيغام ڪلينڊر جي شڪل ۾ ماڻهن سان نه رڳو ونڍ ٿا ڪيو پر۔انهي وقت نڪتل ڦوٽو پنهنجي لکڻ جي خوبصورت انداز ۾ هن ڪينئوس تي پيش ٿا ڪيو۔جيڪڏهن انهن ڏاهن ماڻهن ،جن کي اوهان ڪلينڊر ڏنا کي اسان جي محترم ميمبرن جون اهئي ڪاوشون پسند آيون ته لک قرب ٿئي ويندا ۽ ڪلينڊر ڇپرائڻ جو اصل مقصد،جيڪو سنڌي ٻولي کي فروغ ڏيڻو آهي،حاصل ٿئي ويندو۔اسان کي يقين آهي ته ڪلينڊر ڏسڻ کانپوء،اُهئي ڏاها ضرور اسان جي فورم جو ڀيرو ڀريندا۔۽ رهنمائي ڪندا۔توهان جون مهربانيون
محترم ڀا غلام مصطفى ميمڻ توهان جون مهربانيون آهن جو هميشه اسان جي غريباڻي ڪاوشن تي توهان پسنديدگي وارا ڪامينٽس لکندا آهيو ادا جيستائين سسيءَ ۾ ساهه اٿم سنڌ سلامت سان ناتو نڀائندو رهندس ڪيلينڊر 2012 دوستن ڀائرن ۽ ڀينرن تائين پهچائڻ منهنجي فرضن ۾ شمار آهي هي هڪ ٻه وڌيڪ تصويرون آهن سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012ع جي باري ۾ اميد ته پسند اينديون

548377_10150736084593216_794048215_9601731_1857389304_n.jpg


580881_10150736095738216_794048215_9601800_128251270_n.jpg

مسز فرح بلوچ ايڇ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان ۾ سينئر سوشل آرگنائزير آهي سنڌ سلامت 2010ع واري ڪيلينڊر تي محترما فرح بلوچ جي ڪامينٽس کي اهو اعزاز حاصل آهي ته يو ٽيوب تي سنڌ سلامت جي حوالي سان سڀ کان زياده ڏسندڙ 16 هزار ماڻهن کان مٿي ڏسندڙ ويور محترما فرح بلوچ جي 2010 واري وڊيو کي يو ٽيوب تي ڏسي چُڪا آهن سال 2011 وارو ڪيلينڊر محترما فرح بلوچ صاحبه کي ڏئي ڪونه سگهيس هيل محترما فرح بلوچ کي 2012 ڪيلينڊر ڏيڻ... جڏهن سندس آفيس ويس ته هُن مونکي 2011 جي ڪيلينڊر نه ڏيڻ جون ڪافي ساريون ميارون ڏنيون توهان اهو ٻُڌي گهڻا خوش ٿيندا ته محترما فرح بلوچ کان هيل ڪيلينڊر 2012 جو وڊيو انٽرويون به ورتو اٿم جيڪو ايڊيٽنگ جي مرحلي ۾ آهي عنقريب توهان سان شيئر ڪندس في الحال محترما فرح بلوچ کي جيڪو ڪيلينڊر 2012 ڏنم جنهن ۾ هڪ تصوير ۾ محترما فرح بلوچ سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر تمام دلچسپي سان ڏسي رهي آهي (رپورٽ : نثاراحمد ناز. تصويرون اي جي فقير سمون)

محترما فرح بلوچ کان 2010 وارو سنڌ سلامت جي ڪيلينڊر جي باري ۾ انٽرويو هڪ ڀيرو ٻيهر توهان سان ونڊيان پيو

564166_10150736089468216_794048215_9601760_1661801064_n.jpg

ايچ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان جو ضلعي جنرل مينيجر محترم واحد کوسو صاحب کي پڻ سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 ڏنم​
 
جواب: سنڌ سلامت جا 2012ع وارا ڪيلينڊر اديبن ۽ ڏات ڌڻين تائين پهچايا ويا

انتهائي محنت جو ڪم آهي۔۔۔ يقينن توهان هن ڪم کي جنهن کي توهان پنهنجو فرض پيا سمجهو ادا ڪندي تسڪين ضرور ٿيندي هوندي جيڪا توهان جي چهري تي موجود اکين جي چمڪ ۾ پڻ عيان آهي۔۔۔
سنڌ سلامت سان چاهه جي اظهار کي پيش ڪرڻ جو توهان جو انداز هميشه کان اڳرو هوندو آهي۔۔ ايتري تائين جو توهان ڪيترا به ٿڪل هجو يا توهان جي طبيعت ناساز هجي پر پنهنجي ڪم جي ادائگي دوران توهان جي چستي ٻڌائيندي آهي ته سائين نثار ناز اڃان جهونو ناهي ٿيو ۔۔ يقينن توهان جي ڪم جو نتيجو توهان کي وري وري جوان بڻائيندو رهندو آهي۔۔۔
دعا آهي ته سدا خوش، سلامت ۽ ٻهڪندا رهو۔۔۔

محترمه فرح بلوچ جي وڊيو کي واقعي به اهو اعزاز رهيو آهي جيڪو توهان ٻڌايو۔۔ ڇو ته ڪئي دفعا جڏهن مون موبائيل تي به گوگلنگ ڪئي ته سڀ کان پهريان اها ئي وڊيو سامهون آئي۔۔۔ خير محترمه فرح بلوچ جي تازين تصويرن ۾ ته هوءَ بلڪل تبديل ٿيل نظر اچي ٿي۔۔ جي توهان نالو نه کڻون ها ته ڪئي دفعا سندس وڊيو ڏسڻ باوجود کيس سڃاڻي نه سگهجي ها۔۔۔ اميد ته توهان طرفان متعارف ٿيندڙ سندس نئين وڊيو سندس پراڻي وڊيو جو ريڪارڊ ٽوڙيندي۔۔۔
 
Back
Top