هڪ ڪلاڪ جي قيمت

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    هڪ ڪلاڪ جي قيمت[JUSTIFY][/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]هڪ ٿڪل ماڻهون سڄي ڏينهن جي محنت ۽ مشقت ڪرڻ کانپوء رات جو دير سان گهر موٽيو ته هن پنهنجي پنجن سالن جي ننڍڙي پٽ کي دروازي تي هن جو انتظار ڪندي ڏٺو۔پٽ پيء کي واپس دير سان گهر ايندي ڏسي پڇو ته ،[/JUSTIFY][JUSTIFY]بابا مان توهان کان هڪ سوال پڇي سگهن ٿو؟[/JUSTIFY] پيء جواب ڏنو،[JUSTIFY]هاء پٽ پڇ؟[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]پٽ پڇو ،[/JUSTIFY][JUSTIFY]بابا توهان ڪلاڪ ۾ ڪيترا پيسئا پنهنجي پورهئي مان ڪمائيندا آهيو؟[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]پيء جواب ڏنو،[/JUSTIFY][JUSTIFY]ان سان تنهنجو ڪو واسطو نه آهي۔[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]پٽ چيو،[/JUSTIFY][JUSTIFY]بابا مهرباني ڪري ٻڌائيندا،مون کي تمام ِضروري ڪم آهي۔[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]پيء جواب ڏنو،[/JUSTIFY][JUSTIFY]پٽ سوء (100)رپيا هڪ ڪلاڪ ۾ ۔[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]پٽ چيوء،[/JUSTIFY][JUSTIFY]بابا ڇا مان توهان کان پنجاه (50)رپيا آڌار وٺي سگهان ٿو؟[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]پيء ڪاوڙجي تيز لهجي ۾ پٽ کي چيو،[/JUSTIFY][JUSTIFY]فضول ڳالهيون نه ڪر،پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سمهي پوء۔[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]ننڍو ٻارڙو ۔اداس ٿي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ دروازي کي بند ڪري ڇڏيائين۔
    [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]ڪجھ وقت کانپوء پيء جي ڪاوڙ لهي ويئي،هو پٽ جي ڪمري ۾ آيو ۽ چيائين، [/JUSTIFY][JUSTIFY]مون کي افسوس آهي جو توکي دڙڪا ڏنم،هي وٺ پنجاه رپيا جيڪي توکي گهرجن پيا۔[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]پٽ کلي پيء کي جواب ڏنو،[/JUSTIFY][JUSTIFY]توهان جي وڏي مهرباني بابا۔[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]ان کانپوء ٻار ويهاڻي جي هيٺان سڪا ڪڍي ۽ پيء کان مليل پنجاه رپيا ان ۾ ملائي۔پنهنجي پيء کي چيو،[/JUSTIFY][JUSTIFY]بابا مون وٽ هاڻي 100رپيا جمع ٿي ويا آهن،ڇا مان توهانجي ٽائيم مان هڪ ڪلاڪ اوهان کان خريد ڪري سگهن ٿو؟[/JUSTIFY][JUSTIFY]مهرباني ڪري سڀاڻي توهان گهر ڪلاڪ اڳ ۾ اچجو تاڪي مان توهان سان گڏجي رات جي ماني کائي سگهان،ڇاڪاڻ ته توهانجي مصروفيت جي ڪري مان توهان سان ماني ڪڏهن به گڏ نه کائي سگهيو آهيان۔[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]مورل:-[/JUSTIFY][JUSTIFY]مهرباني ڪري انهن ماڻهن کي ٽائيم ڏيو،جيڪي اوهان سان محبت ڪن ٿا ۽ توهانجو خيال رکن ٿا۔[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY][JUSTIFY][JUSTIFY]محترم ميمبرس[/JUSTIFY][/JUSTIFY] هن ليک کي هن محبتي اڳڻ تي چٽڻ جي ضرورت انڪري به پئجي ويئي ،جو اسان جا ڪجه سٺا ۽ ڏاها ميمبر ،جن جا نالا اسان نه ٻڌائينداسين ۽ هو پاڻ سمجهي ويندا،ڪافي وقت کان هن محبتي اڳڻ کي ٽائيم نه پيا ڏين ،جڏهن ته هو فيس بڪ ۽ ٻين سائيٽن تي ڪافي سرگرم نظر اچي رهيا آهن،انهن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي هن ماڳ تي موٽي اچي ،پنهنجي خوبصورت لکڻين ۽ ڪمينٽس سان هن فورم جي آسمان تي وري تارن وانگر جگمگائن۔[/JUSTIFY]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    حاضر ادا سائين ۔۔۔ اجهو اوهان 100 جو بندوبست ڪري رکو ته اسان به حقو پاڻي پاڻ سان گڏ کڻي اچي ڪانڀ ڪڍي ٿا ويهون ۔۔۔۔ ۽ پوِءِ هي اوطاق ۽ اسان اصل ڪون وڃون ۔۔۔۔ بس مڙئي حقي پاڻيءَ جو ۽ عبدالله شاه غازيءَ تان ننگر موڪلرائيندا رهجو ۔۔۔۔۔ ”بک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري“ هههههههههه

    جي مونکي نٿا چئو ته مان به ٻين دوستن سان شڪايت ڪندس ته ٻيلي ائين نه ڪريو ۔۔۔ لائي چت چريو ڪريو ، پاڻ ڪڍي وئين پوءِ ۔۔۔

    هي محبت جي اوطاق آهي جيترو جيڪو وقت ڏئي سگهي، زور زبردستي ناهي ۔۔۔

    ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    سائين هاڻي مسقتل ديرو ڄمائبو
    اميد ته ڪافي دوست سمجهي ويا هوندا

    لاجواب ونڊ آهي سائين

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    ڏاهپ ڀري ڪهاڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پنهنجي پيارن کي وقت ڏيڻ گهرجي، اهي جيڪي اوهان سان محبت ڪن ٿا، اوهان کي چاهين ٿا، اوهان جي سٽن ۽ راين جو شدت سان انتظار ڪن ٿا، اوهان جي لکڻين جو انتظار ڪن ٿا۔ انهن کي چند گهڙيون يا چند لفظ ئي ارپيو ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    منهنجي خيال ۾ ادا اهو مختصر سبق پهرين به شامل ٿيل آهي سنڌ سلامت فورم تي۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    سائين ميمڻ صاحب لاجواب سمجهاڻي، مونکي ته جيترو ٽائيم ملي سگهندو آهي ته آءُ ڪوشش ڪندو آهيان ته اهو هن محبتي اڱڻ تي گذارجي، جو سنڌ سلامت کان اڳ ڪافي سارو وقت ٻين فضول ويب سائيٽن ۽ فورمن تي ضايع ٿي ويندو هو، پر هاڻ الله سائين جي مهرباني کان پوءِ سائين عبد الرشيد سمون صاحب جن ٿورا ڪري ڇڏيا آهن، جو اسان کي هر قسم جي گهربل معلومات هن پياري اڱڻ تي ئي ملي ٿي وڃي.
     
  7. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    ادا تمام بهترين ۽ دل کي هلائيندڙ ڪهاڻي توهان لکي آهي
    واقعي ۾ هن نفسا نفسي جي دور ۾ اسين ايترا ته منجهجي ويا آهيون جو اسان کي اها به خبر نٿي پوي ته ڪو اسان جو انتظار ڪندو هوندو، ڪو اسان جي راه ڏسندو هوندو، ڪو اسان جا به لفظ ٻڌڻ لائي ترسندو هوندو
    اسين اڄ اهو طه ٿا ڪريون ته روزانو محبت ڀريي سٿ سنڌسلامت کي پنهنجي مصروف وقت مان ٿورو وقت ڏينداسين ۽ پنهنجي پيار ۽ مٺڙي ٻولي جي خدمت ڪنداسين انشاالله
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    سبحان الله نهايت سبق آموز قصو بيان ڪيو ويو آهي ، اوهان جو آخري ڪامينٽس نهايت بليغانه انداز جو هو جنهن جي معنى ۾ گهرائي آهي ، مخاطب کي جنهن پياري انداز سان اوهان تڪلم ڪيو آهي هر ڪو ميمبر پاڻ ڏي پيو سمجهي جنهن ۾ آئون پڻ اهو محسوس ٿو ڪريان ته جڻ اوهان مونسان مخاطب آهيو، آئون پڻ ٻين دوستن سان سهمت ٿيندي اها ڪوشش ڪرڻ جو سعيو ڪندس ته انشاء الله سنڌ سلامت لاءِ ضرور وقت ڪڌجي ، اوهان جي وڏي مهرباني جو اهڙي پيار سان ميمبرن کي ياد ڪريو ٿا ، والسلام
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    ادا افتخار صاحب اوهان جي مهرباني جو ڪافي وقت کان پو اڱڻ تي نظر آيا آهيو، اوهان جو سنڌ سلامت تي موجود رهڻ وارو واعدو به ڏاڍو ڀلو لڳو، اميد آهي ته ضرور روزاني ڪٍجه وقت سنڌ سلامت کي ڏيندا ڪريو، اوهان جو ساٿ سٺو لڳندو آهي، اوهان جي نه هجڻ سان اسان سڀئي گهڻي کوٽ محسوس ڪندا آهيون۔
     
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    ادا طاهر اوهان جي وڏي مهرباني ، انشاء الله ڪوشش اهائي رهندي ، دعائن ۾ اسان کي به شامل رکندا
     
  11. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    سڀني محترم ميمبرس کي دل جي گهرائين سان اسلام عليڪم،پيش ڪيون ٿا۔ادا توهانجي ڪمينٽس جنهن ۾ توهان پنهنجي پاڻ سان وعدو ڪيو آهي ته هن محبتي اڳڻ کي پنهنجي مصروفيت مان ٽائيم ڪڍي سهڻن ۽ معلومات سان ڀريل ليکن سان سجائيندا،کي پڙهي سچ پچ ته هن ليک جي اسان کي قيمت ملي ويئي۔الحمدالله 2000 کان وڌيڪ هن فورم جا ميمبر آهن۔پر افسوس سان ٿو چوڻو پوئي ته انهن مان اڪثريت خاموش تماشائين وانگر،هن فورم جو ڀيرو ڀرين ٿا۔انهن کي گذارش آهي ته پنهنجي لکڻين ۽ ڪمينٽس سان پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريندا ڪن،تاڪي گهٽ ۾ گهٽ اهو ته محسوس ٿي سگهي ته هو ٻين ميمبرن جا ليک جيڪي تمام گهڻي محنت ۽ محبت سان هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيا ٿا وڃن کي پڙهن ٿا۔توهان سڀني جون مهربانيون،جو اسان کي پيار ڀري موٽ ڏني اٿو۔


    منزل جي طرف اڪيلاء هلياسين،دوست ملندا ويا ڪاروان ٺهندو ويو۔ان محبتي ڪاروان کي نظر بد ۽ زماني جي تيزي کان بچائجو ۽ پنهنجي همٿن سان روان|جاري رکجو۔ 
     
  12. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ ڪلاڪ جي قيمت

    منزل جي طرف اڪيلاء هلياسين،دوست ملندا ويا ڪاروان ٺهندو ويو۔ان محبتي ڪاروان کي نظر بد ۽ زماني جي تيزي کان بچائجو ۽ پنهنجي همٿن سان روان|جاري رکجو۔

    سائين اوهان سچ چيوآهي اسان به اوهان کي راءِ سان بلڪل سو سيڪڙو متفق آهيون ۽ اسان به ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکنداسين
    ۽ دوستن کي به گزارش آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو