غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
هڪ ڪلاڪ جي قيمت
هن ليک کي هن محبتي اڳڻ تي چٽڻ جي ضرورت انڪري به پئجي ويئي ،جو اسان جا ڪجه سٺا ۽ ڏاها ميمبر ،جن جا نالا اسان نه ٻڌائينداسين ۽ هو پاڻ سمجهي ويندا،ڪافي وقت کان هن محبتي اڳڻ کي ٽائيم نه پيا ڏين ،جڏهن ته هو فيس بڪ ۽ ٻين سائيٽن تي ڪافي سرگرم نظر اچي رهيا آهن،انهن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي هن ماڳ تي موٽي اچي ،پنهنجي خوبصورت لکڻين ۽ ڪمينٽس سان هن فورم جي آسمان تي وري تارن وانگر جگمگائن۔
هڪ ٿڪل ماڻهون سڄي ڏينهن جي محنت ۽ مشقت ڪرڻ کانپوء رات جو دير سان گهر موٽيو ته هن پنهنجي پنجن سالن جي ننڍڙي پٽ کي دروازي تي هن جو انتظار ڪندي ڏٺو۔پٽ پيء کي واپس دير سان گهر ايندي ڏسي پڇو ته ،
بابا مان توهان کان هڪ سوال پڇي سگهن ٿو؟
پيء جواب ڏنو،هاء پٽ پڇ؟
پٽ پڇو ،
بابا توهان ڪلاڪ ۾ ڪيترا پيسئا پنهنجي پورهئي مان ڪمائيندا آهيو؟
پيء جواب ڏنو،
ان سان تنهنجو ڪو واسطو نه آهي۔
پٽ چيو،
بابا مهرباني ڪري ٻڌائيندا،مون کي تمام ِضروري ڪم آهي۔
پيء جواب ڏنو،
پٽ سوء (100)رپيا هڪ ڪلاڪ ۾ ۔
پٽ چيوء،
بابا ڇا مان توهان کان پنجاه (50)رپيا آڌار وٺي سگهان ٿو؟
پيء ڪاوڙجي تيز لهجي ۾ پٽ کي چيو،
فضول ڳالهيون نه ڪر،پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سمهي پوء۔
ننڍو ٻارڙو ۔اداس ٿي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ دروازي کي بند ڪري ڇڏيائين۔
ڪجھ وقت کانپوء پيء جي ڪاوڙ لهي ويئي،هو پٽ جي ڪمري ۾ آيو ۽ چيائين،
مون کي افسوس آهي جو توکي دڙڪا ڏنم،هي وٺ پنجاه رپيا جيڪي توکي گهرجن پيا۔
پٽ کلي پيء کي جواب ڏنو،
توهان جي وڏي مهرباني بابا۔
ان کانپوء ٻار ويهاڻي جي هيٺان سڪا ڪڍي ۽ پيء کان مليل پنجاه رپيا ان ۾ ملائي۔پنهنجي پيء کي چيو،
بابا مون وٽ هاڻي 100رپيا جمع ٿي ويا آهن،ڇا مان توهانجي ٽائيم مان هڪ ڪلاڪ اوهان کان خريد ڪري سگهن ٿو؟
مهرباني ڪري سڀاڻي توهان گهر ڪلاڪ اڳ ۾ اچجو تاڪي مان توهان سان گڏجي رات جي ماني کائي سگهان،ڇاڪاڻ ته توهانجي مصروفيت جي ڪري مان توهان سان ماني ڪڏهن به گڏ نه کائي سگهيو آهيان۔
مورل:-
مهرباني ڪري انهن ماڻهن کي ٽائيم ڏيو،جيڪي اوهان سان محبت ڪن ٿا ۽ توهانجو خيال رکن ٿا۔
محترم ميمبرس