عبدالرحيم
سينيئر رڪن
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو، بلوچستان کانپوءِ سنڌ جي سامونڊي پٽين ۾ پڻ هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي بلديه اعظميٰ امڪاني نقصان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن ملازمن جون موڪلون ختم ڪري ڇڏيون، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر ڊويزنن ۾ برسات جو امڪان آهي جيڪا ڇنڇر تائين جاري رهندي، جڏهن ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي توڙي فشرفوڪ فورم سمنڊ ۾ ويل مهاڻن کي پڻ ڪناري تي پهچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي، موسميات کاتي پاران ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان برساتن جي اڳڪٿي ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي، ٺٽي ۽ کاروڇاڻ سميت ٻي سامونڊي پٽي ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان امڪاني نقصان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بلديه اعظميٰ ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي موسميات کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته سمنڊ ۾ تيز هوائن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ اڄ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر ۾ تيز هوائن سان برساتون پوڻ جو امڪان آهي، اڄ شروع ٿيندڙ برساتون ڇنڇر تائين جاري رهنديون، ان حوالي سان اسان لاڳاپيل اختيارين کي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي، ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي فشر فوڪ فورم جي ترجمان سامي ميمڻ ٻڌايو ته هونئن ته اسان جا مهاڻا مقامي سائنسدان آهن ۽ سمنڊ جي هر موسم کي چڱي ريت سڃاڻين ٿا، مئي، جون ۽ جولاءِ وارا ٽئي مهينا مهاڻا سمنڊ ۾ گهٽ تعداد ۾ ويندا آهن پر هن وقت به 15 هزار مهاڻا مڇي جي شڪار تي ويل آهن جن سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته مهاڻن سان رابطي لاءِ موبائيل ۽ وائرليس استعمال ڪرڻ سميت ريڊيو تي اعلان پڻ هلايا ويندا ته مهاڻا واپس موٽي اچن.