• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو

عبدالرحيم

سينيئر رڪن
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو، بلوچستان کانپوءِ سنڌ جي سامونڊي پٽين ۾ پڻ هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي بلديه اعظميٰ امڪاني نقصان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن ملازمن جون موڪلون ختم ڪري ڇڏيون، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر ڊويزنن ۾ برسات جو امڪان آهي جيڪا ڇنڇر تائين جاري رهندي، جڏهن ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي توڙي فشرفوڪ فورم سمنڊ ۾ ويل مهاڻن کي پڻ ڪناري تي پهچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي، موسميات کاتي پاران ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان برساتن جي اڳڪٿي ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي، ٺٽي ۽ کاروڇاڻ سميت ٻي سامونڊي پٽي ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان امڪاني نقصان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بلديه اعظميٰ ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي موسميات کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته سمنڊ ۾ تيز هوائن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ اڄ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر ۾ تيز هوائن سان برساتون پوڻ جو امڪان آهي، اڄ شروع ٿيندڙ برساتون ڇنڇر تائين جاري رهنديون، ان حوالي سان اسان لاڳاپيل اختيارين کي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي، ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي فشر فوڪ فورم جي ترجمان سامي ميمڻ ٻڌايو ته هونئن ته اسان جا مهاڻا مقامي سائنسدان آهن ۽ سمنڊ جي هر موسم کي چڱي ريت سڃاڻين ٿا، مئي، جون ۽ جولاءِ وارا ٽئي مهينا مهاڻا سمنڊ ۾ گهٽ تعداد ۾ ويندا آهن پر هن وقت به 15 هزار مهاڻا مڇي جي شڪار تي ويل آهن جن سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته مهاڻن سان رابطي لاءِ موبائيل ۽ وائرليس استعمال ڪرڻ سميت ريڊيو تي اعلان پڻ هلايا ويندا ته مهاڻا واپس موٽي اچن.
 
جواب: سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو

پريشان ڪندڙ خبر آهي ، الله تعالى سڻائي ڪندو ،
ضرورت آهي دعائن جو تنهن جو اهتمام ڪيو وڃي ،
 
جواب: سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو

الله سائين منهنجن جهانگيئڙن ڏي خير ڪري۔ ويچارن جون جهوپڙيون ڪڏهن به نه جهرن۔۔۔
 
جواب: سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو

ڪالھ ته الله سائين رحم ڪيو، اڄ ڪراچي ۾ بوندا باندي به ٿي آهي، ۽ هاڻي به موسم جهڙيالي آهي، ڌڻي رحم ڪري۔
 
جواب: سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو

ادا عبدالرحیم آگاھ کرٹ جی مھربانی اللھ پاک پنھنجی بانھن تی ضرور رحم فرمائیندو اسان دعائون گھرون تھا
 
جواب: سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو

الله خير ڪندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اتر سنڌ ۾ ڪڻڪن جا لابارا ٿيل آهن، کجي ۽ انبن کي به نقصان ٿي سگهي ٿو۔

ڪراچي ۾ ڪالهه شام کان رات تائين هلڪي برسات ٿيندي رهي آهي۔ هن وقت ڪراچي جي موسم بلڪل نارمل آهي۔
 
جواب: سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ” ڪنهن لاءِ واڱڻ وائي ته ڪنهن لاءِ بصر بادي“ مطلب ته اهو ساڳيو مينهن ڪن لاءِ رحمت ته ڪن لاءِ زحمت ٿيو پوي ۔۔۔ انڪري جي مينهن نه ٿيڻ جي دعا ڪجي ته جن جي لاءِ ڀلو ٿيڻ وارو هجي اهو نه ٿئي ۽ جي مينهن پوڻ جي دعا ڪجي ته جيڪي مارون ويچارا جهوپن ۾ يا تڪليف ۾ آهن سي وڌيڪ تڪليف ۾ ۔۔۔ ڪن فصلن کي فائدو ته ڪن کي نقصان۔

سو بس الله رحم ڪري ۔۔۔ هر طرف خئير ڪري ۔۔۔

الله جا شڪر،اسانجا ڪجهه دوست سنڌ سلامت تي يا فيسبڪ تي موسمي اهڃاڻ آهن ۔۔۔ هر قسم جي موسم جي شايد موسميات کاتي وارن کان به اڳ خبر پئجي ويندي آهي ۔۔۔ مون ڪالهه فون ڪري گهر وارن کان پڇيو ته موسم ڪيئن آهي مينهن گهڻو ته نه پيو ته گهران پڇا ٿي ته توکي جلد خبر ڪيئن پئي؟ مون چيو نيٽ زنده آباد ۔۔۔

دوستو! الله جي نظام سان انسان جي ڪهڙي پهچ ۔۔؟؟؟ هو ئي هر شئي جو ڄاڻندڙ آهي ۔۔۔ توکي معلوم سڀ ڪا ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان۔

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
 
Back
Top