سپريم ڪورٽ يوسف رضا گيلاني کي نا اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔ اڄ ٻڌايل سزا ۾ سپريم ڪورٽ چيو ته ڪورٽ جي فيصلن کي مذاق سمجهيو پئي ويو۔ هي وزيراعظم کي سڀ کان گهٽ درجي جي سزا ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته کيس قيد جي سزا به ٿي پئي سگهي۔
جيو ٽي وي تي انصار عباسي چيو آهي ته وزير اعظم پنجن سالن لاء نااهل ٿي چڪو آهي جڏهن ته فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته وزير اعظم وٽ اپيل جو حق آهي جيڪو هو استعمال ڪندو۔وزير اعظم ميڊيا سان مختصر گفتگو ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو مناسب ناهي۔ هو انصاف گهرڻ آيو هو ۽ اميد هئي ته قنوني تقاضائون پوريو ڪيون وينديون پر سڀ ڪجهه ان جي برخلاف ٿيو۔