• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وزيراعظم يوسف گيلاني نا اهل ۔۔۔۔ سپريم ڪورٽ پاران فيصلو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سپريم ڪورٽ يوسف رضا گيلاني کي نا اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔ اڄ ٻڌايل سزا ۾ سپريم ڪورٽ چيو ته ڪورٽ جي فيصلن کي مذاق سمجهيو پئي ويو۔ هي وزيراعظم کي سڀ کان گهٽ درجي جي سزا ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته کيس قيد جي سزا به ٿي پئي سگهي۔

جيو ٽي وي تي انصار عباسي چيو آهي ته وزير اعظم پنجن سالن لاء نااهل ٿي چڪو آهي جڏهن ته فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته وزير اعظم وٽ اپيل جو حق آهي جيڪو هو استعمال ڪندو۔وزير اعظم ميڊيا سان مختصر گفتگو ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو مناسب ناهي۔ هو انصاف گهرڻ آيو هو ۽ اميد هئي ته قنوني تقاضائون پوريو ڪيون وينديون پر سڀ ڪجهه ان جي برخلاف ٿيو۔

2dhtr2r.jpg
 
جواب: وزيراعظم يوسف گيلاني نا اهل ۔۔۔۔ سپريم ڪورٽ پاران فيصلو

ادا ٻڌو آهي ته وزير اعظم کي 30 سيڪنڊ لائي قيد ڪيو ويو هو
 
جواب: وزيراعظم يوسف گيلاني نا اهل ۔۔۔۔ سپريم ڪورٽ پاران فيصلو

اهو جج احسان فراموش آهي، هن کان وسري ويو ته هن کي بحال ڪرڻ وارو هن جو محسن هن اڳيان آهي۔
پيپلز پارٽي هڪ ڏاهي سياسي جماعت آهي، وزير اعظم ٽيون ڀيرو عام شهري جيان عدالت ۾ پيش ٿيو، پيپلز پارٽي عدالت جي احترام جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جڏهن ته نواز شريف سجاد شاھ جي وقت عدالت تي حملو ڪرايو هو، بهرحال سڀ سياست آهي، پي پي پنهنجي ساک عروج تي واپس ڪرائي وئي آهي پنهنجي سياسي حڪمت عملي تحت۔۔۔ هي آهن ڀٽي جي تربيت يافته جماعت
 
Back
Top