منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
هونءَ ته دنيا سڄي مالڪ جون نعمتون لڳي پئي آهي، پر خاص ڪري اسان ٺٽي ضلعي وارن جي لاءِ ڪينجهر ڍنڍ به هڪ خوبصورت نعمت آهي. هن وقت انسان ترقيءَ جي آڙ ۾ قدرت جي فطرت کي بگاڙيندو وڃي. هن وقت انسان صرف هڪ فائدي جي ڪوشش ڪري ٿو، پر هڪ فائدي جي پٺيان ڏهه نقصان ٿين ٿا. اُن تي هُن جي اک به نٿي کُلي. اهڙيءَ طرح هڪ تازو مثال ڪينجهر ڍنڍ آهي. ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنڌي تي ترقيءَ جي آڙ ۾ زير تعمير ٿيندڙ وِنڊ پروجيڪٽ جنهن جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، جنهن مان جيڪي نقصان ٿيندا، ان جي گورنمينٽ سنڌ شايد ڪا منصوبابندي نه ڪئي آهي، جنهن جو مثال ونڊ مل جو زهريلو مادو گڏ ٿيڻ آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ پيل طوفاني برسات جي وسيلي سان هرولي واهه جي ذريعي ڪينجهر ۾ داخل ٿيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو 9 ڪلوميٽر جي ايريا تائين ڪينجهر ۾ رهندڙ مڇيون اجل جو شڪار ٿيون. ان سان گڏ جهنگلي جيوت جو به نقصان ٿيو. ياد رهي ته ڪينجهر ۾ اهڙي طرح جا مادا مختلف صورتن ۾ داخل ٿيندا رهن پيا، جن ۾ نوري آباد جي صنعتي علائقن جو زهريلو پاڻي ان سان گڏوگڏ ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ ڄامشورو ضلعي جا زهريلا مادا ڪوٽڙي بيراج جي ٿرو داخل ٿيندا رهن پيا، جنهن سان آهستي آهستي ڪينجهر ۾ تبديلي ٿيندي رهي پئي. پر ايڏي وڏي پيماني تي نقصان نه ٿيڻ جي ڪري گورنمينٽ ڪا به توجهه نه ڏئي رهي آهي. هن وقت به ڪراچيءَ جي ڪري ميڊيا جو توجهه ڪينجهر ڏانهن ٿيو. شايد ڪينجهر تي رهندڙ 60 هزار آبادي ڪا به حيثيت نٿي رکي، ڇو جو ڪينجهر جي عوام ته گورنمينٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته ڪينجهر به منڇر جيان تباهه ٿي ويندي، پر حڪومت سنڌ کي ڪو به کٽڪو ناهي.
سيد بچل شاهه مٽياري/ڪينجهر۔۔۔روزاني ڪاوش تان کنيل
سيد بچل شاهه مٽياري/ڪينجهر۔۔۔روزاني ڪاوش تان کنيل