• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪينجهر تنهنجي ڪنڌي ميري نه ٿئي!

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
هونءَ ته دنيا سڄي مالڪ جون نعمتون لڳي پئي آهي، پر خاص ڪري اسان ٺٽي ضلعي وارن جي لاءِ ڪينجهر ڍنڍ به هڪ خوبصورت نعمت آهي. هن وقت انسان ترقيءَ جي آڙ ۾ قدرت جي فطرت کي بگاڙيندو وڃي. هن وقت انسان صرف هڪ فائدي جي ڪوشش ڪري ٿو، پر هڪ فائدي جي پٺيان ڏهه نقصان ٿين ٿا. اُن تي هُن جي اک به نٿي کُلي. اهڙيءَ طرح هڪ تازو مثال ڪينجهر ڍنڍ آهي. ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنڌي تي ترقيءَ جي آڙ ۾ زير تعمير ٿيندڙ وِنڊ پروجيڪٽ جنهن جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، جنهن مان جيڪي نقصان ٿيندا، ان جي گورنمينٽ سنڌ شايد ڪا منصوبابندي نه ڪئي آهي، جنهن جو مثال ونڊ مل جو زهريلو مادو گڏ ٿيڻ آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ پيل طوفاني برسات جي وسيلي سان هرولي واهه جي ذريعي ڪينجهر ۾ داخل ٿيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو 9 ڪلوميٽر جي ايريا تائين ڪينجهر ۾ رهندڙ مڇيون اجل جو شڪار ٿيون. ان سان گڏ جهنگلي جيوت جو به نقصان ٿيو. ياد رهي ته ڪينجهر ۾ اهڙي طرح جا مادا مختلف صورتن ۾ داخل ٿيندا رهن پيا، جن ۾ نوري آباد جي صنعتي علائقن جو زهريلو پاڻي ان سان گڏوگڏ ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ ڄامشورو ضلعي جا زهريلا مادا ڪوٽڙي بيراج جي ٿرو داخل ٿيندا رهن پيا، جنهن سان آهستي آهستي ڪينجهر ۾ تبديلي ٿيندي رهي پئي. پر ايڏي وڏي پيماني تي نقصان نه ٿيڻ جي ڪري گورنمينٽ ڪا به توجهه نه ڏئي رهي آهي. هن وقت به ڪراچيءَ جي ڪري ميڊيا جو توجهه ڪينجهر ڏانهن ٿيو. شايد ڪينجهر تي رهندڙ 60 هزار آبادي ڪا به حيثيت نٿي رکي، ڇو جو ڪينجهر جي عوام ته گورنمينٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته ڪينجهر به منڇر جيان تباهه ٿي ويندي، پر حڪومت سنڌ کي ڪو به کٽڪو ناهي.
سيد بچل شاهه مٽياري/ڪينجهر۔۔۔روزاني ڪاوش تان کنيل
 
جواب: ڪينجهر تنهنجي ڪنڌي ميري نه ٿئي!

سائين بچل شاهه هڪ اهم ڳالهه ڏانهن توجه ڏياريو آهي۔

مون ڪالهه به ڪٿي ذڪر ڪيو هو ته بغير منصوبا بندي جي ڪيل فيصلا ۽ پراجيڪٽ وڌيڪ فائدو ڏيڻ بجاء ڳچي ۾ پوندا آهن۔ هي به اهڙوئي فيصلو پيو لڳي۔ ڪينجهر سان هزارين يادون ۽ اڻ ڳڻيل ماڻهن جو جيون ۽ زندگي وابسته آهن۔ زهريلي پاڻي کي ڪيمجهر کان گهڻو پري رکيو وڃي کو ته اسان وٽ اڳ ئي منڇر ڍنڍ پڻ زهريلکي پاڻي جي ور چڙهي چڪي آهي۔

وس وارن کي اپيل آهي ته مهرباني ڪري جنگي بنيادن تي هن اهم معاملي جو تدارڪ ڪندي ڪو ترت حل ڳولين۔
 
Back
Top