جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج
اميرالمومنين امام اول علي ابن ابوطالب عليه سلام جو فرمان آهي بَچو اُن جي شِر کان جنهن سان توهان چڱائي ڪئي آهي ۔ لياري واسي ، اولادِ جناب حضرت بلال رضي الله تعالي عنه ايڏا ته وفادار آهن جڏهن به پيپلز پارٽي تي ڪو ڏُکيو وقت آيو آهي ته هي نسل بلال رضه ثابت قدم رهيا آهن ۔ ڏُکئي وَقت ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي پنهنجا مِٽَ مائٽَ (المعروف ڏهيسر سيسر ۽ ڏيڏر) به ڇڏي ويا هئا۔
ڇا اَهڙن جيالن جو ( ڪراچي جا اصلوڪا رهائشي) مقدر صرف بس ڪنڊيڪٽري آ ؟؟ يا اڃا تائين گڏه ڊوڙائڻ آ ؟؟ هاڻ امپورٽيڊ ايم اين اي چوي پيو ته جُوا جا اڏا ، گهتا ۽ ٻين اخلاقي ڏوهن جا مرڪز آهن ۔ صرف هِڪ منٽ تصور ڪجي ته حڪومت جي ڳالهه صحيح ۔ حڪومت ڇا ڪيو آ ؟؟ هِنن لاءِ سمنڊ جي اصلي وارث هنن لاء نيوي ۾ ڪا ڪوٽا ڪونهي !! ڪشميري نيوي ، پي اين ايس سي ۾ سٺن عهدن تي پيءُ جي ملڪيت سمجهي ويٺا آهن ۔ جيڪڏهن هنن کي بهترين روزگار ۾ مصروف ڪيو وڃي ها ته پوءِ اهڙن ڏوهن جا مرڪز ڪڏهن به وجود ۾ نه اچن ها ۔ پاڪستان جي فٽبال ٽيم ۾ هنن جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۔ ۽ بين القوامي طور تي ڪڏهن به هنن کي روشناس نه ڪرايو ويو آهي ۔ ڇو ؟؟؟ اِهو هنن کي وفاداري جو صِلو آهي ۔
جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج
دوستن جون رايا پڙهيا جن ۾ گهڻيون سچايون آهن پر دوستو اتي رهندڙ سنڌين ۽ ڪڇين سان ضرور ملو ۽ انهن کان پڇو ته هو ڪهڙي ڪرب ۾ مبتلا آهن۔ منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن ڏوهارين خلاف آپريشن ٿئي ٿو ته پوء اهي سنڌي هجن، پنجابي هجن، پٺاڻ هجن يا مهاجر اسان کي انهن جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي۔ ڇو ته جڏهن ڪو ڏوهاري ڊان بنجي وڃي ته پوء هو ڪنهن جو به ناهي رهندو سواء ظلم ڪرڻ جي هن کي ٻيو ڪجهه به پسند ناهي هوندو۔
ها باقي آپريشن جي طريقيقار تي سخت اعتراض آهن ۽ اسان اهڙي قسم جي اعتراضن جي مخالفت ڪيون ٿا۔ وساڻ صاحب پاران وزارت ڇڏڻ جي پويان سببن مان هڪ اهم سبب ان آپريشن جي مخالفت پڻ هو۔ ڇو ته پوليس چاهي ٿي ته لياري کي ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻ بجاء ڪنهن ٻئي گروپ کي لياري جو ڊان بڻائجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ڏک ته ان ڳالهه جو آهي ته عام ۽ بيگناهه ماڻهو ۽ عام پوليس وارا گولين جو نشانو پيا بڻجن۔
لياري وارن تي آپريشن جو هڪ ٻيو سبب آهي هنن جو ٻين ڀتاخور ڌرين مٿان حاوي هجڻ۔ جڏهن هاڻي لياري جا ڊان هنن جي علائقن تائين ڀتا وٺڻ لاء پهتا آهن ته اهي ڌريون پريشان آهن ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاء تيار آهن۔ دوستو هڪ دفعو گهرائيء سان لياري جي موجوده حالتن تي گهرائيء سان سوچجو ۽ ميڊيا کي کڏي پاڻ به ماڻهن کان حال احوال وٺجو۔ خاص ڪري لياري ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ رهندڙ سنڌي، ڪڇي ۽ ميمڻن کان به۔
جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج
سڄي ڪراچي شهر ۾ ڏوهاري موجود آهن، لياري آپريشن بابت وڏو وزير ئي ٻڌائي سگهي ٿو۔۔۔۔۔۔۔ڇاڪاڻ ته گهرو وزارت وٽس نه آهي. دبئي روانو ٿيڻ کان اڳ ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته رڳو لياري ۾ آپريشن وارو تاثر درست نه آهي. هن چيو ته لياري ۾ ڇا ٿي ر هيو آهي ان بابت وڏو وزير ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو،ڇاڪاڻ ته گهرو وزارت جي چارج ان وٽ آهي. منظور وساڻ چيو ته ڏوهاري ماڻهو ڪراچي جي هر علائقي ۾ موجود آهن ۽ سمورين پارٽيون شهر ۾امن چاهن ٿيون. صوبائي وزير چيو ته هو علاج لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو آهي ۽ واپس اچي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو۔۔ بشڪريه سنڌي بي بي سي
جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج
لياري آپريشن خطرناڪ مرحلي ۾ داخل، چوڌري اسلم کي ڇيڪ ڇڏڻ جي قيمت پيپلزپارٽي ادا ڪندي
ڪراچي ( تجزيو-الهه بخش راٺوڙ) لياريءَ جي مختلف علائقن ۾ جاري آپريشن انتهائي خطرناڪ موڙ تي پهچي ويو آهي، سي آئي ڊي پوليس جي غلط حڪمت عملي جي نتيجي ۾ عام شهرين سان گڏ پوليس اهلڪارن جي جاني نقصان جا تمام گهڻا امڪان پئدا ٿي ويا آهن.عمر لين جي علائقي ۾ جتي آپريشن ڪيو پيو وڃي اتان جي پوليس لين مڪمل طور هٿياربندن جي رينج ۾ آهي،جيڪڏهن انهن جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو ته سوين ماڻهو مري سگهن ٿا.لياري جو مسئلو سياسي هجڻ جي باوجود انتظامي طريقي سان حل ڪرڻ ۽ ايس ايس پي چوڌري اسلم جهڙن پوليس عملدارن کي آپريشن جو نگران مقرر ڪرڻ کانپوءِ عام ماڻهو ۾ به ڪاوڙ ۽ تاءَ واري ڪيفيت پئدا ٿي وئي آهي.رهواسين جو چوڻ آهي ته چوڌري اسلم پنهنجو ذاتي بدلو وٺڻ به گهري ٿو، جنهن کي عبدالرحمان بلوچ جي ڪوششن سان پورهيت رسول بخش بروهي جي قتل ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.عدالت ۾ ڪيس هلڻ کانپوءِ چوڌري اسلم ۽ رحمان بلوچ ۾ سڌي ويڙهه شروع ٿي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته چوڌري اسلم ، پ پ جي هڪ اهم عهديدار ۽ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير جي نگراني ۾ رحمان بلوچ ۽ ان جي ساٿين کي هٿ ٺوڪيو مقابلو ڏيکاري قتل ڪرائي ڇڏيو.رحمان بلوچ جي قتل کانپوءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ان ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو ۽ لياري واسين کان معافي گهري.هاڻ تازي آپريشن جي نتيجي ۾ لياري جا نوان لين، ڪلاڪوٽ، افشان ڳلي ۽ لياري جنرل اسپتال وارا علائقا گهڻا متاثر آهن، جتي عوام جو کائڻ پيئڻ جو سامان به ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪيترين ئي عمارتن کي تالا هنيا ويا آهن،جتي عام ماڻهو مشڪل واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن.لياري جنهن جي آبادي سورهن لکن کان وڌيڪ آهي، اتان جا اڪثريتي ماڻهو هن آپريشن سبب پريشاني جو شڪار ٿيا آهن.ڪيترائي نوجوان جيڪي مختلف دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا يا وري هو ڏهاڙي تي هول سيل مارڪيٽن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، اهي سمورا بي روزگار ٿي ويا آهن.ايستائين جو سموري ڪراچي جي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ماسيون به گهرن ۾ قيد ٿي ويون آهن ۽ اهي ڪم تي وڃي نٿيون سگهن.موجوده صورتحال ۾ پ پ ، انتظاميا ۽ ويڙهه ۾ ملوث عنصرن جي وچ ۾ ايترا ته ويڇا وڌي ويا آهن، جو صورتحال جو هٿن مان نڪرڻ جو خدشو پئدا ٿي ويو آهي. لياري ۾ گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال پئدا ٿي وئي آهي ۽ هاڻ احتجاج جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي.لياري واسي ڏينهون ڏينهن پ پ کان پري وڃي رهيا آهن ۽ وڌيڪ هٿياربند نوجوان پوليس خلاف ويڙهه لاءِ تيار ٿي ويا آهن.پ پ جا چونڊيل نمائندا جيڪي ڊگهي عرصي کان لياري ڇڏي ڊفينس ۽ ٻين پوش علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، انهن جو علائقي ۾ ڪوبه اثر رسوخ نه رهيو آهي.اهي جيالا جن محترما شهيد کي ڪارساز ڌماڪي کان پوءِ بچائي بلاول هائوس تائين پهچايو هو، اهي سمورا نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو تياريون مڪمل ڪري چڪا آهن، انهن جو سياسي صلاحڪار نواز ليگ جو اڳوڻو ايم اين اي ماما يونس بلوچ آهي، جنهن جي مشوري تي سمورو ڪيڊر نواز ليگ ۾ شامل ٿي ويندو ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ جي لياري مان صفائي ٿي ويندي.نه صرف لياري پر ڪراچي جي ٻين به ڪيترن ئي علائقن ۾ اڳوڻي امن ڪميٽي جي اڳواڻن جو تمام گهڻو اثر رسوخ آهي، انڪري ضروري آهي پ پ قيادت عقل ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪري.صدر آصف علي زرداريءَ کي هڪدم نبيل گبول کي ڇڏي ڪري اهڙن اڳواڻن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ گهرجي جيڪا رٺل جيالن کي پرچائي وٺي ته جيئن رتوڇاڻ واري صورتحال کي روڪي سگهجي.پ پ قيادت کي اهو به اعلان ڪرڻ گهرجي ته جن جيالن يا ويڙهاڪن جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي ته جيئن اهي عزت جي زندگي گذاري سگهن. اهي اطلاع آهن ته ايس ايس پي چوڌري اسلم ويڙهه دوران پنهنجي ذاتي گينگ کي به استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن جا پڻ اگرا نتيجا سامهون ايندا.سنڌ حڪومت کي گهرجي تي اها چوڌري اسلم کي ڇيڪ نه ڇڏي ۽ ان تي چيڪ اينڊ بيلنس رکيو وڃي.ان سان گڏ اهو ضروري آهي ته صدر زرداري معاملن کي سياسي طريقي سان حل ڪرڻ کان اڳ موجوده آپريشن جو راڳ مڪمل طور تي بند ڪرائي.جڏهن ته نبيل گبول سميت اهي اڳواڻ جن جو لياري سان ڪوبه واسطو ناهي ۽ جن جو علائقي ۾ ڪوبه اسٽيڪ ناهي ۽ اهي تڪراري بڻجي چڪا آهن، انهن جي لياري ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلي کي حل ڪيو وڃي.۔۔۔ بشڪريه عوامي آواز