لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2012۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪراچي (عوامي آواز نيوز) لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن ۽ ٻارن فٽبال هائوس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ شريڪ عورتن جي هٿن ۾ ڪي به بئنر يا پلي ڪارڊ نه هئا پر هو هڪ ئي آواز ۾ لياري ۾ آپريشن بند ڪيو جا نعرا لڳائي رهيون هيون، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن پيپلزپارٽي جي ايم اين اي نبيل گبول خلاف پڻ سخت نعريبازي ڪئي. هي احتجاج ٻين احتجاجن کان انوکو ان ڪري به هو جو پيپلزپارٽي جو ڳڙهه سمجهيو ويندڙ لياري جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هزارين عورتن احتجاجي مظاهرو ڪري پيپلزپارٽي جي جهنڊي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان لياري واسين آخر ڪهڙو گناهه ڪيو آهي جو روزانو چوڌري اسلم اسان کي نوجوانن جا لاش ڏئي رهيو آهي هاڻ شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو واري پيپلزپارٽي نه رهي آهي جنهن ڪري اسان پيپلزپارٽي کي الوداع چئون ٿا ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ اسان کي جيڪي روزانو لاش ملي رهيا آهن ان جي نتيجي ۾ اسان پ پ جي جهنڊي کي به لياري ۾ باهه ڏيون ٿا ۽ اڄ لياري مان پيپلزپارٽي جا سمورا جهنڊا ۽ پوٽريٽ لاٿا ويندا جيڪي هڪ ئي جاءِ تي گڏ ڪري اڄ بلاول هائوس پهچائي اينداسين اسان کي اهڙي پيپلزپارٽي نه کپي جيڪا لياري ۾ ڪنهن به قسم جو ترقياتي ڪم ته نه ڪرائي سگهي آهي رهندو اتحادي جماعت کي خوش ڪرڻ جي لاءِ لياري ۾ آپريشن ڪري روزانو اسان جا ڪونڌر جوان ڪهائي رهي آهي. هنن چيو ته هن سڄي آپريشن ۾ ايم اين اي نبيل گبول جو هٿ آهي ۽ حڪومت ايم ڪيو ايم کي خوش رکڻ لاءِ لياري ۾ آپريشن ڪري رهي آهي۔۔۔۔عوامي آواز



     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    اميرالمومنين امام اول علي ابن ابوطالب عليه سلام جو فرمان آهي بَچو اُن جي شِر کان جنهن سان توهان چڱائي ڪئي آهي ۔ لياري واسي ، اولادِ جناب حضرت بلال رضي الله تعالي عنه ايڏا ته وفادار آهن جڏهن به پيپلز پارٽي تي ڪو ڏُکيو وقت آيو آهي ته هي نسل بلال رضه ثابت قدم رهيا آهن ۔ ڏُکئي وَقت ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي پنهنجا مِٽَ مائٽَ (المعروف ڏهيسر سيسر ۽ ڏيڏر) به ڇڏي ويا هئا۔
    ڇا اَهڙن جيالن جو ( ڪراچي جا اصلوڪا رهائشي) مقدر صرف بس ڪنڊيڪٽري آ ؟؟ يا اڃا تائين گڏه ڊوڙائڻ آ ؟؟ هاڻ امپورٽيڊ ايم اين اي چوي پيو ته جُوا جا اڏا ، گهتا ۽ ٻين اخلاقي ڏوهن جا مرڪز آهن ۔ صرف هِڪ منٽ تصور ڪجي ته حڪومت جي ڳالهه صحيح ۔ حڪومت ڇا ڪيو آ ؟؟ هِنن لاءِ سمنڊ جي اصلي وارث هنن لاء نيوي ۾ ڪا ڪوٽا ڪونهي !! ڪشميري نيوي ، پي اين ايس سي ۾ سٺن عهدن تي پيءُ جي ملڪيت سمجهي ويٺا آهن ۔ جيڪڏهن هنن کي بهترين روزگار ۾ مصروف ڪيو وڃي ها ته پوءِ اهڙن ڏوهن جا مرڪز ڪڏهن به وجود ۾ نه اچن ها ۔ پاڪستان جي فٽبال ٽيم ۾ هنن جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۔ ۽ بين القوامي طور تي ڪڏهن به هنن کي روشناس نه ڪرايو ويو آهي ۔ ڇو ؟؟؟ اِهو هنن کي وفاداري جو صِلو آهي ۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    !لياري: ٻوري بند لاشن کان لڏپلاڻ تائين۔۔۔۔۔
    ڪراچيءَ جي ماءُ لياري اڄڪلهه پنهنجي نافرمان اولاد جي لچاين ۽ ڏنگاين جي ڪري اجڙي رهي آهي. هي اهڙي ماءُ آهي، جيڪا ڄڻ قديم وسندِيءَ جي اٺ چوڪ تي امن جي خيرات گهرندي هجي. لياري واسي جيڪي صدين کان هڪ برادريءَ جو گلدستو هئا، ان گلدستي کي چوواٽي تي اڇلائي، لتاڙيو پيو وڃي. هينئر جنهن جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف آهي، جيڪو سگهارو آهي، اهو ئي حڪمراني ڪري ٿو!هڪڙي ڀيري فاطمه ڀٽو کان جڏهن لياريءَ بابت پڇيو ويو ته هوءَ چئي رهي هئي ته هن کي جڏهن به موقعو ملندو آهي، هوءَ لياريءَ جو رخ ڪندي آهي، کيس لياري واسين جي ڪميونٽي سينس گهڻو متاثر ڪيو آهي. پر ڪميونٽيءَ سينس هاڻ مختلف برادرين ۽ رنگن جي ماڻهن ۾ ورهائجي ويو آهي. نفرت جو ٻج سڀني کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ڇڏيو آهي.ڪجهه سالن کان لياريءَ ۾ گن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر جو راڄ آهي. هينئر تائين مختلف ڪرمنل گئنگن هٿان واٽ ويندي ٻن هزار کان وڌيڪ ماڻهو موت جو راڪاس ڳڙڪائي چڪو آهي. اهو ڏينهن خالي ناهي، جنهن ڏينهن هٿ پير ٻڌل لاش نه ملندا هجن. ڪنهن کي اغوا ڪري ٽارچر ڪري سندس لاش ڪنهن گند جي ڍير تي اڇلايو نه ويندو هجي. هتي هاڻ ڪو به ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي نٿو سگهي. ڪامريڊ ڪريم بخش، ڪنهن زماني ۾ لياري نوجوان تحريڪ جو حصو هو، هاڻ ان جي مٿي جا وار اڇا ٿي ويا آهن. هو هاڻ رڳو پراڻن دوستن سان ڪچهريون ڪندو آهي، يا وري پنهنجي پراڻي اڌ ڀڳل گهر جي ڪنڊ تي گٽر ڀرسان فوٽ پاٿ تي ويٺو اوڀاريون لهواريون ڪندو آهي. ڪامريڊ کان مون اهو ئي پڇيو ته هو لياريءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي ته چوڻ لڳو: پراڻي لياري ته هاڻ خواب ۾ به ڏسي نٿي سگهجي. گذريل ڪجهه سالن کان لياريءَ مان پنجويهن کان چاليهه هزار ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن! منهنجي پاڙي جا ڪيترائي گهر خالي ڪرايا ويا، جتان هاڻ عجيب غريب شڪلين وار ا ماڻهو نڪرن ٿا، اڌرات جو ڦڙڦوٽ پئي ٿي ۽ هو مشڪوڪ سرگرميون ڪن ٿا!مون هن کان پڇيو ته ڪامريڊ هي لڏپلاڻ ڪري ويل هزارين ماڻهو ويا ڪيڏانهن؟چيائين: پهريان ته توکي لياريءَ م رهندڙ برادرين بابت سمجهڻو پوندو، هي تاثر درست ناهي ته لياريءَ ۾ رڳو بلوچ آباد آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن کان لياري ۾ تمام وڏيون Demographic Changes آيون آهن. ورهاڱي کان اڳ به لياري غريب ماڻهن جو علائقو هئي، پر هتي سنڌين ۽ بلوچن کانسواءِ پٺاڻ، اردو ڳالهائيندڙ، هزاري وال، هندڪو، ميانوالي، بنگالي، بهاري، افغاني ۽ مارواڙين جو وڏو انگ رهي ٿو.مون ساڳيو سوال هڪ جهوني بلوچ کان پڇيو. هو حيدرآباد سازش ڪيس ۾ به ملوث ڪيو ويو هو. مون کانئس معلوم ڪيو ته واقعي لياريءَ مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي آهي؟ هن ٻڌايو: ها بلڪل ٿي آهي. نوا لين. ريڪسر، موندرا محلا، بغداديءَ جي مکڙا ڳلي، درياءَ آباد، ڪلري، عيد ولين، علي محمد محلا، ڀنڊ محلا ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن مان ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن.اهي ڪهڙيون برادريون آهن، جيڪي لڏپلاڻ تي مجبور ٿيون؟ مون پڇيو. چوڻ لڳو: گهڻا متاثر بلوچ ۽ سنڌي ئي ٿيا آهن. بلوچ ان ڪري ته وڙهندڙ گروپ ساڳي ٻولي ڳالهائين ٿا. سنڌين جا مٽ مائٽ ٻين علائقن ۾ آهن، ان ڪري اهي اوڏانهن لڏي ويا آهن. ااهي سمورا ماڻهو ويا ڪيڏانهن؟ چوڻ لڳو: هي ماڻهو پنج سئو ڪوارٽر، مشرف ڪالوني، ماڙيپور ٿنڊي سڙڪ، حب چوڪي، مواڇ ڳوٺ، سومار ڳوٺ، ملير، شرافي ڳوٺ، ساڪران، گڏاپ، گلشن اقبال، ناظم آباد، گلستان جوهر، صفوران ڳوٺ ويا آهن.ڪنهن زماني ۾ لياريءَ بابت انگر اکر گڏ ڪرڻ لاءِ لارڊز نالي هڪ گروپ قائم ڪيو ويو هو، ان گروپ سان لاڳاپيل عمر بلوچ سان مون ملاقات ڪئي. کانئس ساڳيو ئي سوال ڪيو ته هن نگريءَ جو ڇا ٿيندو؟ جنهن جا بندوق باز مالهي آهن؟هو ڪافي دير خاموش ٿي ويو، ڄڻ مون تي شڪي ٿيو هجي. ڪجهه سوال جواب ڪرڻ کانپوءِ معلومات شيئر ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو.چيائين: لياري ٽائون ته ڇهه لک آبادي تي ٻڌل آهي، پر لياري جي مجموعي آبادي 17 لک آهي.پڇيومانس: يارنهن لک ماڻهو ڪيڏانهن ويا، ڇا اهي سمورا لڏپلاڻ ڪري ويا؟ چوڻ لڳو: هڪ لک تائين ماڻهو ضرور لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، پر اهي اڳوڻي آمر مشرف جون مهربانيون آهن، هو اسان کي متحده جي جهوليءَ ۾ وجهي ويو. پڇيم: هاڻ ته لياري وارن جي حڪومت آهي، پوءِ تبديليون ڇو نٿا آڻيو؟ چيائين: پ پ جي قيادت بزدل آهي ۽ متحده کين بليڪ ميل ڪريو ويٺي آهي! عمر بلوچ ڳالهه جاري رکندي چيو ته پاڪستان ۾ آباديءَ ۾ واڌ جو تناسب ٻه سيڪڙو، ڪراچيءَ ۾ 4 سيڪڙو ۽ لياريءَ ۾ 6 سيڪڙو آهي! هتي هر ماڻهوءَ لاءِ قبر جيتري جاءِ آهي، جيڪا ڇهه فوٽ مس ٿيندي!ڪراچيءَ جو سنڌين لاءِ محفوظ علائقو لياري سمجهيو ويندو هو. ان دور ۾ جڏهن گلشن حديد اڃا اڏاوت هيٺ هو، شانتي نگر به نئين نويلي هئي، سچل ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ جو اڃا وجود ئي نه هو، پر هاڻ لياري سنڌين لاءِ ويڳاڻو علائقو ٿي ويو آهي. هاڻ انهن سمورن گهرن ۽ فليٽن جا تالا ڀڳا ويا آهن، جيڪي خالي ڪرايا ويا. انهن اپارٽمينٽن ۽ گهرن جي مسواڙ ۽ ايڊوانس اهي ئي وٺن ٿا، جيڪيقبضا مافيا جي نالي سان ڄاتا وڃن ٿا۔۔۔۔۔۔الهه بخش را‎ٺوڙ، افيئر


     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    لياري ۾ آپريشن جاري، ڌماڪا، فائرنگ، ايس ايڇ او ۽ عورت سميت 9 ڄڻا مارجي ويا۔۔۔۔۔ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو): لياري ٻئي ڏينهن به جنگ جو ميدان بڻيل، فائرنگ ۾ ايس ايڇ او سول لائين ۽ اهلڪار سميت 9 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ خوراڪ ۽ ٻين شين جي کوٽ ٿي وئي آهي. پوليس جي بڪتربند گاڏين تي راڪيٽ ۽ دستي بمن سان حملا، بهار ڪالوني، چيل چوڪ، نوان لين، اٺ چوڪ، بغدادي، ڪلاڪوٽ، جهونا مارڪيٽ، ليمارڪيٽ، آگرا تاج، آدم خان روڊ سميت ٻين علائقن ۾ پوليس ۽ ويڙهاڪن ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي. راڪيٽ لانچرن، دستي بمن ۽ وڏن هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. جنهن ۾ ۾ سول لائين ٿاڻي جو ايس ايڇ او فواد حسين ولد دلشاد 45 سال قتل ٿي ويو. جڏهن ته سپاهي، ملڪ انور پڻ هٿياربندن هٿان گولين جي بک بڻجي ويو، جڏهن ته چيل چوڪ تي شڪيل، سول لائين ۾ عظيم، هڪ عورت ۾ نامعلوم، واحد ۽ هڪ نامعلوم نوجوان مارجي ويا آهن. جڏهن ته سهيل، امجد حسين، ثناءُالله، اعجاز، ضمير زرداري، چيتن، سپاهي عامر، حارث، ممتاز، نورٻائي، شهزاد، جاويد، نامعلوم عورت سپاهي آهن. عظيم نالي شخص، چيل چوڪ، لياري ڊگري ڪاليج، اٺ چوڪ، نيازي چوڪ، بهارڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ فائرنگ ۾ زخمي ٿيا آهن جن کي شهر جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ويڙهاڪن طرفان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪرڻ سبب پوليس علائقي جي سوڙهين گهٽين ۾ نه ٿي وڃي سگهن، هوڏانهن اهي به اطلاع آهن ته چوڌري اسلم جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي پيپلزامن ڪميٽي جي مخالف گروپ ارشد پپو ۽ غفار ذڪري جي ماڻهن جي به حمايت حاصل آهي ۽ اهي به سي آءِ ڊي پوليس سان گڏ وڙهي رهيا آهن، پوليس تي اهي به الزام لڳي رهيا آهن ته اها هڪڙن ڏوهارين کي لياري مان تڙي ٻين ڏوهارين کي لياري ۾ انٽري ڏيئي رهي آهي. هٿياربندن جي حملن ۾ بڪتربند گاڏيون به ڦاسي پيون، مڇريل ماڻهن راڪيٽ حملي ۾ تباهه ٿيل بڪتربند گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي. علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ سبب پيرسن بزرگ ۽ ٻار تڪليف ۾ آهن.

     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    مان چوندس ته چوندا ته چوي ٿو انڪري مان ڪجه نه چوندس

    رڍ آڏو رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا ،،، هاڻ جيڪڏهن دانهون ڪجن ته ڪنهنجي سامهون ڪجن؟

    حڪومت وقت؟ اهو ڪجهه ڪرائي پئي
    قانوني ۽ عدالتي ادارا؟ سازشن ۾ ٻٽ آهن
    فوج؟ جنهنجو ڪم مظلوم مارڻ
    سياستدان؟ چور ، چورن جا پٽ
    عوام؟ جهالت جو مجسمو

    هاڻ دانهن ڪنهن کي ڏبي ،،،،

    هڪ مفڪر هوندو هو هن ڌرتيءَِ تي جنهن چيو هو ته هن ملڪ مان ڪڏهن به ڪنهن مظلوم کي انصاف ڪون ملندو،

    هڪ مفڪر هوندو هو جيڪو چوندو هو ته هي ملڪ ٽٽي ويندو ۽ سنڌ آزاد ٿيندي

    هڪ مفڪر هوندو هو، جنهن سنڌين کي ٻڌايو هو ته پ پ پ سميت وفاق پرست سموريون جماعتون سنڌ لاءِ زهر قاتل آهن

    ويچارو مفڪر رڙيون ڪري ڪري، ڏکيا ڏينهن ڏسي، نظربنديون ۽ گهر کي جيل بڻائي گذاري ويو، پر مجال آ جو قوم جي ڪنن تي جونءِ چري ،،،،،

    خئير مونکي ان مفڪر جي ان اڳڪٿيءَ تي ايترو ئي ڀروسو آهي جيترو کيس پاڪسان جي ٽٽڻ ۽ سنڌ جي آزاد ٿيڻ تي هو، بس وقت چوي آءُ بادشاه،
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    دوستن جون رايا پڙهيا جن ۾ گهڻيون سچايون آهن پر دوستو اتي رهندڙ سنڌين ۽ ڪڇين سان ضرور ملو ۽ انهن کان پڇو ته هو ڪهڙي ڪرب ۾ مبتلا آهن۔ منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن ڏوهارين خلاف آپريشن ٿئي ٿو ته پوء اهي سنڌي هجن، پنجابي هجن، پٺاڻ هجن يا مهاجر اسان کي انهن جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي۔ ڇو ته جڏهن ڪو ڏوهاري ڊان بنجي وڃي ته پوء هو ڪنهن جو به ناهي رهندو سواء ظلم ڪرڻ جي هن کي ٻيو ڪجهه به پسند ناهي هوندو۔

    ها باقي آپريشن جي طريقيقار تي سخت اعتراض آهن ۽ اسان اهڙي قسم جي اعتراضن جي مخالفت ڪيون ٿا۔ وساڻ صاحب پاران وزارت ڇڏڻ جي پويان سببن مان هڪ اهم سبب ان آپريشن جي مخالفت پڻ هو۔ ڇو ته پوليس چاهي ٿي ته لياري کي ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻ بجاء ڪنهن ٻئي گروپ کي لياري جو ڊان بڻائجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ڏک ته ان ڳالهه جو آهي ته عام ۽ بيگناهه ماڻهو ۽ عام پوليس وارا گولين جو نشانو پيا بڻجن۔

    لياري وارن تي آپريشن جو هڪ ٻيو سبب آهي هنن جو ٻين ڀتاخور ڌرين مٿان حاوي هجڻ۔ جڏهن هاڻي لياري جا ڊان هنن جي علائقن تائين ڀتا وٺڻ لاء پهتا آهن ته اهي ڌريون پريشان آهن ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاء تيار آهن۔ دوستو هڪ دفعو گهرائيء سان لياري جي موجوده حالتن تي گهرائيء سان سوچجو ۽ ميڊيا کي کڏي پاڻ به ماڻهن کان حال احوال وٺجو۔ خاص ڪري لياري ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ رهندڙ سنڌي، ڪڇي ۽ ميمڻن کان به۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    ادا ممتاز وگهيا ڪجهه لياري جي زميني حقيقتن کان به واقف ٿيڻ لازمي آهي، ڪراچي جو لياري واحد علائقو آهي جنهن ۾ سنڌي ، مڪراني ڪڇي سدائين محبتن سان رهندا آيا آهن ، جتي ڪراچي جي صدر، لالو کيت، ڪورنگي، لانڊي ، ڀينس ڪالوني، بلديا ٽائون، الغرض مهاجر پرو سڀئي علائقا جتي سنڌ جا سنڌي سنڌي ٽوپي پائي ڪونه هلي سگهندا هُئا جتي سنڌي ماڻهو ڀلجي جيڪڏهن ان علائقي ۾ پهچندو هو ته اتان سندن لاش ايندو هو، پر ڪراچي جو لياري واحد علائقو هو جو اتي جا سڀئي مڪراني، ڪڇي سنڌي آزادي سان سنڌي ٻولي ڳالهائي سگهندا هُئا، آساني سان گهمي ڦري سگهندا هُئا، شروع کان وٺي چاهي اهو 77 ع وارو دور هُجي چاهي ايم آرڊي جي تحريڪ وارو دور 1984ع هُجي پيپلز پارٽي سان هنن جو عشق اڻ مٽ هو، سارو ڪراچي چاهي لساني فساد هُجن چاهي نسلي فساد هُجن پيو ٻرندو هو سمورو ڪراچي بند هوندو هو پر لياري واحد علائقو هوندو هو جتي هتي جا محبتي سنڌي ڪچي، مڪراني بلوچ پنهنجا پيار هڪ ٻئي مٿان واريندا هُئا هتي جا مڪراني ڪڇي سنڌي مغرمانن جي ٿاپن تي شادين مرادين ۾ گڏجي نچي ٽپي پنهنجون خوشيون هڪ ٻئي مٿان واريندا هُئا هڪ ٻئي مٿان نوٽ گهورون گهوريندا هُئا، سمورو لياري تعصب يا نسلي بغض کان پاڪ هوندو هو ۽ کُليل هوندو هو، جڏهن کان لياري ۾ ڊڪيت مافيا ڊانن گهر اڏي نانگن جيان ٻيو ڪجهه نه ملي ته پنهنجي ٻچن لياري جي پُٽن کي کائڻ شروع ڪري گينگ وار ۽ ڦر لُٽ جو بنياد وڌو حالت اها هُئي ته ڪو غريب سنڌي ، ڪڇي ، مڪراني پنهنجو ٽڪو ٽڪو گڏ ڪري پنهنجي نياڻي جي ڏيج جمع ڪري پنهنجي نياڻيءَ جي شادي ڪرائيندا هُئا ته گينگ وار جي گروپ جا يا ڦر لٽ گروپ جا هٿيار بند انهن غريبن جي شادين ۾ مست هاٿي جيان ڪاهي پوندا هُئا ۽ سمورو ڏاج هٿيارن جي زور تي ڦري لٽي دينا داستي هليا ويندا هُئا ڪو سنڌي ڪڇي مڪراني انهي ڏاڍ ۽ ظلم تي انهن ڦورو لٽيرن سان مهاڏو اٽڪائيندو هو ته اهو پنهنجي جان تان هٿ ڌوئي ويهدو هو، مونکي ياد پيو اچي ته مان پنهنجي پُٽ محمد علي جي شاديءَ جي دعوت جي سلسلي ۾ منهنجي رشتيدارن کي جيڪي پوري لياري ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن کين دعوت ڏيڻ ويو هُئس . رات جي اٺين وڳي ٻڪرا پڙيءَ جي سنگولائين واري علائقي ۾ هڪ مائٽ جي گهران نڪري انهي ساڳوڻي گلي ۾ رهندڙ ٻي مائٽ جي گلي ۾ ويس ته ڦورو آئون انهن کي مڪراني ، سنڌي يا ڪڇي ڳالهيندڙ جو نالو ڪونه ڏيندس صرف ڦورو لکندس اهي مونکي گهيري ويا، منهنجي کيسي ۾ پيل 15 هزار روپيا جيڪي مون پنهنجي پُٽ محمد علي جي شادي جي سلسلي ۾ محمدعلي لاءِ تحفو خريد ڪرڻ لاءِ ٽنڊو محمد خان کان آندا هُئا سي ڦري ويا ۽ منهنجو موبائل جيڪو تقريبن 10 هزار روپين جو هو سو به ڦري ويا، توهان خوب سمجهي سگهو ٿا ته هڪڙو ٽنڊو محمد خان آيل ماڻهو جنهن کان ڦر ٿي وڃي ته ان جو ڪهڙو حال ٿيو هوندو ، لياري جا مقامي ماڻهو ته اهڙن ڪيترن ئي ڦرلٽ وارن واقعن جا شڪار رهندا هُئا. هڪڙو اهو ئي سبب آهي جو انهن ڦورو لٽيرن کي ڪراچي جي لياري واري انتهائي ڳُتيل علائقي مان آپريشن ڪرائڻ جو، لازمي ڳالهه آهي ته گولي چاهي لٽيرن ، ڦورو يا بدمعاشن جي طرف کان هلائي وڃي يا پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران هلائي وڃي اها گولي انڌي هوندي آهي اهو فطري آهي ته ٻنهي طرفان کان هلندڙ گولين جا بک راهه ويندل ويچارا غريب رهاڪو ٿين ٿا. جنهن کي اسان سئولي سنڌيءَ ۾ سُڪن سان گڏ آلا به چئي سگهون ٿا، اهو قانون فطرت آهي ته جتي ڏوهه ، سماجي برايون، ڦرون، اغوا، نياڻين جو اسڪول ويندي اغوا، بي حيائي وڌي وڃي اتي ڪو نه ڪو عذاب ايندو آهي، ڪڏهن آسمان طرفان عذاب الاهي ايندو آهي ته ڪڏهن انڌي منڊي قانون جي رکوالن طرفان به عذات ايندو . هينئر لياري ۾ پيپلز پارٽي جا جهنڊا ضرور ساڙيا ويندا ۽ جهنڊا به لازمي اهي ساڙيندا جن جا ٻچا ٻنهي طرفان هلايل گولين جا شڪار ٿيا هوندا. سماج دشمن عناصر انهن سماج دشمن عناصرن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا به چند بيڪار ماڻهو به ٿي سگهن ٿا پنهنجي سازشي ڄار جي مڪروه عمل تي عمل پيرا ٿي پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ ڪراچي جي لياري واري علائقي مان تڏا ويڙهه واري سازش ۾ پوري طرح عملي طور ڪامياب نظر اچي رهيا آهن . پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت هونئن به پنهنجي سياسي بصيرت کان عاري آهي، رڳو پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجي پرائي جي تميز ڀلائي چُڪي آهي . الغرض ڦرن لُٽن، بي حيائين جي ڪري جيڪو لياري ۾ دونهون دُکي رهيو هو ان جو باهه ڀڀڙ ٿي ڀڙڪڻ ضروري هو، انهي باهه جي نتيجي ۾ سڪن سان گڏ پيپلز پارٽي جي آلاڻ جو سڙن به لازمي هو ۽ فطري هو.
     
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    جنين ڀَر رهياس سي ئي لوڙائو ٿيا
    ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    سڄي ڪراچي شهر ۾ ڏوهاري موجود آهن، لياري آپريشن بابت وڏو وزير ئي ٻڌائي سگهي ٿو۔۔۔۔۔۔۔ڇاڪاڻ ته گهرو وزارت وٽس نه آهي. دبئي روانو ٿيڻ کان اڳ ڪراچي ‎ ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته رڳو لياري ۾ آپريشن وارو تاثر درست نه آهي. هن چيو ته لياري ۾ ڇا ٿي ر هيو آهي ان بابت وڏو وزير ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو،ڇاڪاڻ ته گهرو وزارت جي چارج ان وٽ آهي. منظور وساڻ چيو ته ڏوهاري ماڻهو ڪراچي جي هر علائقي ۾ موجود آهن ۽ سمورين پارٽيون شهر ۾امن چاهن ٿيون. صوبائي وزير چيو ته هو علاج لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو آهي ۽ واپس اچي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو۔۔ بشڪريه سنڌي بي بي سي
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    صرف لياري ۾ آپريشن جو تاثر غلط آهي، رينجرز نه وڃڻ بابت وڏي وزير کان پڇيو وڃي: منظور وساڻ۔۔۔۔۔ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) : سنڌ جي گهرو وزير منظور وساڻ چيو آهي ته لياري ۾ رينجرز ڇو نه ٿي حصو وٺي اهو سنڌ جي وڏي وزير کان پڇيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هاڻ گهرو وزارت کي اهو ڏسي رهيو آهي. 25 اپريل کان مان موڪل تي آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پرڏيهه روانو ٿيڻ کان اڳ ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هو لنڊن کان پوءِ آمريڪا ويندو. هن چيو ته هن جڏهن گهرو وزارت سنڀالي هئي ته ان وقت ڪراچي جون حالتون گهڻيون خراب هيون. هن چيو ته خيرپور ۾ مذهبي جهيڙا ٿي رهيا هئا پر اهو اسان حل ڪرايا. هن چيو ته ڏوهاري ناظم آباد ۾ هجن يا لياري ۾ انهن خلاف حڪومت قدم کڻي امن قائم ڪرڻ چاهي ٿي. صرف لياري ۾ آپريشن جو تاثر غلط آهي. هن چيو ته رات ڏينهن محنت سبب سندس طبعيت خراب ٿي وئي.بشڪريه عوامي آواز
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    لياري آپريشن خطرناڪ مرحلي ۾ داخل، چوڌري اسلم کي ڇيڪ ڇڏڻ جي قيمت پيپلزپارٽي ادا ڪندي
    ڪراچي ( تجزيو-الهه بخش راٺوڙ) لياريءَ جي مختلف علائقن ۾ جاري آپريشن انتهائي خطرناڪ موڙ تي پهچي ويو آهي، سي آئي ڊي پوليس جي غلط حڪمت عملي جي نتيجي ۾ عام شهرين سان گڏ پوليس اهلڪارن جي جاني نقصان جا تمام گهڻا امڪان پئدا ٿي ويا آهن.عمر لين جي علائقي ۾ جتي آپريشن ڪيو پيو وڃي اتان جي پوليس لين مڪمل طور هٿياربندن جي رينج ۾ آهي،جيڪڏهن انهن جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو ته سوين ماڻهو مري سگهن ٿا.لياري جو مسئلو سياسي هجڻ جي باوجود انتظامي طريقي سان حل ڪرڻ ۽ ايس ايس پي چوڌري اسلم جهڙن پوليس عملدارن کي آپريشن جو نگران مقرر ڪرڻ کانپوءِ عام ماڻهو ۾ به ڪاوڙ ۽ تاءَ واري ڪيفيت پئدا ٿي وئي آهي.رهواسين جو چوڻ آهي ته چوڌري اسلم پنهنجو ذاتي بدلو وٺڻ به گهري ٿو، جنهن کي عبدالرحمان بلوچ جي ڪوششن سان پورهيت رسول بخش بروهي جي قتل ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.عدالت ۾ ڪيس هلڻ کانپوءِ چوڌري اسلم ۽ رحمان بلوچ ۾ سڌي ويڙهه شروع ٿي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته چوڌري اسلم ، پ پ جي هڪ اهم عهديدار ۽ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير جي نگراني ۾ رحمان بلوچ ۽ ان جي ساٿين کي هٿ ٺوڪيو مقابلو ڏيکاري قتل ڪرائي ڇڏيو.رحمان بلوچ جي قتل کانپوءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ان ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو ۽ لياري واسين کان معافي گهري.هاڻ تازي آپريشن جي نتيجي ۾ لياري جا نوان لين، ڪلاڪوٽ، افشان ڳلي ۽ لياري جنرل اسپتال وارا علائقا گهڻا متاثر آهن، جتي عوام جو کائڻ پيئڻ جو سامان به ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪيترين ئي عمارتن کي تالا هنيا ويا آهن،جتي عام ماڻهو مشڪل واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن.لياري جنهن جي آبادي سورهن لکن کان وڌيڪ آهي، اتان جا اڪثريتي ماڻهو هن آپريشن سبب پريشاني جو شڪار ٿيا آهن.ڪيترائي نوجوان جيڪي مختلف دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا يا وري هو ڏهاڙي تي هول سيل مارڪيٽن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، اهي سمورا بي روزگار ٿي ويا آهن.ايستائين جو سموري ڪراچي جي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ماسيون به گهرن ۾ قيد ٿي ويون آهن ۽ اهي ڪم تي وڃي نٿيون سگهن.موجوده صورتحال ۾ پ پ ، انتظاميا ۽ ويڙهه ۾ ملوث عنصرن جي وچ ۾ ايترا ته ويڇا وڌي ويا آهن، جو صورتحال جو هٿن مان نڪرڻ جو خدشو پئدا ٿي ويو آهي. لياري ۾ گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال پئدا ٿي وئي آهي ۽ هاڻ احتجاج جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي.لياري واسي ڏينهون ڏينهن پ پ کان پري وڃي رهيا آهن ۽ وڌيڪ هٿياربند نوجوان پوليس خلاف ويڙهه لاءِ تيار ٿي ويا آهن.پ پ جا چونڊيل نمائندا جيڪي ڊگهي عرصي کان لياري ڇڏي ڊفينس ۽ ٻين پوش علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، انهن جو علائقي ۾ ڪوبه اثر رسوخ نه رهيو آهي.اهي جيالا جن محترما شهيد کي ڪارساز ڌماڪي کان پوءِ بچائي بلاول هائوس تائين پهچايو هو، اهي سمورا نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو تياريون مڪمل ڪري چڪا آهن، انهن جو سياسي صلاحڪار نواز ليگ جو اڳوڻو ايم اين اي ماما يونس بلوچ آهي، جنهن جي مشوري تي سمورو ڪيڊر نواز ليگ ۾ شامل ٿي ويندو ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ جي لياري مان صفائي ٿي ويندي.نه صرف لياري پر ڪراچي جي ٻين به ڪيترن ئي علائقن ۾ اڳوڻي امن ڪميٽي جي اڳواڻن جو تمام گهڻو اثر رسوخ آهي، انڪري ضروري آهي پ پ قيادت عقل ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪري.صدر آصف علي زرداريءَ کي هڪدم نبيل گبول کي ڇڏي ڪري اهڙن اڳواڻن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ گهرجي جيڪا رٺل جيالن کي پرچائي وٺي ته جيئن رتوڇاڻ واري صورتحال کي روڪي سگهجي.پ پ قيادت کي اهو به اعلان ڪرڻ گهرجي ته جن جيالن يا ويڙهاڪن جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي ته جيئن اهي عزت جي زندگي گذاري سگهن. اهي اطلاع آهن ته ايس ايس پي چوڌري اسلم ويڙهه دوران پنهنجي ذاتي گينگ کي به استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن جا پڻ اگرا نتيجا سامهون ايندا.سنڌ حڪومت کي گهرجي تي اها چوڌري اسلم کي ڇيڪ نه ڇڏي ۽ ان تي چيڪ اينڊ بيلنس رکيو وڃي.ان سان گڏ اهو ضروري آهي ته صدر زرداري معاملن کي سياسي طريقي سان حل ڪرڻ کان اڳ موجوده آپريشن جو راڳ مڪمل طور تي بند ڪرائي.جڏهن ته نبيل گبول سميت اهي اڳواڻ جن جو لياري سان ڪوبه واسطو ناهي ۽ جن جو علائقي ۾ ڪوبه اسٽيڪ ناهي ۽ اهي تڪراري بڻجي چڪا آهن، انهن جي لياري ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلي کي حل ڪيو وڃي.۔۔۔ بشڪريه عوامي آواز
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: لياري ۾ آپريشن خلاف ڪالهه پهريون ڀيرو هزارين عورتن جو احتجاج

    اسان صرف دعاء ئي ڪري سگهون ٿا ته ڌڻي تعالى ملڪ ۾ امن امان جي فضا پيدا ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو