سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نيشنل بينڪ جي برانچن ۽ ريلوي ٽريڪ تي 16 ڌماڪا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
524322_3783731990052_1179567033_33706379_1516110409_n.jpg


اڄ صبح جو سائين رحيم بخش جن هڪ خبر شيئر ڪئي هئي ته مورو جي بينڪ ۾ ڌماڪو ٿيو آهي۔ تازا اطلاع آهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نيشنل بينڪ جي برانچن ۾ ڪريڪر جا ڌماڪا ٿيا آهن ۽ ان سان گڏ ريلوي ٽريڪ تي پڻ ڪريڪر ڌماڪن ذريعي پٽڙي کي نقصان رسيو آهي۔ ٻڌايو پيو وڃي ته 16 ڌماڪا ٿيا آهن۔

حيدرآباد ۾ چار ڌماڪا ٿيا آهن ، ان کانسواء ، مورو، ڀان سعيد آباد، دادو، نوابشاهه، سڪرنڊ، ميهڙ، ڪوٽڙي، لاڙڪاڻو، سکر، شهداد ڪوٽ، ٺٽه ، بدين ، راڻيپور، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شهرم ۾ ڌماڪا ٿيا آهن۔ ٻڌايو پيو وڃي ته ڌماڪي واري هنڌ تان سنڌ لبريشن آرمي جا پمفليٽ مليا آهن۔ ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن۔
 
جواب: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نيشنل بينڪ جي برانچن ۽ ريلوي ٽريڪ تي 16 ڌماڪا

اسلام عليڪم!
سائين انهن ڌماڪن جو سبب ڇا آهي، سنڌوديش لبريشن آرمي وارن ڪيا آهن ڇا؟
۽ هڪ ڌماڪو منهنجي شهر سکر ۾ ۽ هڪ ڌماڪو منهنجي ڳوٺ جي بالڪل ڀرسان واري ڳوٺ واري ريلوري ٽريڪ تي به ٿيو آهي۔
 
جواب: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نيشنل بينڪ جي برانچن ۽ ريلوي ٽريڪ تي 16 ڌماڪا

ڳالھ سمٍجهه ۾ نٿي اچي ته اي ٽي ايم مشينون تباھ ڪرڻ سان ڇا ٿيندو۔
 
Back
Top