
اڄ صبح جو سائين رحيم بخش جن هڪ خبر شيئر ڪئي هئي ته مورو جي بينڪ ۾ ڌماڪو ٿيو آهي۔ تازا اطلاع آهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نيشنل بينڪ جي برانچن ۾ ڪريڪر جا ڌماڪا ٿيا آهن ۽ ان سان گڏ ريلوي ٽريڪ تي پڻ ڪريڪر ڌماڪن ذريعي پٽڙي کي نقصان رسيو آهي۔ ٻڌايو پيو وڃي ته 16 ڌماڪا ٿيا آهن۔
حيدرآباد ۾ چار ڌماڪا ٿيا آهن ، ان کانسواء ، مورو، ڀان سعيد آباد، دادو، نوابشاهه، سڪرنڊ، ميهڙ، ڪوٽڙي، لاڙڪاڻو، سکر، شهداد ڪوٽ، ٺٽه ، بدين ، راڻيپور، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شهرم ۾ ڌماڪا ٿيا آهن۔ ٻڌايو پيو وڃي ته ڌماڪي واري هنڌ تان سنڌ لبريشن آرمي جا پمفليٽ مليا آهن۔ ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن۔