بدلي وٺڻ جو انداز

'مختلف موضوع' فورم ۾ رضوان علي جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2012۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ادا ممتاز! پنهنجن سان پٺاڻڪيون چڱيون ناهن۔ ٻيلي هاڻي ڇڏ ڪاوڙ کي۔۔۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ان ڪري جواب نه لکي بحث مباحثي کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون متان ڪنهن دوست کي ان جو سوچ مطابق اسان ڪنهن هڪ دوست کي اهميت ڏئي رهيا آهيون سمجهيو وڃي۔ ٻيو ته ڪي موضوع اهڙا هوندا آهن جنهن جي مڪمل معلومات نه هوندي آهي پوء هروڀرو گپ ۾ داڦوڙا هڻڻ به مناسب نه لڳندو آهي هن موضوع متعلق به ميڊيا ذريعي ئي معلومات ٿي ميڊيا به انسان ئي پيش ڪن ٿا بهر حال انهن سڀني ڳالهين جي باوجود منهنجي ذاتي راء رنڪل واري معاملي ۾ ادا ممتاز جي راء جي موافق آهي ته جيڪڏهن ڪو به ڪڏهن به ڪٿي به مسلمان ٿيڻ چاهي ته اهو مسلمان ٿي سگهي ٿو ان کي ڪابه رنڊ روڪ نه آهي باقي هر ڪنهن جي ذهن جو پنهنجو فيصلو آهي ماڻهو ته صحابن تي آڱريون کڻن ٿا ته انهن ڪنهن لالچ جي ڪري اسلام قبول ڪيو هو يا في الوقت دٻاء جي ڪري وقتي ڪلمون پڙهيو هو ۔ ادا جمالي صاحب يا ڪو ٻيو دوست لکي هر ڪنهن کي پنهنجي ذهن آهر لکڻ جو حق آهي ليڪن سندن آخري تحرير ۾ هڪ جملو مون کي ڳرو لڳو بهتر آهي ته ان ۾ ترميم ڪئي وڃي۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    سائين برابر فرمايو اوهان رينڪل ڪماري کي پاڻ ڏسو ته پنهنجي اسلام بابت ڪيئن ٿي سر عام اعلان ڪري
     
  4. گل بشير

    گل بشير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 مئي 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    karachi
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ادا توهان جي وڏي مهرباني جو اسان کي ڪجه ڄاڻ ڏني تمام سٺولڳو۔
     
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    مانوارا سائين رحيم بخش صاحب سدائين سکيا رهو ۔ ڪو اگر هندو ٿيڻ چاهي ته ان لاءِ اوهانجي راءِ ڪهڙي هوندي ؟؟؟ سوره الڪافرون جي آخري آيت ڪريمه به ياد رکجو ۔
    ڪهڙي جملي ۾ ترميم ڪجي جي ان جي به وضاحت ڪيو ته مون تي اوهان جا احسان ٿيندا ۔
     
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    سائين طاهر صاحب سدائين جُڙيا هجو ۔
    قبلا جتي بليڪ ميلنگ هجي ، جتي ڏاڍ هجي ، جتي جبر هجي ، جتي خوف هجي ، جتي ظالم بي لغام هجي ، موچڙي جو زيپٽ هجي ، اتي رنڪل ته ڇا چڱا ڀلا پير فقير به ٻاون ۽ پنڊت ٿيڻ جو بيان جاري نه ڪن ته حيريت هوندي ۔ اسان هتي جيڪو به عمل ڪيون ٿا ان جو تاثر ۽ اثر ٻي دنيا تي ڪيئن ٿو پوي ؟؟؟ ڪڏهن غور ته ڪيو ۔ جيڪي دل و جان سان مسلمان ٿين ٿا انهن تي هندو به احتجاج ڪو نه ٿا ڪن ۔ ان لاءِ آرام باغ (اڳوڻو رام باغ ) ڪراچي مندر جو موجوده مهراج ، مهراجه علي ، حيدرآباد جو مشهور وڪيل عبدالحسين ۽ اهڙا ڪئي ٻيا مثال موجود آهن ۔ دل تي هٿ رکي ٻڌايو انهن تي ڪڏهن هندو برادري جو ڪو اعتراض آيو آهي ؟؟ رهي ڳالهه ته هِن جو هُن جو اعترافي بيان ، انهن کان دين اسلام جي قبول ڪرڻ جو سبب ته پڇو ؟؟ ڪهڙي خوبي هنن کي نظر آئي ؟؟؟
    1977 ۾ مارشل لا دوران روزانه رات جو 30۔9 وڳي پي ٽي وي تي پروگرام هلندو هو " ظلم ڪي داستان " جيڪو ڀُٽي صاحب جي خلاف هلندو هو انهن ۾ پ پ پ جا اهي جيالا هئا جن مان ڪي اڄ وزير به آهن انهن به پنهنجي محسن جي خلاف بيان ڏيندا هيا۔ جڏهن انهن کان پڇيو ويو ته هي اوهان ڇا ڪيو ته نَڪ تي هٿ رکي چوندا هيا توبهه مار ۽ بيدردي سان مار ۔
    تازو ٻيو مثال ڏيندو هَلان ڊاڪٽر عبدالقدير جو ، ڪيڏو هن کي مجبور ڪيو ويو ، اندازو لڳايو ته اتي ڇوڪري ذات ڪيترو مهاڏو اٽڪائيندي ؟ ايئن به ڪونهي ته ڪو اسان وٽ دلير عورتن جي ڪا کوٽ آهي ۔
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    محترم ميمبرس ۽ انتظاميه کي گذارش ڪنداسين ته هن ليک کي هت بند ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هاڻي ميمبرس جي ڪمينٽس مان ظاهرٿي رهيو اهي ته آهستي آهستي هي موضوع پنهنجي اصلي مرڪز کان هٽي ذاتيات جي طرف وڌي رهيو آهي ۽ ايئن نه ٿئي ته انهن ڪمينٽس جي ڪري ڪنهن ٻئي ميمبر جي دل آزاري ٿي پوي ۽ اختلافات وڌندا رهن ۔اسان کي ان ڳالھ تي ڪامل يقين آهي ڪير به ڪنهنجون مذهب ان وقت تائين نه ٿو مٽئي (چينج) ڪري سگهي جيستائين ان ماڻهون جي پنهنجي مرضي ڪنهن به وجھ سان ان ۾ شامل نه هوندي۔انڊيا ۾ ڪافي ساري مسلمان ڇوڪرين پهنجو مذهب مٽائي هندن سان شاديون ڪيون آهن۔گجرات(انڊيا) جي تاريخ ان ڳالھ جي شاهد آهي

    اسان جي نظر ۾ هن فورم جو مين مقصد آهي ڀائيچارو وڌائڻ ،سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان معلومات شير ڪري،هڪ ٻئي جي مسئلن جو حل ڪڍڻ۔جيڪڏهن اسان ذاتيات تي ڳالهائينداسين تي اهو مقصد حاصل نه ٿئي سگهندو۔
     
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    قبلا سائين اُتي به ته اِهوئي ڏاڍ ۽ جبر آهي ، ان مسئلي ۾ جيترو ظلم انڊيا ۾ ٿئي ٿو ڪٿي ٻي هنڌ نه پيو ٿئي ۔ مسلمان جڏهن به مذهب مٽايو آهي ته هو دهريو ٿيو آ ۔ نه ڪِ هندو عيسائي يا يهودي يا ٻيو ڪو مذهب اختيار ڪيو اٿس ۽ جڏهن به ڪنهن مسلمان پنهنجو فقه دل و جان سان تبديل ڪيو آ ته هي صوفيت ڏانهن ئي ويو ۔
    باقي رهي اوهان جي راءِ ته موضوع کي بند ڪجي ۔ جي بسم الله ڀلي بند ڪيو سدا بند ڪيو ۔ پر حقيقت ، حقيقت ئي رهندي ، اکيون بند ڪرڻ سان حقيقت تبديل نه ٿي ويندي ۔
    ڪنهن به سڄڻ يا ڏڄڻ جي دل آزاري نه برداشت آهي نه برداشت ڪبي ۔ سڄڻ ۽ ڏڄڻ هميشه خوش رهن شاد ۽ آباد رهن ۔
     
  9. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    دوستن ۾ بحث تمام ڀلي ڳالهه آهي پوءِ ڀلي اها بحث مذهبي هجي سياسي هجي ادبي هجي يا معاشرتي۔۔۔۔۔۔۔۔ بحث سان انسان گهڻو ڪجهه سکي ٿو جيئين اسان ممتاز سائين ۽ رضوان سائين جي بحث مان گهڻو ڪجهه پرايو پر دوستن ۾ بحث جو اصول ضد ۽ اسهپ تي ٻڌل نه هجڻ گهرجي، ظاهر آهي ته بحثن ۾ هرڪو ٻي کي وڌي چڙهي جواب ڏيندو آهي جنهن ۾ ڪنهن جي دل آزاري به ٿي سگهي ٿي پر جڏهن بحث ۾ اها شيءَ محسوس نه ڪرڻ گهرجي ڇوته بحث ۾ اهو ٿيندو رهندو آهي۔۔۔۔۔۔۔ ادا ممتاز کي ته ڪنهن ڪجهه چيو ئي ناهي، وساڻ صاحب جي ڳالهه به دل ۾ ڪرڻ جهڙي ناهي ڇوته انتظاميه کي واقعي به اهڙن بحثن کان پاسو ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي ميمبر ڀلي بحثن ۾ حصو وٺن جنهن ۾ انهن کي سهپ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو۔۔۔ پر جڏهن مذهبي بحث هجي ته سچل سائين جو هي شعر ضرور ياد ڪريو ته
    مذهبن ملڪن جا ماڻهو منجهايا
    شيخي پيري بزرگي بيحد ڀُلايا!!

    ادا ممتاز اوهان جي ناراضگي سمجهه ۾ نه پئي اچي پر پوءِ به اسان جي اوهان کي گذارش آهي ته ڪاوڙ ڇڏيو ۽ فورم کي واپس جوائين ڪريو
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    تمام پيارن دوستن جي بحث کانپوءِ ڳالهه هڪ جملي تي ئي ختم ٿئي ٿي ته؛ هن بحث جو مقصد پورو ٿيو، دوستن هڪٻئي سان دل کولي شڪايتون به ڪري ڇڏيون، ڪي ڪاوڙيا ته ڪي ناراض ٿيا ته ڪن جي دل آزاري ٿي ته ڪن ان بحث مان ڪجهه پرايو به هوندو ،،،، پر گهڻي ڀاڱي هن بحث ۾ عنصر غالب رهيو؛ ” شڪايتون“ انڪري اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني

    دنيا ۾ ٻيا غم به آهن عشق کانسوا ،،،،

    ممتاز هن اڱڻ جو پراڻو يار آهي، ڪيترائي ڀيرا آيو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا گم به ٿي ويندو آهي ،،،، درياهه جو ڪم آهي وهندو رهڻ سو سنڌ سلامت الله جي شڪر سان ۽ اوهان دوستن جي دوستيءَ سان وهندي رهي آهي ،،،، ممتاز به گهمي ڦري وري دوستن وٽ ايندو، ” رب العالمين کيس پنهنجي امان ۾ رکي“

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو