TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
جواب: بدلي وٺڻ جو انداز
ادا ممتاز! پنهنجن سان پٺاڻڪيون چڱيون ناهن۔ ٻيلي هاڻي ڇڏ ڪاوڙ کي۔۔۔۔
ادا ممتاز! پنهنجن سان پٺاڻڪيون چڱيون ناهن۔ ٻيلي هاڻي ڇڏ ڪاوڙ کي۔۔۔۔
ان ڪري جواب نه لکي بحث مباحثي کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون متان ڪنهن دوست کي ان جو سوچ مطابق اسان ڪنهن هڪ دوست کي اهميت ڏئي رهيا آهيون سمجهيو وڃي۔ ٻيو ته ڪي موضوع اهڙا هوندا آهن جنهن جي مڪمل معلومات نه هوندي آهي پوء هروڀرو گپ ۾ داڦوڙا هڻڻ به مناسب نه لڳندو آهي هن موضوع متعلق به ميڊيا ذريعي ئي معلومات ٿي ميڊيا به انسان ئي پيش ڪن ٿا بهر حال انهن سڀني ڳالهين جي باوجود منهنجي ذاتي راء رنڪل واري معاملي ۾ ادا ممتاز جي راء جي موافق آهي ته جيڪڏهن ڪو به ڪڏهن به ڪٿي به مسلمان ٿيڻ چاهي ته اهو مسلمان ٿي سگهي ٿو ان کي ڪابه رنڊ روڪ نه آهي باقي هر ڪنهن جي ذهن جو پنهنجو فيصلو آهي ماڻهو ته صحابن تي آڱريون کڻن ٿا ته انهن ڪنهن لالچ جي ڪري اسلام قبول ڪيو هو يا في الوقت دٻاء جي ڪري وقتي ڪلمون پڙهيو هو ۔ ادا جمالي صاحب يا ڪو ٻيو دوست لکي هر ڪنهن کي پنهنجي ذهن آهر لکڻ جو حق آهي ليڪن سندن آخري تحرير ۾ هڪ جملو مون کي ڳرو لڳو بهتر آهي ته ان ۾ ترميم ڪئي وڃي۔
مانوارا سائين رحيم بخش صاحب سدائين سکيا رهو ۔ ڪو اگر هندو ٿيڻ چاهي ته ان لاءِ اوهانجي راءِ ڪهڙي هوندي ؟؟؟ سوره الڪافرون جي آخري آيت ڪريمه به ياد رکجو ۔جيڪڏهن ڪو به ڪڏهن به ڪٿي به مسلمان ٿيڻ چاهي ته اهو مسلمان ٿي سگهي ٿو ان کي ڪابه رنڊ روڪ نه آهي ۔ ادا جمالي صاحب يا ڪو ٻيو دوست لکي هر ڪنهن کي پنهنجي ذهن آهر لکڻ جو حق آهي ليڪن سندن آخري تحرير ۾ هڪ جملو مون کي ڳرو لڳو بهتر آهي ته ان ۾ ترميم ڪئي وڃي ۔
سائين طاهر صاحب سدائين جُڙيا هجو ۔سائين برابر فرمايو اوهان رينڪل ڪماري کي پاڻ ڏسو ته پنهنجي اسلام بابت ڪيئن ٿي سر عام اعلان ڪري
۔انڊيا ۾ ڪافي ساري مسلمان ڇوڪرين پهنجو مذهب مٽائي هندن سان شاديون ڪيون آهن۔گجرات(انڊيا) جي تاريخ ان ڳالھ جي شاهد آهي