رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڪنڌڪوٽ ويجهو جهوني رئيس جان محمد باجڪاڻي سان 1988ع ۾ ملاقات ٿي ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ سلجهيل گفتگو ڳالهه ۾ دليل ۽ وزن ۔ اڪثر نوجوان اهڙن بزرگن جي ڪچهري کان لنوائيندا آهن ۔ پر مان ڳولهي شوق سان ڪچهري ڪندو آهيان ۔ ڪچهري دوران ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي وڃي ڀڳت ڪنوررام تائين پهتي ۔ هن ٻڌايو ته ڀرچونڊي وارو پير جيڪب آباد شهر ۾ پنهنجن مريدن کان اوڳاڙي تي لٿل هو ، پير صاحب جي ڪچهري اوج تي هئي جو ڪنهن اچي چيو ته ڀڳت ڪنوررام جيڪب آباد پهچي ويو آهي ۽ هو لولي پڙهندو ۔ جنهن سان ماتا بيماري ورتل پڪا پوڙها ۽ ٻارڙا ٺيڪ ٿيندا هئا۔ ( مشهور ڪيو ويو هو ) بحر حال ڀڳت ڪنوررام جي اچڻ جو ٻُڌي پير صاحب جي مريدن سوڌو سڀ اوڏانهن روانه ٿي ويا ۔ پير صاحب کي ڪاوڙ آئي جنهن جو هن اظهار به ڪيو هو ۔ اتي ئي پير صاحب جو هڪ مريد خان محمد جلباڻي ويٺل ڳوٺ الله بخش جلباڻي به موجود هو ، جنهن پير صاحب جي ڪاوڙ کي دل ۾ سانڍي رکيو ۽ ٽئين ڏينهن تي رۡڪ جي اسٽيشن تي بندوق جو فائر ڪري ڀڳت ڪنوررام کي راهه رباني ڏيکاري ڇڏي۔ رڪ اسٽيشن کان پنڌ ئي پنڌ سکر پهتو ۽ رات درياءَ جي ڪناري ڪنهن مڪان ۾ ترسي پيو ٻئي ڏينهن منجهند جو هن جي نظر مسلمانن جي ڪٽر دشمن پٻناڻي وڪيل تي پئي هن پنهنجي بندوق جو نشانو ان کي به بڻايو ۽ اتان ڊُڪي پنهنجي ڳوٺ پهتو ۔ گرفتاري جي ڀوَ کان مرندي مري ويو پر ڳوٺ کان ٻاهر نه نڪتو ۔ اتان کان هندو ۽ ڀرچونڊي وارن جي ويڙه جو سلسلو شروع آهي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هلندو اچي پيو ۔ ان جي پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي الله پاڪ بهتر ٿو ڄاڻي ۔