• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جون مائرون

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
دنيا جي مائرن جي ڀيٽ ڪڏهن به نه ٿي ڪري سگهجي ۔ هر ماءُ جي قرباني بي مثل بي نظير آ ۔منهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڏي قرباني منهنجي پنهنجي امڙ سانئڻ ڏني شايد ڪنهن ٻي ماءُ ايڏي قرباني ڏني هجي ۔ پر جڏهن ڪنهن ٻي جي ماءُ جو احوال ان جي اولاد کان پڇبو ته هو ٻه قدم مونکان به اڳتي هوندو ۔ سنڌياڻي ماءُ جي هڪ ايڏي خوبي آهي جا دنيا جي ڪنهن ٻي ماءُ ۾ نظر نه ٿي اچي۔ ( ٿي سگهي ٿو منهنجو مشاهدو غلط به هجي ) اها خوبي اِها آهي جڏهن به پنهنجي اولاد لاءِ دعا گهرندي آهي ته اُن سان گڏ سڄي جهان جي ٻچڙن جو به خير لازمي گهرندي آهي ۔ ڪنهن به ماءُ مونکي ان سوال تي مطمئن نه ڪيو آهي ۔ ته توهان ٻين جي اولاد لاء دعا ڇو ٿيون گهرو ؟ منهنجي امڙ سميت سڀني جو جواب هڪ ئي هوندو آهي ۔ ابا سڄي جهان جو خير ؟ اما آئي ماسي پڦي چاچي مامي ڀاڄائي اوهان ٻين لاءِ دعائون ڇو ٿيون گهرو ؟؟ جواب هڪ ئي ابا ايئن نه چئو ، بس هر جهان جي ٻچڙن جو خير ۔
پر پنهنجي مملڪت خدا داد ۾ ڪئين رنگ نسل ۽ ٻولين وارا ٻيا به آهن انهن کي ايئن دعا گهرندي مان نه ڏٺو آهي ۔
اڄ 20 سال ٿي چڪا آهن سنڌ جي جي هڪ امڙ سان ظلم جي داستان کي ، ظلم ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ به هن جهان ۾ نه رهيا آهن ۔ اها امڙ آهي مائي جندو ، جنهن جا ڳڀرو ايڏي بيدردي سان ذبح ڪيا ويا ، ايڏي بيدردي ته ڪاسائي به نه ڪندو آهي ۔ هن دنيا ۾ نه شاهنواز گهمڻ رهيو نه ئي وري ميجر ارشد ۔
پر مائي جندو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سِنڌِڻ ڦر ڄڻي سگهي ٿي ته نپائي به سگهي ٿي ۽ انهن تي ڪا گرمي سردي اچي ته اُن کي به منهن ڏئي ڄاڻي ٿي ۔
الله سائين کان دعا آهي ته دشمن کي به اولاد جو ڏک نه ڏيکاري آمين ثم آمين ۔
 
جواب: سنڌ جون مائرون

مٺا دوست ، اوها بيشڪ سچا آهيو، هون ته دنيا جي هر ما پنهنجي ٻچڙي لا پاڻ قربان ڪرڻ جو جذبو رکندي آهي، انسان ته ٺهيو چرند پرند پڻ اهڙين خوبين سان مالا مال آهن ۔۔۔۔ مون جانورن جون ڪيتريون وڊيوز ڏِٺِيون يا مشاهدي مان گذريون آهن جو هوند ڏندي آڱريون اچيو وڃن۔

سنڌ ما جي اضافي خوبي قومي نفسيات ۾ آهي، اوهانکي لطيف جو اهو بيت ته ياد هوندو، جنهن ۾ نه فقط سنڌ بلڪه پوري عالم جو خئير گهريل آهي، ان ئي سبب سنڌي قوم پرامن ۽ دنيا جي سلامتي جي امين آهي ۔۔۔ ان قومي نفسيات سبب ئي اسانجون امڙيون پنهنجن ٻچڙن سميت پوري دنيا جي ٻچڙن لا دعاڳو آهن۔

امڙ جي هن ڀيٽا ۾ مائي جندو کي ياد ڪري ڀلو ڪيو اٿوَ، پر جن دوستن کي مائي جندو جي واقعي جي خبر ناهي تنهن لا اوهانجي ڳالهه ڳجهارت جيئان آهي، جيئن آ ۔۔۔۔

دعا آهي ته دنيا جي سڀني امڙين ڏي خئير هجي ۔۔۔ آمين
 
جواب: سنڌ جون مائرون

رضوان سائين مهرباني

اوهان مائي جندو جي ياد ڏياري ۔۔ ان ماء کي به سلام آهي جنهن پنهنجي ڪونڌرن ۽ پنهنجي جوان ڌيئرن جا موت ڏٺا پر حوصلو ڪونه هاريو۔ مائرن جي عالمي ڏينهن تي مان سڀني امڙين کي سلام ٿو پيش ڪيان۔
 
جواب: سنڌ جون مائرون

رضوان سائين مهرباني

اوهان مائي جندو جي ياد ڏياري ۔۔ ان ماء کي به سلام آهي جنهن پنهنجي ڪونڌرن ۽ پنهنجي جوان ڌيئرن جا موت ڏٺا پر حوصلو ڪونه هاريو۔ مائرن جي عالمي ڏينهن تي مان سڀني امڙين کي سلام ٿو پيش ڪيان۔

سائين سليمان پيارا مائي جندو جي مختصر ڪهاڻي لکي جن دوستن کي ان متعلق معلومات نه انهن جي معلومات ۾ اضافو ڪيو جيئن سائين نثار ابڙو جن پنهنجي تحرير ۾ اهڙو اظهار ڪيو آهي۔
 
جواب: سنڌ جون مائرون

مان ڪجهه ذاتي مصروفيتن جي ڪري سنڌ سلامت تي ٻن ٽن ڏينهن کان نه اچي سگهيو هيم، ڪافي مضمون نظر اچي رهيا آهن، سوچيم ڪنهن ڪنهن متعلق جواب موڪليان، پر امڙ جيجل متعلق مضمون پڙهيم ته سوچيم ان جي جواب ۾ ڪجهه لکان، گهڻو ڪجهه لکڻ گهرجي، پر جيترا لفظ آهن اهي گهٽ پئجي رهيا آهن، هڪ نظم ڪنهن دوست مونکي ايس ايم وسيلي موڪليو ته سوچيم ونڊ ڪرڻ جهڙو آهي هر ان امڙ جيجل جي نان۽ جنهن پنهنجي جهولي منجهه لوليون ڏئي اسان کي سگهارو ڪرڻ لا ٿڃ پياري وڏو ڪيو۔

منهنجون سڀ ارڏايون امڙ جي پيرن ۾
منهنجون سڀ وڏايون امڙ جي پيرن ۾
مان ڀلي ٻين لا خان هجان!
منهنجا پٽڪا، ٽوپيون امڙ جي پيرن ۾،
دنيا ڀلي ڳولي بهشت کي هن جهان ۾،
پر منهنجي جنت جيجل جي پيرن ۾۔​
 
جواب: سنڌ جون مائرون

منهنجون سڀ ارڏايون امڙ جي پيرن ۾
منهنجون سڀ وڏايون امڙ جي پيرن ۾
مان ڀلي ٻين لا خان هجان!
منهنجا پٽڪا، ٽوپيون امڙ جي پيرن ۾،
دنيا ڀلي ڳولي بهشت کي هن جهان ۾،
پر منهنجي جنت جيجل جي پيرن ۾۔

واهه سائين واهه امڙ ته امڙ آهي ، هڪ ڏينهن منهنجي ننڍي ڀا منور علي جمالي جو ننڍڙو پُٽ عمار حسين پنهنجي ڏاڏي ( منهنجي جيجل ) جي پيرن ۾ ڪتڪتايون پئي ڏنيون ته مان هِن کي منع ڪندي چيو ته منهنجي جنت سان حرڪت نه ڪر ، هِن ٺهه پهه وراڻيو ته توهانجي جنت کي توهان لاءِ صاف پيو ڪريان هن جي جواب منهنجي جيجل ايڏي ته خوش ٿي جو آ هِت ٻُڌائي نه ٿو سگهان ۔
 
جواب: سنڌ جون مائرون

، هِن ٺهه پهه وراڻيو ته توهانجي جنت کي توهان لاءِ صاف پيو ڪريان هن جي جواب منهنجي جيجل ايڏي ته خوش ٿي جو آ هِت ٻُڌائي نه ٿو سگهان ۔

سچ پڇو ته اها ڳالهه پڙهي مونکي پڻ ايتري خوشي ٿي آهي جو بيان نٿو ڪري سگهان ۽ ان بابلڙي جي معصوميت تي رشڪ ٿو اچي۔۔الا الا سچ ته جنت جيجل جي پيرن ۾ آهي، اها جنت جيڪا عرش عظيم تي سنواريل آهي، ۽ رب ڪائنات ان جنت کي جيجل جي پيرن منجهه رکيو ته جئين اسان جنت کي هيڏانهن هوڏانهن نه ڳوليون، بس پنهنجن امڙين جي پيرن ۾ هجون۔
 
Back
Top