رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
دنيا جي مائرن جي ڀيٽ ڪڏهن به نه ٿي ڪري سگهجي ۔ هر ماءُ جي قرباني بي مثل بي نظير آ ۔منهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڏي قرباني منهنجي پنهنجي امڙ سانئڻ ڏني شايد ڪنهن ٻي ماءُ ايڏي قرباني ڏني هجي ۔ پر جڏهن ڪنهن ٻي جي ماءُ جو احوال ان جي اولاد کان پڇبو ته هو ٻه قدم مونکان به اڳتي هوندو ۔ سنڌياڻي ماءُ جي هڪ ايڏي خوبي آهي جا دنيا جي ڪنهن ٻي ماءُ ۾ نظر نه ٿي اچي۔ ( ٿي سگهي ٿو منهنجو مشاهدو غلط به هجي ) اها خوبي اِها آهي جڏهن به پنهنجي اولاد لاءِ دعا گهرندي آهي ته اُن سان گڏ سڄي جهان جي ٻچڙن جو به خير لازمي گهرندي آهي ۔ ڪنهن به ماءُ مونکي ان سوال تي مطمئن نه ڪيو آهي ۔ ته توهان ٻين جي اولاد لاء دعا ڇو ٿيون گهرو ؟ منهنجي امڙ سميت سڀني جو جواب هڪ ئي هوندو آهي ۔ ابا سڄي جهان جو خير ؟ اما آئي ماسي پڦي چاچي مامي ڀاڄائي اوهان ٻين لاءِ دعائون ڇو ٿيون گهرو ؟؟ جواب هڪ ئي ابا ايئن نه چئو ، بس هر جهان جي ٻچڙن جو خير ۔
پر پنهنجي مملڪت خدا داد ۾ ڪئين رنگ نسل ۽ ٻولين وارا ٻيا به آهن انهن کي ايئن دعا گهرندي مان نه ڏٺو آهي ۔
اڄ 20 سال ٿي چڪا آهن سنڌ جي جي هڪ امڙ سان ظلم جي داستان کي ، ظلم ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ به هن جهان ۾ نه رهيا آهن ۔ اها امڙ آهي مائي جندو ، جنهن جا ڳڀرو ايڏي بيدردي سان ذبح ڪيا ويا ، ايڏي بيدردي ته ڪاسائي به نه ڪندو آهي ۔ هن دنيا ۾ نه شاهنواز گهمڻ رهيو نه ئي وري ميجر ارشد ۔
پر مائي جندو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سِنڌِڻ ڦر ڄڻي سگهي ٿي ته نپائي به سگهي ٿي ۽ انهن تي ڪا گرمي سردي اچي ته اُن کي به منهن ڏئي ڄاڻي ٿي ۔
الله سائين کان دعا آهي ته دشمن کي به اولاد جو ڏک نه ڏيکاري آمين ثم آمين ۔