دوستو ڪجهه ڏينهن اڳ مان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعري شيئر ڪئي هئي۔
ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو
جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو
گهڻن دوستن اها فرمائش ڪئي ته ذوالفقار سيال جو اهو غزل ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعريء جو تسلسل آهي. ڪوشش ڪري اڄ وري تنوير عباسيء جو اهو غزل پيش دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.
غزل : ڊاڪٽر تنوير عباسي
ناسي اکڙين وارا ماڻهو، جاڙين ڀروئن وارا ماڻهو،
منهنجي حياتي منهنجو جياپو، منهنجي خوشي تو پارا ماڻهو!
هيءَ حياتي ڪيئن گـذري ها، جيئڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ها،
جي نه ملن ها هن دنيا ۾، تو پارا ڪي پيارا ماڻهو!
ماڻهو ماڻهن جهڙا پر ڪي، ڪنهن لئه ڪهڙا ڪنهن لئه ڪهڙا،
مکڙين جهڙا ماکيء جهڙا، سڀ کي پنهنجا پيارا ماڻهو!
تنهنجي ٽهڪن جي ٽڙندڙ، گلڙن جا هار ڳچيءَ پائيندا،
جي دنيا کان هارائي، ايندا تو وٽ دکيارا ماڻهو!
هن خوبصورت غزل کي برڪت علي پنهنجي مڌر آواز ۾ پڻ ڳايو آهي