ٻوليون الله جي نشاني آهن

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    وَمِنْ آيَاتِهِ خَلْقُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَاخْتِلَافُ أَلْسِنَتِكُمْ وَأَلْوَانِكُمْ ۚ إِنَّ فِي ذَ‌ٰلِكَ لَآيَاتٍ لِّلْعَالِمِينَ
    ۽ ان جي نشانين مان آسمان ۽ زمين جو پئدا ڪرڻ ۽ اوهانجي زبانن ۽ رنگن جو مختلف هجڻ به آهي، بيشڪ ان ۾ علم وارن لاءِ نشانيون آهن۔​
    خاص ڪري پاڪستان ۾ جڏهن قوم يا ٻولي جي حقن جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ڪجهه مذهبي ماڻهون انکي اهو چئي رد ڪندا آهن ته پاڪستان ۾ لسانيت نه ڦهلايو. ان سان مسلمان ڪمزور ٿيندا ۽ پاڪستان ڪمزور ٿيندو.
    اسين چوندا آهيون ته خدارا پاڪستان ۾ شامل قومون فطرت جا رنگ آهن انهنکي ختم نه ڪريو، انصاف ڪريو، نه ته پاڪستان ختم ٿي ويندو، پاڪستان کي زنده رکڻو اٿوَ ته قومن کي حق ڏيو انهن جي زبانن کي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا موقعا عطا ڪريو ته جيئن هي نئون ٺهيل ملڪ پنهنجن رنگن سان ترقي ڪري سگهي. پر مذهبي خاص ۽ ڪجهه انهن جا پوئلڳ عام ڪري ان ڳالهه کي اسلام ۽ دين جي خلاف سمجهندا آهن. جڏهن ته رب الڪائنات قومن ۽ زبانن کي پنهنجيون نشانيون ٿو چوي.
    آءُ هن آيت جي روشنيءَ ۾ چوندس ته جيڪي ماڻهون قومن، رنگن ۽ انهن جي زبانن جي مخالفت ڪنٿا، اهي الله تعالا جي نشانين کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪنٿا ۽ حقيقي معني ۾ اهي ئي ڪفر ڪنٿا.
    الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: ٻوليون الله جي نشاني آهن

    نثار سائين اڄ 1976 ع تائين ڇِڪي ويا آهيو ۔اها آيت سوره الروم 22 جڏهن صدها لائق عزت قابِل احترام منهنجي استاد محترم مرحوم سائين علي نواز پٺاڻ پڙهي هئي ۽ تمام سهڻي انداز سان ترجمو ڪري سمجهايو هو ۔ ذهن جا زنگ لڳل تالا کُلي ويا هئا ۔ اصل ۾ سائين جي سامهون ڪجهه دوستن اردو ٻولي تي تبرو ڪيو هو ، پر سائين علي نواز پٺاڻ کي الله پاڪ جنت ۾ ڪُشادي جاءِ عطا ڪري اهڙي ته پيرائتي انداز سان سمجهاڻي ڏني هئي جو سائين جي مٿان جماعت اسلامي جو لڳل ليبل مٽجي ويو ۽ سائين کي ڪامريڊ سمجهڻ لڳاسين ۔ اردو زبان کان نفرت محبت ۾ تبديل ٿي هر رنگ سان محبت ۾ نواڻ پيدا ٿي ۽ پنهنجي مٺڙي ٻولي جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ نئين سِر نئون جذبو اُڌمو ڏئي پيدا ٿيو هو ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ٻوليون الله جي نشاني آهن

    بيشڪ صحيح ٿا فرمايو
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٻوليون الله جي نشاني آهن

    مهربانيون سائين ۔۔۔۔۔ خوبصورت ونڊ

    بس سائين سمجهڻ وارن لاء نشانيون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ماڻهو سمجهڻ جي ئي ڪوشش ڪونه ٿا ڪن۔ قوميت جي ڳالهه تي ڳالهه اڳتي وڌائي ٿا ڇڏين۔ پر ان ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ جو به فرق آهي۔
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ٻوليون الله جي نشاني آهن

    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا اسان به ادا سليمان وسان جي ڪيمنٽس کان سوء فيصد متفق آهيون،مهرباني ڪري ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٻوليون الله جي نشاني آهن

    مهنجو پڻ اهو ئي جواب آهي سائين


    سدائين گڏ
     
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,725
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ٻوليون الله جي نشاني آهن

    شان نزول ـ فارس ۽ روم جي وچ ۾ جنگ ٿي هئي ڇو ته اهل فارس بت پرست هئا.، ان ڪري مشرڪين عرب انهن جو غلبو پسند ڪندا هئا، رومي اهل ڪتاب هئا ان ڪري مسلمانن کي انهن جو غلبو سٺو محسوس ٿيندو هو.خسرو پرويز بادشاهه فارس رومين تي لشڪر موڪلي ڏنو ۽ قيصر روم به پڻ لشڪر موڪليو، اهي لشڪر سرزمين شام جي ويجهو منهن مقابل ٿيا ته فارس وارا غالب ٿي ويا، مسلمانن کي ان خبر ڏکارو ڪري وڌو، ڪفار مڪه ان ڳالهه کان خوش ٿي مسلمانن کي اهو چوڻ لڳا ته توهان به اهل ڪتاب ۽ نصاري به اهل ڪتاب ۽ اسان به بت پرست فارس وارا به بت پرست، اسان جا ڀائر اهل فارس توهان جي ڀائرن رومين تي غالب ٿي ويا هاڻ اسان جي ۽ توهان جي جنگ لڳي ته اسان به توهان تي غالب ٿي ويندا سين. ان تي هي آيتون نازل ٿيون ۽ ان ۾ خبر ڏني وئي ته چند سالن اندر رومي وري فارس تي غالب ٿي ويندا، هي آيتون ٻُڌي ڪري حضرت ابوبڪر رضي الله تعالٰ عنه ڪفار مڪه وٽ وڃي اهو اعلان ڪيو ته ”خدا جو قسم رومي ضرور اهل فارس تي غالب اچي ويندا“ اي اهل مڪه توهان هن وقت جي جنگ جي نتيجي مان خوش نه ٿيو اسانکي اسان جي نبي صلٰ الله عليه وآله وسلم جن اها خبر ڏني آهي، اُبي بن خلف ڪافر منهن انهن جي مقابل ٿيو ۽حضرت ابوبڪر صديق رضه سان هڪ سو اٺن جي شرط لڳائي ڇڏي ته جيڪڏهن نون سالن ۾ اهل فارس غالب ٿي ويا ته حضرت ابوبڪر رضه جن کي هڪ سو اٺ اُبي کي ڏيڻا پوندا، ۽ جيڪڏهن رومي غالب ٿي ويا ته اُبي حضرت ابو بڪر رضه جن کي هڪ سو اٺ ڏيندا(ان مهل تائين قمار جي حرمت نازل نه ٿي هئي).. قصو هي ته پوءِ ست سالن کانپوءِان ڳالهه جو سچ ظاهر ٿيو ۽ جنگ حديبيه يا بدر جي ڏينهن رومي اهل فارس تي غالب اچي ويا ۽ رومين مدائن ۾ پنهنجا گهوڙا ٻڌا ۽ عراق ۾ روميه نالي هڪ شهر جي بنياد رکيائون ۽ حضرت ابوبڪر رضه جن شرط جا هڪ سو اٺ اُبي جي اولاد مان وصول ڪيا ڇو ته هو پاڻ ان دوران مري چڪو هو. سیدِ عالَم صلی اللہ علیہ وآلہٖ وسلم جن حضرت صدیق رضی اللہ تعالٰی عنہ کي حڪم ڏنو ته شرط جي ان مال جو صدقو ڪري ڇڏي، اها غيبي خبر حضور سیدِ عالَم محمد مصطفٰ صلی اللہ علیہ وآلہٖ وسلم جن جي صحت نبوت ۽ قرآن پاڪ جي ڪلام الله هئڻ جي روشن دليل آهي. (خازن و مدارک)

    مٿيون مواد خزائن الهدايت جي ويب سائيٽ تان سنڌي ۾ تجمو ڪيم، www.khazainulhidayat.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو