نثارابڙو
نائب منتظم

وَمِنْ آيَاتِهِ خَلْقُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَاخْتِلَافُ أَلْسِنَتِكُمْ وَأَلْوَانِكُمْ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِّلْعَالِمِينَ
۽ ان جي نشانين مان آسمان ۽ زمين جو پئدا ڪرڻ ۽ اوهانجي زبانن ۽ رنگن جو مختلف هجڻ به آهي، بيشڪ ان ۾ علم وارن لاءِ نشانيون آهن۔
خاص ڪري پاڪستان ۾ جڏهن قوم يا ٻولي جي حقن جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ڪجهه مذهبي ماڻهون انکي اهو چئي رد ڪندا آهن ته پاڪستان ۾ لسانيت نه ڦهلايو. ان سان مسلمان ڪمزور ٿيندا ۽ پاڪستان ڪمزور ٿيندو.
اسين چوندا آهيون ته خدارا پاڪستان ۾ شامل قومون فطرت جا رنگ آهن انهنکي ختم نه ڪريو، انصاف ڪريو، نه ته پاڪستان ختم ٿي ويندو، پاڪستان کي زنده رکڻو اٿوَ ته قومن کي حق ڏيو انهن جي زبانن کي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا موقعا عطا ڪريو ته جيئن هي نئون ٺهيل ملڪ پنهنجن رنگن سان ترقي ڪري سگهي. پر مذهبي خاص ۽ ڪجهه انهن جا پوئلڳ عام ڪري ان ڳالهه کي اسلام ۽ دين جي خلاف سمجهندا آهن. جڏهن ته رب الڪائنات قومن ۽ زبانن کي پنهنجيون نشانيون ٿو چوي.
آءُ هن آيت جي روشنيءَ ۾ چوندس ته جيڪي ماڻهون قومن، رنگن ۽ انهن جي زبانن جي مخالفت ڪنٿا، اهي الله تعالا جي نشانين کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪنٿا ۽ حقيقي معني ۾ اهي ئي ڪفر ڪنٿا.
الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.