• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي هڪ نوجوان پاران پاڻيء تي گاڏيون ۽ مشينون هلائڻ واري ڪٽ تيار

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
4fxqvt.jpg

سنڌ ڌرتي هونهار ۽ ذهين نوجوانن سان ڀري پئي آهي پر اسان وٽ نوجوانن کي ڳولي انهن جي ذهانت کي دنيا اڳيان پيش ڪرڻ جو رجحان ئي نه رهيو آهي۔ پيٽرول ۽ ٻارڻ وارين گئسن جا اگهه جڏهن آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن ته اهڙي وقت ۾ خيرپور ميرس جي پنجهٽي پاڙي ۾ رهندڙ نوجوان آغا وقار پنهنجي ذهني صلاحيتن ذريعي هڪ اهڙي نرالي ڪٽ تيار ڪئي آهي جنهن جي مدد سان پاڻيء ذريعي نه رُڳو موٽر سائيڪل ، ڪار ۽ واشنگ مشين پر جنريٽر ۽ جهاز به پاڻي تي هلائي سگهجي ٿو.

نوجوان جو چوڻ آهي ته پاڻيءَ تي گاڏيون هلائڻ وارن سائنسي تجربن جي شروعات 1930 کان آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪئي وئي هئي ۽ هن وقت به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڻيءَ جي مدد سان گاڏيون هلايون پيون وڃن پر انهن گاڏين ۾ پاڻيءَ سان گڏ پيٽرول، ڊيزل، گئس يا ٻيو ٻارڻ به استعمال ڪيو وڃي ٿو پر نوجوان جي دعويٰ آهي ته هن جيڪا ڪٽ تيار ڪئي آهي، ان جي مدد سان رڳو پاڻيءَ تي به گاڏيون ۽ جهاز هلائي سگهجن ٿا. نوجوان جو چوڻ آهي ته سندس تيار ڪيل ڪِٽ ۾ ڪا به گئس يا ٻيو مواد نه پر سئو سيڪڙو پاڻي استعمال ٿئي ٿو. صحافين جي هڪ ٽيم سندس دعويٰ جي جاچ لاءِ جڏهن نوجوان وٽ پهتي ته هن پنهنجي ڪٽ جي مدد سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي سپلاءِ ڪاٽا ڪيل هڪ ڪار کي پاڻيءَ تي هلائڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ڏيکاريو ۽ صحافين جي ٽيم کي پاڻيءَ تي هلندڙ ڪار تي ويهاري سير به ڪرايو.

نوجوان طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن جيڪو ڊوائيس ٺاهيو آهي ان ذريعي هر قسم جي گاڏي، جنريٽر، موٽرسائيڪل ۽ ٻرندڙ چلهه لاءِ انهي ڪٽ کي استعمال ڪري سگهجي ٿو، نوجوان دعويٰ ڪئي آهي ته ان واٽر ڪٽ ۾ پاڻي کانسواءِ ٻي ڪا شيءِ يا گئس شامل نه ڪئي وئي آهي، سندس اهو به چوڻ آهي ته ان سان گاڏي ۾ الٽريشن جي به ضرورت نه پوندي، فقط واٽر ڪٽ تي ئي گاڏي فنڪشن ڪندي. نوجوان وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو آهي ته ان سان نه گاڏي جي انجڻ تي فرق پوندو نه ئي گاڏي جي رفتار متاثر ٿيندي، صرف هڪ لٽر پاڻي جي مدد سان گاڏي 40 ڪلوميٽر آساني سان هلي سگهي ٿي، ان کانسواءِ گاڏي مان دونهون به ڪو نه نڪرندو، جنهن سبب ماحوليات جي حوالي سان اها ايجاد انتهائي اهميت واري آهي، سندس مطابق گاڏي ۾ پيٽرول واري ساڳي ٽانڪي استعمال ٿيندي ۽ ان ۾ پاڻي وجهڻو پوندو۔

باصلاحيت نوجوان جو چوڻ آهي ته حڪومت کيس سڪيورٽي ۽ گهربل سهولتون فراهم ڪري ته هو 90 ڏينهن اندر واٽر ڪِٽ تيار ڪري مهانگي تيل ۽ گئس جي خرچن کان ملڪ جي هميشه لاءِ جان آجي ڪرائي سگهي ٿو. نوجوان مطابق دنيا جي ٻن ملڪن جي ماڻهن اهڙا تجربا ڪيا پر کين پراسرار نموني سان ماريو ويو، ڇاڪاڻ ته ان سان تيل مافيا کي نقصان جو خطرو هو، نوجوان چيو آهي ته هن ايجاد جو مقصد ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ آهي ته جيئن تيل تي خرچ ٿيندڙ رقم مفت تعليم ۽ علاج تي خرچ ڪري سگهجي، نوجوان چيو ته جيڪڏهن حڪومت اجازت ڏئي ته 90 ڏينهن اندر پوري ملڪ اندر اهو سسٽم شروع ڪري ڇڏيندس.

ان ئي سلسلي ۾ محترم سجاد مهر جو روزانه ڪوشش ۾ ڇپيل ڪالم ّخاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي هيٺ ڏجي ٿو۔

2s7zyjc.jpg
 
جواب: سنڌ جي هڪ نوجوان پاران پاڻيء تي گاڏيون ۽ مشينون هلائڻ واري ڪٽ تيار

مهراڻ يونيورسٽي پاران نوجوان کي مدد ڪرڻ جي آفر ڪئي وئي آهي۔

4hfkle.jpg
 
جواب: سنڌ جي هڪ نوجوان پاران پاڻيء تي گاڏيون ۽ مشينون هلائڻ واري ڪٽ تيار

اسان جي وڏي ڪاميابي آهي
 
جواب: سنڌ جي هڪ نوجوان پاران پاڻيء تي گاڏيون ۽ مشينون هلائڻ واري ڪٽ تيار

تمام سٺي خبر آهي، اسين سنڌ سلامت پاران اهڙي نوجوان کي سلام پيش ڪندي، کيس واڌايون ڏيون ٿا، اميد ڪريونٿا ته مستقبل قريب ۾ اسانکي اهڙي سهولت ملي ويندي جو اسين گاڏيون ڪنهن سستي ٻارڻ تي هلائڻ جي قابل ٿي وڃون، سچ پڇو ته گاڏي وٺڻ ته آسان آهي، هڪ دفعي جو خرچ آهي پر روزانه يا ماهوار ٻارڻ ايترو مهانگو آهي جو ماڻهون گاڏي وٺڻ جي سوچي به نٿو سگهي

دعا آهي ته سنڌ جي هن نوجوان کي ساهتا ملي وڃي ۽ کيس ڪو نقصان نه رسي، ائين نه ته يونيورسٽي انتظاميه فارمولو هٿ ڪري وٺي ۽ کيس سر کڻائڻ ۾ پئٽرول مافيا سان ملي وڃي ،،،، الله ائين نه ڪري

الله تعالا هر انسان ۾ ڀرپور صلاحيتون رکيون هونديون آهن، پر جڏهن ڪو پنهنجي اندر جهاتي پائي ڏسندو ته کيس ڪجهه ملندو آهي ،،، ٻي ڳالهه ته ترقي يافته قومن وٽ ادارا ۽ وسائل صحيح رخ ۾ ڪم ڪندا آهن ته پوءِ اهڙا ڪم جيڪي اسانکي معجزن جهڙا لڳندا آهن، سي عام ٿي ويندا آهن

اميد ڪجي ٿي ته مهراڻ يونيورسٽي ۽ انجي انتظاميا صحيح رخ ۾ عمل ڪري ان نوجوان کي مان ڏئي قومي خدمت ۾ پاڻ ڀري ٿيندي

اميدن تي جهان قائم آهي
 
جواب: سنڌ جي هڪ نوجوان پاران پاڻيء تي گاڏيون ۽ مشينون هلائڻ واري ڪٽ تيار

ادي جون ڳالهيون ٻڌي اسان ت حيران ٿي ويا آهيون رب سائين حياتي ڏيس ت هن ملڪ کي بجلي جي بحران مان ڪڍي
 
جواب: سنڌ جي هڪ نوجوان پاران پاڻيء تي گاڏيون ۽ مشينون هلائڻ واري ڪٽ تيار

دوستو مهربانيون

اسان جون دعائون سنڌ جي هن نوجوان لاء ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شال سندس خواب ساڀيان ٿي پوي ۽ ٻارڻ تي لڳندڙ پئسو تعليم ۽ امن امان سان گڏ تحقيقي ڪم تي خرچ ٿئي۔
 
جواب: سنڌ جي هڪ نوجوان پاران پاڻيء تي گاڏيون ۽ مشينون هلائڻ واري ڪٽ تيار

ادا سليمان وساڻ ،جيڪڏهن محترم آغا وقار جي پاڻي تي هلندڙ ڪار منظر عام تي اچي ويئي ته اها هن صدي جي سٺين ۽ ماڻهن کي ريليف ڏيندڙ دريافت مان هڪ هوندي۔مهراڻ يونيورسٽي ڄام شورو هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي،ته جيئن ان نوجوان جي پاڻي تي هلندڙ گاڏي جي پروجيڪٽ تي سيڙپ ڪري ان کي مارڪيٽ ۾ آندو وڃي۔ان لاء هنن آغا وقار کي پاڻ وٽ گهرايو آهي ته پنهنجي ٺهيل گاڏي جو تجربو هنن کي ڪري ڏيکاري۔اسان جي الله پاڪ جي در تي اها دعا آهي ته سنڌ جي هن ذهن کي زنگ ۽ نظربد کان بچائي ۽ هر سازش کان پنهنجي پناه ۾ رکي آمين۔
 
اسان سڀ ان اوسيئڙي ۾ آهيون ته هي خواب عملي جامو پائي۔ پر ان نوجوان جو چوڻ آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ جڏهن ان پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙن جڏهن ڪو عملي ڪم ڪيو ته انهن کي ختم ڪيو ويو يا مارايو ويو آهي۔ هڪ مضبوط مافيا جيڪا تيل تي قابض آهي اها هن ايجاد جي سخت مخالف آهي۔

تنهنڪري اسان به هن نوجوان لاء دعاگو آهيون ته رب کيس پنهنجي امان ۾ رکي ۽ عوامي ماڻهن جون دعائون ساڻس گڏ آهن۔
 
جواب: سنڌ جي هڪ نوجوان پاران پاڻيء تي گاڏيون ۽ مشينون هلائڻ واري ڪٽ تيار

ها دوستو هاڻ هن نوجوان جي سڀئي سنڌي گڏجي حفاظت ڪيون هن لا گڏيل جدوجهد ڪرڻي گهرجي
ً
 
سنڌ جي نوجوان هڪ انقلابي ٽيڪنالاجي دريافت ڪئي آهي۔ حڪومتي سطح تي اسانجي ان نوجوان سان سهڪار ڪري ان جديد ٽيڪنالاجي کي قابلِ استعمال بنائڻ جون ڪوششون ورتيون وڃن۔
 
اها ته خبر واقعي حيران ڪندڙ آهي ليڪن ان ڪم ۾ڪا پيش رفت به ٿيندي الائي ائين رڳو بس اخباري بيان تائين ڳالهه محدود رهندي ڇا واقعي اسان جا حڪمران پنهنجي قوم کي پوئتي رکڻ چاهين ٿا ڪافي خبرون ٻڌيون آهن ته چين سستي بجلي ڏيڻ جي آفر ڪئي پر پاڪستاني حڪمرانن قبول نه ڪئي هڪ خبر موجب ڊاڪر عبدالقدير خان ائٽمڪ بجلي جي آفر ڪئي ليڪن ان کي قبول نه ڪيو ويو ٿر ڪول پراجيڪٽ کي رڪاوٽون سامهون اچي رهيون آهن جيڪڏهن اهي خبرون سچيون آهن ته پوء ائين آخر ڇو ٿي رهيو آهي ائين چئبو ته اسان جا حڪمران فقط نالي جا مسلمان ۽ پاڪستاني سنڌي آهن باقي انهن جي ذهن ۾ ڪا ٻي قوت انهن کان پنهنجي مرضيء مطابق ڪم ڪرائي رهي آهي ۔ جيڪي دوست حڪومت سان وڌيڪ ڪلوز هجن انهن وٽ ڪا تحقيقي معلومات هجي ته اها دوستن کي ٻڌائين۔
 
واقعي ۾ جيڪڏهن اهڙو سسٽم پنهنجي ملڪ ۾ عام ٿي وڃي ته عوام کي ڪيترو ته فائدو پهچندو۔ پر ان ۾ اهو به خوف آهي ته پاڻي اسان لائي اڻ لڀ نه ٿي وڃي۔
 
دير سان ئي سهي پر اڄ سنڌ حڪومت هڪ بهتر قدم کڻندي ٽن وزيرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي ۽ آغا وقار کي اڱاري ڏينهن بريفنگ لاء گهرايو آهي ته هو پنهنجو ڪيس پيش ڪري ، جيئن سندس ڪم تي عمل ڪري سگهجي۔

ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي۔
 
ادا سليمان سنڌ حڪومت نه پر وفاقي حڪومت ڪميٽي ٽن وفاقي وزيرن تي ٺاهي آهي۔جيڪا وزير اعظم راجا اشرف جي هدايتن تي۔
 
ها بلڪل ادا

ان سلسلي ۾ وزير اعظم ٽن وفاقي وزيرن سيد خورشيد شاهه، ڊاڪٽر عاصم ۽ چنگيز جمالي تي مشتمل ٽيم جوڙي َآهي۔
 
Back
Top