اسڪولي ٻارن ۾ خودڪشي جو رجحان ، ذميوار ڪير آهي ؟
محمد سليمان وساڻ
گلن جهڙا معصوم ٻارڙا جڏهن صبح جو سوير اسڪولي يونيفارم پائي ، مسڪرائيندا اسڪولن ڏانهن ويندا آهن ته ان وقت من ۾ خوشيء جو احساس ٿيندو آهي. اهي ئي ٻار جڏهن اسڪول کان واپس ايندي ٺينگ ٽپا ڏيندي، ڪڏندي، وڙهندي گهرن ڏانهن ايندا آهن ته ڄڻ ماحول ۾ تازگي پيدا ٿي ويندي آهي.ڪنهن جو به ٻار هجي پر ٻار من جا سچا ۽ کرا ٿيندا آهن. پر اهڙا معصوم مکڙين جهڙا ٻارڙا جڏهن ڪومل احساسن واري ڪچڙي عمر ۾ خودڪشي ڪن ته دل روئڻ لڳندي آهي، وقت رڪجي ويندو آهي ۽ دماغ ۾ اٿندڙ سوچون بيهجي وينديون آهن. هونئن ته اهڙا واقعا ٻين ملڪن ۾ به ٿين ٿا پر هن هفتي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ چئن مختلف واقعن ۾ ٽن معصوم اسڪولي ٻارن موت کي ڳلي لڳايو آهي جڏهن ته هڪ ٻار اسپتال ۾ زير علاج آهي ۽ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي.
پهريون واقعو پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ ڇهين ڪلاس جي 12 سالن جي شاگرد عُمر پنهنجي استاد جي تشدد ۽ پنهنجي پيء جي دڙڪن کان دلبرداشته ٿي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. چون ٿا ته عُمر والدين جو اڪيلو پُٽ هو ۽ هو ٻن ڏينهن جي موڪل کانپوء جڏهن اسڪول ويو ته سندس استاد کيس سزا ڏني ۽ سندس والد کي وٺي اچڻ جو چيو پر سندس پيء وڃڻ کان انڪار ڪيو. استاد ۽ پيء جي اهڙي رويي سبب ننڍڙي عُمر پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. ٻيو واقعو مظفر ڳڙهه ۾ ٿيو جنهن ۾ نائين ڪلاس جي هڪ 13 سالن جي شاگردمدثر پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي جنهن ۾ سندس پنجاهه سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي. هن واقعي جو سبب ٻار تي اسڪول ۾ پڙهائي جو غير معمولي دٻاء هجڻ هو.
ٽيون واقعو خيبر پختونخواهه جي شهرايبٽ آباد ۾ ٿيو آهي جتي عبدالمبين نالي نينگر پنهنجي ڳچيء ۾ ڦاهووجهي پاڻ کي موت جي حوالي ڪيو آهي. هن ذهين شاگرد بابت چيو وڃي ٿو ته هو هاسٽل ۾ رهڻ پسند نه ڪندو هو ۽ ٻيو ته هو انگريزي جي استاد جي اڍنگي رويي سبب گهڻو دلبرداشته ٿي ويو هو. پنهنجي ڊائري ۾ مبين پنهنجي امڙ کي مخاطب ٿيندي لکيو آهي ته امان مان توسان ۽ پنهنجي گهر سان گهڻو پيار ڪيان ٿو، مان هاسٽل ۾ رهڻ نه ٿو چاهيان پر مان ڪنهن کي چوان، امان تون منهنجي قبر تي ڀلي روئجان پر گهڻو نه روئجان ۽ منهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ڪڏهن به هاسٽل ۾ داخل نه ڪجان. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مان جڏهن پنهنجي انگريزي جي استاد کان ٽيسٽ ۾ صرف اردو ۾ اهو پڇيو ته ڇا سوال ۽ جواب ٻئي لکان ته هن مونکي ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيو، ڇو ته استاداردو ڳالهائڻ تي پنج روپيا ڏنڊ وڌو هو. هو پنهنجي ڊائريء ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته هڪ دفعي منهنجي کيسي ۾ منهنجي ماء جي تصوير ڏسي انگريزي جي استاد اها کسي ورتي ان تي مان روئڻ لڳس ته هن تصوير واپس ڪري ڇڏي پر مونکي سخت مار ڏني ايتري مار ڪڏهن منهنجي پيء به مونکي ڪانه ڏني هئي.
چوٿون واقعو ڪالهه ڪراچي جي پاپوش واري علائقي ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ ڇهين ڪلاس جي تيرنهن ساله شاگرد رضا پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. هن واقعي جو سبب اهو هو ته رضا ٽيسٽ جي نتيجن ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪونه ڪري سگهيو تنهنڪري هن پنهنجي پوزيشن ڪارڊ کي پنهنجي والده کا صحيح ڪرائڻ چاهيو ، ڇو ته هو پنهنجي پيء کان ڊڄي رهيو هو. پر سندس ماء پڻ ان تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ سخت لفظن ۾ چيائينس ته پنهنجي پيء کان ڪرائجان ته جيئن کيس تنهنجي ڪارڪردگي جي خبر پوي. دلبرداشته ٿي هن معصوم گلڙن جهڙي ٻار پنهنجي پيءُ جو سخت رويو محسوس ڪندي پاڻ کي ڦاهو ڏئي پنهنجي زندگيء جو انت آڻي ڇڏيو.
هنن سڀني واقعن تي جڏهن سرسري نظر وجهبي ته گهڻو ڪري اهي سڀ واقعا استادن جي جبري رويي ۽والدين جي بي حسي سبب پيش آيا آهن. گلڙن جهڙن ٻارڙن جي موت تي اهي سوال اٿيرهيا آهن ته هنن معصوم ذهنن جي قتل جو ذميوار ڪير آهي ؟ معاشرو، والدين يا استاد !!!!! پر ڪير به جواب ڏيڻ لاء تيار ناهي. پاڪستان ۾ تعليم جي شرح اڳ ۾ ئي گهٽ آهي ۽ هنن واقعن سبب ٻارن ۽ والدين ۾ وڌيڪ ڳڻتي پيدا ٿي آهي ۽ اها شرح وڌيڪ گهٽجي سگهي ٿي.
ٻارن جي نفسيات کي سمجهڻ انتهائي ضروري هوندوآهي۔ اڄڪلهه والدين ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ وڏين فيسن عيوض ۽ هاسٽلن ۾ داخل ڪرائي ڄڻ ته پنهنجا سڀ فرض پورا ڪري ٿا ڇڏين ۽ ٻار ڇا ٿو سوچي، هن سان اتي ڪهڙو ورتاء ڪيو ٿو وڃي، ٻار ڪنهن ذهني پريشاني يا ڪنهن احساس ڪمتري ۾ مبتلا ته ناهي،ان تي ڪا توجهه ئيڪونهٿا ڏين۔ ياد رکو ٻارن کي سمجهڻ لاء پاڻ کي به ٻار ٿيڻو پوندو آهي۔والدين کي هٿ ٻڌي عرض آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي ٻارن کي وقت ڏيو، انهن کي سمجهو ۽ انهن جي صحيح پرورش سان گڏ صحيح رهنمائي به ڪيو۔ ياد رکو ٻارن جا ذهن ۽ سوچون هڪجهڙيون ناهن، ڪي ٻار پئدائشي ذهين هوندا آهن ته ڪي وري ڍلا ، ڪي ٻار پئدائشي سُست، ڪاهل ۽ منجهيل هوندا آهن ۽ ڪي ٻار وري پئدائشي تمام گهڻا چُست ۽ چالاڪ ته ڪي ٻار ذهني بيمار ۽ ڪمزو هوندا آهن. تنهنڪري هر ٻار کي ان جي طبيعت موجب پرگهور ۽ سار سنڀال جي ضرورت هوندي آهي.
استاد هڪ پيغمبري پيشو آهي، اهو استاد جنهن کي والدين جي برابر عزت ملي ٿي، اهو استاد جنهن کي شاگر سڄي عمر پنهنجو رهنما سمجهن ٿا، سي ڪيئن ايڏا جابر ۽ سنگدل ٿي وڃن ٿا. استادن کي گذارش آهي ته خدارا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته والدين اوهان تي ڀروسو ڪري پنهنجي جگر جو ٽڪرو اوهان جي حوالي ڪري ٿا وڃن ۽ نتيجي ۾ جيڪڏهن هنن کي پنهنجي پياري جو لاش ملي ته هن جي دل تي ڇا گذرندي هوندي؟. مهرباني ڪري اوهان پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي پنهنجي ڪوتاهين تي سوچيو، پنهنجي ڪمزورين کي پاڻ ڳوليو ۽ انهن تي قابو پايو. ٻارن کي سزا ڏيڻ وقت انهن جي تذليل نه ڪيو ۽ ڪو اهڙو ڪم نه ڪيو جنهن سبب سموري استادن کي گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي. ٻارن کي پنهنجائپ جو احساس ڏياريو ۽ هنن سان پيار ڪيو. سزا ڏيڻ وارا اهي پراڻا طريقا هاڻي دنيا ۾ ڪٿي به رائج ناهن، تنهنڪري جديد طريقن سان ٻارن کي تعليم ڏيو۔
اسڪول انتظاميه تي به اها جوابداري عائد ٿئي ٿي ته هو استادن ۽ ملازمن جو خيال رکڻ سان گڏ اهو به ڏسن ته ڪٿي ڪو استاد ڪي حدون ته نه ٿو اورانگهي ۽ ڪٿي ڪو استاد سزا جو تذليل وارو ۽ غير اخلاقي رويو ته ڪونه پيو رکي.سوال اهو به پيدا ٿو ٿئي ته هن ننڍي عمر ۾ ٻارن کي خودڪشيء جو خيال ۽ رغبت ڇو ٿي ٿئي ۽ هو اهو سڀ ڪجهه ڪٿان ٿا سکن؟ مان سمجهان ٿو اسان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي غير ذميوار رويي، ڊرامن ۽ فلمي سين کي ڏسي به شاگرد ان مان اهڙو سبق حاصل ڪري انتها تي پهتل قدم کڻن ٿا.اسان جي معاشري ۾ موجود روش سبب هي سڀواقعا ٿيا آهن، جن گهڻو صدمو پڻ پهچايو آهي، ٻارن جي هن ڪچڙي ذهن ۽ ننڍي عمر ۾ ڪيل خودڪشي ڪيئي سوال ۽ خدشا پيدا ڪيا آهن جنهن جو اسان جي تعليمي نظام تي گهرو اثر گهڻي وقت تائين رهندو.