• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منھنجو فيس بوڪ اڪائونٽ نه ٿو کُلي، پليز جلدي سنڱت ڪجھ صلاح ڏئي۔

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
اڄ اچانڪ فيس بوڪ يوز ڪندي ڪندي مان فيس بوڪ مان لوگ آئونٽ ٿي ويس، لوگ ان ٿيڻ چاھيم ته اڪائونٽ کُلي ئي نه پيو گھڻي ڪوشش ڪئي آھي پر ڪجھ به نه ٿو ٿئي۔۔۔۔؟؟؟
 
اسڪرين شاٽ موڪليو

ڇا لکجي پيو اچي، جيئن ان تي سوچي سگهجي۔
 
لڳي ٿو ڪو گروپ ايڪٽو آهي جيڪو اڪائونٽ رپورٽ ڪري ڊس ايبل ڪرائي رهيو آهي۔ هاڻي هاڻي سائين شفيق جوکيو جو فون آيو آهي ته سندس اڪائونٽ ڊس ايبل ڪيو ويو آهي۔ ڪجهه ڏينهن سجاد مهر جو اڪائونٽ پڻ ڊس ايبل ڪيو ويو هو۔
 
لڳي ٿو ڪو گروپ ايڪٽو آهي جيڪو اڪائونٽ رپورٽ ڪري ڊس ايبل ڪرائي رهيو آهي۔ هاڻي هاڻي سائين شفيق جوکيو جو فون آيو آهي ته سندس اڪائونٽ ڊس ايبل ڪيو ويو آهي۔ ڪجهه ڏينهن سجاد مهر جو اڪائونٽ پڻ ڊس ايبل ڪيو ويو هو۔

اڇا پر ان جو ڪو حل آھي؟؟؟؟؟
 
ميڊم اندرا شبنم پوناوالا هندستان مان فون ڪري اطلاع ڪيو آهي ته سندس فيسبوڪ اڪائونٽ ڊس ايبل ڪيو ويو آهي۔
 
ادا عاشق تواهان جو فيس بڪ جو اڪائونٽ ڪنهن رپورٽ ڪرائي بند ڪيو آهي۔ ان کي واپس کولائٽ لائي هيٺين اي ميل تي اي ميل ڪري پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻي پوندي۔
disabled@facebook.com

۽ هيٺين اي ميلن تي سي سي به ڪجو۔

وڌيڪ معلومات لائي هيٺ ڏنل لنڪ جو مشاهدو ڪريو۔ انشاالله توهان جو ۽ ٻين سنڌي دوستن جو به مسعلو حل ٿي ويندو۔
 
سڀني دوستن جو اڪائونٽ ٻيهر ايڪٽو ٿي ويو آهي ۽ انهن فيسبوڪ تي اي ميل ڪئي هئي۔

مهربانيون ادا عبدالرحيم اوهان سٺي ڄاڻ ڏني، اميد ته دوست ڪنهن مسئلي جي صورت ۾ اوهان جي راء مان خوب فائدو حاصل ڪندا۔
 
هڪ ضروري ميٽنگ ۾ هيم ته هڪ دوست جي ڪال آئي ۔۔۔ جنهن فيس بوڪ جي کاتن جي غير فعال هجڻ جو ذڪر ڪندي سبب پڇيو۔۔۔
کين ٻڌايم ته انا جا مختلف سبب ٿين۔۔۔ جهڙوڪ
مختلف کاتا رپورٽ هجڻ جي صورت ۾ فيس بوڪ انتظاميه اهڙن کاتن کي عارضي غير فعال ڪندي آهي۔۔۔ جيڪي ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻمرادو فعال ٿي ويندا آهن۔۔۔
فيس بوڪ جي قانونن کي نظر انداز ڪندي لڳاتار مختلف ماڻهن کي فرينڊ رڪويئيسٽ موڪلڻ جي صورت ۾ پڻ کاتا عارضي طور غير فعال ڪيا ويندا آهن۔۔
فرينڊ رڪويئيسٽ تسليم نه ڪرڻ جي صورت ۾ پڻ کاتا غير فعال ڪيا ويندا آهن۔۔۔
اهڙو مواد مسلسل پوسٽ ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪو سپيمنگ جي ذمري ۾ ايندو هجي يا وري انهن جي ڪنهن طرفان رپورٽ ٿئي ته به کاتا غير فعال ڪيا ويندا آهن۔۔۔
۽ هڪ اهم ڳالهه ته فيس بوڪ پنهنجي رڪنن جي اي ميل جي تصديق لاءِ اڪثر کين سندن سرگرمين جون اي ميلز موڪليندو رهندو آهي۔۔۔ ۽ اسان جا ڪافي دوست هاڻي پنهنجي اي ميل کي کولڻ جو وقت به گهٽي نه سگهندا آهن۔۔۔ جڏهن اي ميلز نه کولڻ ڪري ڪمپني طرفان غير فعال ڪيو وينديون آهن ته فيس بوڪ جون پاڻمرادو ايندڙ اي ميلز بائونس ٿي واپس ورنديون آهن۔۔۔ فيس بوڪ ڪجهه ڏينهن جي نوٽيس کان پوءِ فيس بوڪ انتظاميا رڪنن جا کاتا عارضي طور غير فعال ڪندي آهي تاڪه رڪن پنهنجي اي ميلز ذريعي پاسورڊس کي تبديل ڪري اي ميل کي به فعال ڪري سگهن۔۔۔

اميد ته سنگت فيس بوڪ کاتا غير فعال ٿيڻ جو سبب ڄاڻي چڪي هوندي۔۔۔
 
Back
Top