هڪ ضروري ميٽنگ ۾ هيم ته هڪ دوست جي ڪال آئي ۔۔۔ جنهن فيس بوڪ جي کاتن جي غير فعال هجڻ جو ذڪر ڪندي سبب پڇيو۔۔۔
کين ٻڌايم ته انا جا مختلف سبب ٿين۔۔۔ جهڙوڪ
مختلف کاتا رپورٽ هجڻ جي صورت ۾ فيس بوڪ انتظاميه اهڙن کاتن کي عارضي غير فعال ڪندي آهي۔۔۔ جيڪي ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻمرادو فعال ٿي ويندا آهن۔۔۔
فيس بوڪ جي قانونن کي نظر انداز ڪندي لڳاتار مختلف ماڻهن کي فرينڊ رڪويئيسٽ موڪلڻ جي صورت ۾ پڻ کاتا عارضي طور غير فعال ڪيا ويندا آهن۔۔
فرينڊ رڪويئيسٽ تسليم نه ڪرڻ جي صورت ۾ پڻ کاتا غير فعال ڪيا ويندا آهن۔۔۔
اهڙو مواد مسلسل پوسٽ ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪو سپيمنگ جي ذمري ۾ ايندو هجي يا وري انهن جي ڪنهن طرفان رپورٽ ٿئي ته به کاتا غير فعال ڪيا ويندا آهن۔۔۔
۽ هڪ اهم ڳالهه ته فيس بوڪ پنهنجي رڪنن جي اي ميل جي تصديق لاءِ اڪثر کين سندن سرگرمين جون اي ميلز موڪليندو رهندو آهي۔۔۔ ۽ اسان جا ڪافي دوست هاڻي پنهنجي اي ميل کي کولڻ جو وقت به گهٽي نه سگهندا آهن۔۔۔ جڏهن اي ميلز نه کولڻ ڪري ڪمپني طرفان غير فعال ڪيو وينديون آهن ته فيس بوڪ جون پاڻمرادو ايندڙ اي ميلز بائونس ٿي واپس ورنديون آهن۔۔۔ فيس بوڪ ڪجهه ڏينهن جي نوٽيس کان پوءِ فيس بوڪ انتظاميا رڪنن جا کاتا عارضي طور غير فعال ڪندي آهي تاڪه رڪن پنهنجي اي ميلز ذريعي پاسورڊس کي تبديل ڪري اي ميل کي به فعال ڪري سگهن۔۔۔
اميد ته سنگت فيس بوڪ کاتا غير فعال ٿيڻ جو سبب ڄاڻي چڪي هوندي۔۔۔