سين ڇهون
ٻي شام جو قبرستان پُهچي هڪ اهڙي جڳه تي بيهي رهيس جتان اُها ڇوڪري واري قبر بلڪل صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي، ڪجه دير کان پو چار پنج ماڻهون ان قبر تي آيا، انهن گُل چاڙهيا، فاتح خواني ڪئي ۽ ٻاهرئين گيٽ طرف وڌي ويا، مان انهن جي پُٺيان هُئس ۽ انهن جو پيڇو ڪرڻ لڳس، مون وٽ پنهنجي موٽر سائيڪل هُئي، هو ماڻهو به ڪار ۾ آيا هُئا، بهرحال مون انهن جو تعاقب ڪيو ۽ سندن گهر تائين رسي ويس۔
سين ستون
هي هڪ خوبصورت گهر هو، هاڻ مرحلو هو ته ڪيئن خبر گيري ڪريان ته هن ڇوڪري سان ڪنهن مُحبت ڪئي هُئي يا نه! ان لا پاڙي جي ڪنهن ماڻهون جي مدد وٺڻ ضروري هو يا گهر جي ڪا ڪم ڪرڻ واري ماسي (نوڪرياڻي) ئي اهو ٻُڌائي سگهي ها۔ قسمت به شايد مُهنجو ساٿ پئي ڏنو، اوڏي مهل ئي هڪ ماسي پنهنجي مٿي تي رئو صحيح ڪندي ٻاهر پئي نڪتي، شايد اُها ڪم ڪرڻ واري مائي هُئي مان اڳتي وڌيس ڇو جو اهڙيون گهرن ۾ ڪم ڪرڻ واريون مايون هميشه ڪار آمد رهنديون آهن، مون اُن ويندڙ مائي کي سڏ ڪري روڪيو!
”ادي ٿورڙي ڳاله ٻُڌجو“ هو بهي رهي، ان کان پهرئين جو آئون ڪُجه پُڇانس هن ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو
”نه ادا! هاڻ مون وٽ وقت ڪونهين، پهرين ئي پنجن گهرن ۾ ڪم پئي ڪريان، هڪ اڪيلي جان۔۔ ڪٿي ڪٿي ڪم ڪنديس۔۔ هي جي چئين ته مان پنهنجي ماسي کي موڪليان ، اهو ڪم به سٺو ڪندي آهي، بلڪل صفائي سان، توهانکي شڪايت جو موقعو ئي ڪونه ڏيندي، هڪ ڪم جو پنج سئو وٺندي، ان حساب سان ڀلي ڪيترو به ڪم وٺوس۔۔“
”بس ادي بس! الله واسطي بس ڪر ۽ هاڻ مُهنجي ڳاله ٻُڌ“ مون هن جي اڳيان هٿ ٻڌندي چيو
”پهرين ته هي پاڻ وٽ رک“ مون سئو جو نوٽ هن طرف وڌايو
” هي مُهنجي طرفان تو لا انعام آهي“
” ”هلو انعام آهي ته پو ٺيڪ آ“ هن نوٽ جهپٽي رئي جي پلاند ۾ ٻڌي ڇڏيو
”هاڻ پُڇ ڀائو! ڇا پُڇڻو اٿئي؟“
” تون هن گهر ۾ ڪڏنهن کان پئي ڪم ڪرين؟“ مون ان گهر طرف اشارو ڪري پُڇيس
”ست سال ٿي ويا اٿم“
”ڇا روزينه نالي ڇوڪري هن گهر ۾ رهندي هُئي؟“
”ها! “ هن پنهنجو ڪنڌ به ڌوڻي جواب ڏنو
” هو ويچاري هاڻ هن دُنيا ۾ ڪٿي؟، هن گهر ۾ته بس هاڻ ما پي ئي ٿا رهنس“
”شاباس! هاڻ اهو ٻُڌا ته ڇا هُن ڪنهن سان مُحبت ڪئي هُئي؟“
”ٻڌو ڙي! هي به ڪا پُڇڻ جي ڳاله آهي“ هن چيو
”هن بدنصيب ته ان پيار خاطر ئي ته زهر کائي خود ڪشي ڪئي هُئي“
مُهنجو ڪم ٿي ويو هو، مونکي جيڪو پُڇڻو هو ان جو جواب ملي چڪو هوم، مون اڃان سندس شڪريو ادا ڪيو۽ واپي پئي وريس ته هن ڪمبخت اوچتو مُهنجو هٿ پڪڙي ورتو ۽ زور زور سان گوڙ ڪرڻ لڳي
”اڙي ٻاهر نڪرو ممتاز صاب! جلدي نڪرو۔۔ پڪڙجي ويو!۔۔۔ جلدي نڪرو ۔۔ پڪڙجي ويو!
مان گهٻرائجي هٿ ڇڏائڻ لڳس ته هو به ڪنهن آڪٽوپس وانگر مان سان چهٽجي پئي، گهرن مان ڪي ماڻهون گوڙ ٻُڌي ٻاهر نڪري آيا، هن جو گوڙ ٻُڌي ڇوڪري جي گهران به ڪي ماڻهو ٻاهر آيا ۽ اچي پُڇڻ لڳس
”ڇا ٿيو نسرين!” ڪير آهي شخص جنهنکي تون جهلي بيٺي آهي؟“ انهن مان هڪ پُڇيو
”صاب! هي ئي آهي اهو مردود! جنهن جي ڪري بيبي پنهنجي جان ڏني آ“
هي هڪ نئين مُصيبت هُئي، مان ته بلڪل بوکلائجي ويو هوس
”اڙي نه ڀيڻ! توکي غلط فهمي ٿي آ! مان ته مرحومه کي سڃاڻان به نه!“
”صاحب ڪوڙ ٿو ڳالهائي! هن مونکان بيبي بابت پُڇاڻو پئي ڪيو ”مُحبت جي ڳاله پئي ڪيائين“ نوڪرياڻي بي جهجهڪ چوندي وئي
بس نه ٿي هم، نه تم ٽن ماڻهن مونکي پڪڙي ورتو
” ذليل انسان! تُهنجي ڪري ئي اسان جي گلن جهڙي روزينه مري وئي، اسان توکي هاڻ نه ڇڏينداسون، تو ان لا ته نه پنهنجي ڪا تصوير موڪليس، نه ئي ان بدنصيب سان مُلاقات ڪئي، صرف موبائل تي ڳالهائي پيار جتائڻ لڳين، ۽ هو ويچاري سمجهندي رهي ته تون هن سان پيار ٿو ڪرين، ۽ آخر تنهنجي بيوفائي تي خود ڪشي ڪري وڌائين“
”ڏسو سائين! توهان کي غلط فهمي پئي ٿئي! ان عاشق اوهان کي نالو ته ضرور ٻڌايو هوندو نه؟“
”اها به تُهنجي چالاڪي هُئي، تون پاڻ کي گمنام عاشق چوندو هُئين، تُنهنجي گمنامي ته اڄ ختم ڪنداسون۔۔ چڱو ٿئين جو ذليل انسان تون پاڻ هيڏانهن اچي وئين“
ان کان پوانهن سڀني ملي ڪري جو مونکي مارڻ شروع ڪري ڏنو ته بس مُهنجي دل ئي ٿي ڄاڻي ته اُن وقت مُنهنجي ڇا حالت هوندي، مان فُٽ بال جيان لڙڪي ئي هليس، هو مونسان هر قسم جي گارين سان تواضع ڪري رهيا هُئا ۽ مان وري پپر واري پير سائين تي اندر ئي اندر ۾ گارين جو وسڪارو ڪيو ويٺو هوس، بهرحال هنن جڏنهن اهو حال ڪري مونکي آزاد ڪيو، ان ڊپ کان ته متان مان اُتي ئي مري نه وڃان ته مُهنجي حالت اهڙي هُئي جو هلي به نه پئي سگهيس، مون قسمت ٺاهڻ لاِ وظيفن جو چڪر پئي هلايو ته پهرئين ئي وظيفي مُهنجي قسمت خراب ڪري ڇڏي۔