تيري محفل مين ليڪن هم نه هونگي!
اشفاق آذر
جيئن نورجهان پنهنجي مداحن لاءِ فقط ”ميڊم“ هئي، تيئن ئي مهدي حسن جي مداحن لاءِ هن جو تعارف هڪڙو ئي لفظ هو ”خانصاحب!“ خانصاحب مهدي حسن لاءِ ننڍي کنڊ جي جڳ مشهور گلوڪاره لتا منگيشڪر جي انهن لفظن ته، ”خانصاحب ڪي گلي مين ڀگوان بولتي هين!“ کان وڌيڪ ڪو ٻيو خراج نٿو ٿي سگهي. گائيڪي جو اهو ڀڳوان، جنهن ڪافي عرصي کان ڳائڻ ته ڇا پر ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو هو، تنهن سدا لاءِ پنهنجون اهي اکيون ٻوٽي ڇڏيون، جنهن زمانن تائين سرن جي سفر ۾ فن جي عروج جا ستارا ڏسندي زندگي گهاري هئي.
1927ع ۾ راجسٿان جي ننڍڙي ڳوٺ لونا ۾ جنم وٺندڙ مهدي حسن جو تعلق هڪ گائيڪ گهراڻي سان هو، ان ڪري مٿس موسيقيءَ جو اهو رنگ چڙهڻ اڻٽر هو. هن به پنهنجي پيءُ استاد عظيم خان ۽ چاچي استاد اسماعيل خان وانگر خيال ۽ ڌرپد ڳائڻ شروع ڪيو. چيو وڃي ٿو ته هن فقط 8 ورهين جي عمر ۾ بڙودا جي مهاراجا جي محل ۾ پنهنجي پهرين پرفارمنس ڏني. هڪ انٽرويو ۾ هن ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريندي چيو هو ته کيس سندس چاچو گائيڪي جي تربيت سان گڏ جسماني ورزش تي پڻ زور ڀريندو هو. هو صبح سوير اٿي جاگنگ ڪندو هو ۽ ڊوڙندو ڳوٺ جي ڀرسان جهنگ ۾ هليو ويندو هو، جتي سندس گمان هو ته اتي جنن ڀوتن جو بسيرو آهي. هن جو چوڻ هو ته اهي کيس جيترو ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، اوترو هو آلاپن جي مدد سان خوف تي قابو پائيندو هو. بقول هن جي ته، هن سڀ ڪجهه ڏٺو پر هن کي ڪڏهن به ڊپ نه ٿيو. اهڙو ئي بي ڊپو هو پنهنجي پوري ڄمار ۾ رهيو، جنهن موسيقي جون پراڻيون روايتون ٽوڙي نيون روايتون قائم ڪيون ۽ اهڙا نقش ڇڏيا، جيڪي ايندڙ ڪيترن ئي زمانن تائين ڳائڻن جي رهبري ڪندا رهندا.
20 ورهين جي عمر ۾ ورهاڱي کانپوءِ مهدي حسن کي ڀارت ڇڏي پاڪستان اچڻو پيو. لڏپلاڻ سبب دربدر ٿيل انهيءَ ڪٽنب لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو معاشي هو، جنهنڪري نوجوان مهدي حسن کي سائيڪلن جي دڪان تي پنڪچر به ڳنڍڻا پيا ته بعد ۾ هو موٽر مڪينڪ به ٿيو پر ان عرصي دوران به هو مسلسل رياض ڪندو رهيو. هو پنهنجي ساهه جي مشق لاءِ ڪسرت پڻ ڪندو هو ۽ اسر ويل کان به اڳ 3 وڳي اٿي رياض ڪندو هو. 50ع ۽ 60ع واري ڏهاڪي کي ريڊيو پاڪستان جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو، ان دور ۾ ڪيترن ئي سريلن ۽ سدا بهار آوازن نشرياتي رابطن تي سفر ڪندي هزارين لکين مداحن جي دلين تي راڄ ڪيو. 50ع واري ڏهاڪي ۾ ئي خانصاحب مٿان قسمت ان وقت مهربان ٿي، جڏهن ريڊيو پاڪستان تي هن ٺمريون ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ ان کانپوءِ هن مڙي نه ڏٺو. جڏهن خانصاحب غزل ڳائڻ شروع ڪيا ته کيس شهنشاهه غزل سميت هر دور جي بهترين غزل سنگر جا لقب پڻ مليا. ان وقت ريڊيو تان ڳايل فيض احمد فيض جو غزل ”گلون مين رنگ ڀري...“ ايترو مشهور ٿيو، جو فيض صاحب کان فرمائش ڪئي ويندي هئي ته هو مهدي حسن جو اهو غزل ٻڌائي. ان غزل جي ڪمپوزيشن خانصاحب جي وڏي ڀاءُ غلام قادر ڪئي هئي، جنهن جي باري ۾ گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ آهي، فقط ان جي ته هن خانصاحب جي ٻين ڪيترن ئي غزلن جي موسيقي ترتيب ڏني، جن ۾ ”محبت ڪرني والي ڪم نه هونگي“ ۽ ”ڀولي بسري چند اميدين“ جهڙا غزل پڻ شامل آهن.
غزل جي دنيا ۾ خانصاحب کي بي تاج بادشاهه هجڻ جو اعزاز حاصل هو. هڪ اهڙو غزل سنگر، جنهن جو ڪوبه همعصر نه ٿي سگهيو. اهو غزل، جنهن کي حضرت امير خسرو فارسي ٻوليءَ جي ويس ۾ سرن سان وهنجاريو، تنهن کي 18 هين ۽ 19 هين صديءَ ۾ ننڍي کنڊ ۾ سودا، مير تقي مير، مومن، ذوق ۽ غالب جهڙن شاعرن عروج عطا ڪيو. اهو غزل جڏهن موسيقي جي لبادي ۾ ويڙهجي ماڻهن جي سماعتن تائين پهتو ته موسيقي جي دنيا جهڙوڪر هڪ نئين جهان ۾ داخل ٿي. شروعات ۾ استاد معازالدين ۽ گوهر جان غزل گائيڪي جو بنياد رکيو، بعد ۾ استاد برڪت علي خان، بيگم اختر ۽ مختار بيگم غزل گائيڪي کي نوان رخ ڏنا، جڏهن ته خانصاحب غزل کي هڪ اهڙو انداز بخشيو، جهڙو ٻئي ڪنهن به غزل سنگر جو نصيب نه ٿي سگهيو.
غزل بنيادي طور تي رومانوي صنف آهي، بعد ۾ غزل ۾ روحانيت، انقلاب، بغاوت ۽ سماجي حالتن جا عڪس چٽڻ جا تجربا پڻ ٿيندا رهيا، پر غزل کي پنهنجي پوري جوهر ۾ ڪمپوز ڪرڻ ۽ ڳائڻ ۾ ان وقت جي غزل گائيڪن کي مشڪلاتون پيش اينديون هيون، ڇاڪاڻ ته گائيڪي جي ڄاڻ رکندڙن جو چوڻ هو ته ان وقت ٺمري اسٽائيل ۾ غزل ڳايو ويندو هو، جيڪو اهڙن راڳن ۾ ڪمپوز ڪيو ويندو هو، جيڪي ٺمري اسٽائيل سان ٺهڪي اچن، ان ڪري غزل جي ڪمپوزيشن محدود انداز ۾ ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ گهڻي تجربي جي ضرورت نه هئي، پر خانصاحب غزل جي موڊ ۽ موضوع کي ذهن ۾ رکندي جيڪي ڌنون ترتيب ڏنيون ۽ جنهن انداز سان غزل کي پيش ڪيو، تنهن غزل ٻڌندڙن کي هڪ اهڙي لذت سان آشنا ڪيو، جيڪا کين ڪنهن ٻئي سنگر ۾ نه ملي سگهي. خانصاحب جي ٻي خاصيت شاعري جي تلفظ ۽ لفظن جي ادائيگي جو درست انداز هو، جنهن تي هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو. هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن ڪلاسيڪل ڳائڻا غزل ڳائڻ کان پرهيز ڪندا هئا، پر خانصاحب جي اثر کانپوءِ اها روايت به کين ٽوڙڻي پئي. مير تقي مير جا غزل هجن يا استاد غالب، مومن هجي يا حفيظ هوشيارپوري، قتيل شفائي هجي يا احمد فراز- مهدي حسن جنهن به شاعر جو ڪلام ڳايو، سو ڪلام سدا لاءِ امر ٿي ويو. اهڙا ڪيترائي غزل ڳڻائي سگهجن ٿا، جن کي اڄ به ٻڌجي ته ائين ٿو لڳي، ڄڻ اهي پهريون ڀيرو ٻڌجي رهيا هجن. مونکي ياد آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندي ماهوار محدود پئسن مان بچت ڪري پنهنجي دوست نديم مڱڻيجي سان گڏجي حيدرآباد جي ڊاڪٽرس لين ۾ هڪ ميوزڪ اسٽور تي وڃبو هو، جتي استاد ڳائڻن جون ڪئسيٽون گدام ۾ پيل هونديون هيون، جن کي ڪو خريد ڪرڻ وارو نه هوندو هو. دڪان جو مالڪ اسان کي ڇڏي ڏيندو هو ۽ وڃي اتان ڳولا ڪري اهي ڪئسيٽون هٿ ڪبيون هيون، پوءِ واپس جڏهن هاسٽل تي اچي ٻڌبو هو ته ڄامشوري جي شام جو رنگ به عجيب ٿي ويندو هو. توهان اڄ به خانصاحب جا اهي غزل ٻڌي ڏسو جن ۾ ”وه ڪه هر عهدِ محبت سي مڪرتا جائي، دل وه ظالم ڪه اسي شخص په مرتا جائي“ يا ”جل ڀي چڪي پرواني، هو ڀي چڪي رسوائي“ کان ويندي ”بات ڪرني مجهي مشڪل ڪڀي ايسي تو نه ٿي“ تائين انيڪ غزل آهن، جيڪي ڪنن ۾ امرت رس اوتين ٿا.
خانصاحب جڏهن پاڪستاني فلمن ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڳائڻ شروع ڪيو ته هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن ڪابه فلم مهدي حسن جي آواز کانسواءِ مڪمل نه سمجهي ويندي هئي. هن جا فلمن ۾ ڳايل ڪيترائي ڪلام اڄ به سدا بهار آهن، جن ۾ ”رنجش هي سهي دل هي دکاني ڪي لئي آ“، ”پيار ڀري دو شرميلي نين“، ”رفته رفته وه ميري هستي ڪا سامان هوگئي“، ”اڪ حسن ڪي ديوي سي مجهي پيار هوا ٿا“، ”مجهي تم نظر سي گرا تو رهي هو..“ سميت ڪيترائي گانا آهن، جيڪي ٻڌندڙن کي ياد جي سونهري دور ۾ وٺي وڃن ٿا. خانصاحب پنهنجي طويل ڪيريئر ۾ اڻ ڳڻيا ڪلام رڪارڊ ڪرايا، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪنسرٽ ڪري انيڪ مداح پيدا ڪيا. سندس شاگردن مان ڪيترن ئي ڳائڻن عالمگير شهرت حاصل ڪئي، جن ۾ پرويز مهدي، غلام علي، طلعت عزيز ۽ سلامت علي جهڙا ڳائڻا شامل آهن. مهدي حسن ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس 14 ٻار ٿيا. پهرين شادي سندس پنهنجي ئي ڳوٺ جي ڇوڪريءَ سان ٿي، جنهن مان کيس 9 ٻار ٿيا. اها خاتون اڻپڙهيل هئي. جيتوڻيڪ کيس ڳائڻ جو شوق نه هو پر هوءَ شادي مراديءَ ۾ ڳائيندي هئي. خانصاحب ٻي شادي مشهور ڳائڻي ثريا سان ڪئي، جنهن شاديءَ کانپوءِ ڳائڻ ڇڏي ڏنو. سندس ٻئي گهر واريون هن جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويون، جنهن صدمي خانصاحب کي نهوڙي ڇڏيو. مٿان وري بيمارين جي حملي کيس بستري ڀيڙو ڪري ڇڏيو. 85 ورهين جي طويل ڄمار دوران هن حياتيءَ جو آخري حصو بيمارين سان جهيڙيندي گذاريو. کيس زندگيءَ ۾ جيتري مڃتا ملي، اها گهٽ ڳائڻن جي حصي ۾ آئي آهي. هن جو آواز ته ڪافي عرصو اڳ خاموش ٿي چڪو هو پر هاڻي جڏهن هو اسان جي وچ ۾ جسماني طور ناهي رهيو، تڏهن سندس ڳايل ڪلام موسيقيءَ جي دنيا ۾ کيس تاحيات زندگي بخشي ويا آهن. اهو غزل ماسٽر، جيڪو حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ويل چيئر تي ويهي پاڻ کي ملندڙ محبتن تي روئي ڏيندو هو، تنهن جي لاڏاڻي تي اڄ انيڪ اکيون اشڪبار آهن ۽ موسيقي جي يتيم ٿي ويل جهان تي ڏکارا آهن.
روزانه ڪاوش تان ورتل