• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهنشاهه غزل مهدي حسن انتقال ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل جو شهنشاهه ۽ موسيقيء جو هڪ عظيم نالو مهدي حسن ڊگهي علالت کانپوء اڄ ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو۔

انا لله و انا اليه راجعون
مهدي حسن 18 جولاء 1927ع تي ڀارت جي رياست راجستان جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء هندستان مان لڏي آيو۔ هن 1957ع ۾ ريڊيو پاڪستان تان ڳائڻ جي شروعات ڪئي پوء مهدي حسن غزل جو شهنشاهه ٿي ويو۔ هن هزارين غزل ۽ فلمي گيت ڳايا۔ سندس آواز هندستان سان گڏ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو۔ هندستان جي عظيم ڳائڻي لتا منگيشڪر، مهدي حسن جي آواز کي خدا جو آواز سڏيو هو۔​
کيس ڪيئي اوارڊ مليا جن ۾ 9 نگار اوارڊ، نيپال جو سڀ کان وڏو اعزاز، حسن ڪارڪردگي جو صدارتي اوارڊ، ڀارت جو سهگل اوارڊ ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ به کيس اوارڊ مليا۔​
سندس ڳايل هڪ مشهور غزل​
محبت ڪرني والي ڪم نه هونگي
تيري محفل مين ليڪن هم نه هونگي
 
انا لله وانا اليه راجعون۔

هندي اردو راڳڻيءَ ۾ هڪ وڏو نالو، هند جي راڳڻيءَ جو جڏهن به ذڪر ٿيندو ته مهدي حسن کي ضرور ياد ڪيو ويندو ۔۔۔
 
انا لله و انا اليه راجعون
ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔واقعي مهدي حسن جهڙا غزل ڳائڻ واري صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن۔مهدي حسن جي وڇوڙي موسيقي کي ويران ڪري ڇڏيو۔هڪ سريلو آوازجو مالڪ هميشه لاء اسان کان جدا ٿئي ويئو۔ڪي ٽي اِن تي مرحوم جي سوانح حيات جو ذڪر ڪندي اهئو ٻڌايو ويو ته مرحوم 25000 کان وڌيڪ غزل،گانا۔نيم ڪلاسيڪل راڳ اردو،پنجابي ۽ سنڌي زبان ۾ ڳايا هئا۔مرحوم مهدي حسن سڀ غزل دلنشين انداز ۾ ڳايا هئا پر هن جي ٻه غزل ته هميشه اسان کا لاٍجواب ڪري ڇڏيندا هئا ۽ دل چويندي هئي ته اهئي ٻئي غزل هر هر ويهي ٻڌون۔ (1) گلون مين رنگ بهري بادلو بهار چلي (2) زندگي مين تو سڀيء پيار ڪيا ڪرته هين،مين تو مرکربهي ميري جان تمهين چاهونگا۔ اهو غزل جي دنيا جو ليجنڊ اسان جي زندگي ۾ وري موٽي نه ايندو۔الله پاڪ شل هن کي پنهنجي رحمتن جي طفيلي جنت الفردوس ۾ جڳه ڏئي ۽ هن جي لواحقين ۽ پرستارن کي صبر جميل عطا فرمائي ۔آمين
 
روزانه ڪاوش پاران اڄوڪي ايڊيشن ۾ مهدي حسن بابت خاص تحريرون

موسيقي جي دنيا سوڳوار،شهنشاهه غزل مهدي حسن هميشه لاءِ وڇڙي ويو

ڪراچي(رپورٽ:مصطفيٰ ملاح)غزل جو شهنشاهه ۽ ننڍي کنڊ جو عظيم گلوڪار مهدي حسن اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، پنهنجي سريلي آواز جي جادو ذريعي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ مهدي حسن ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾داخل هو، جتي هن ڪالهه منجهند جو سوا 12 وڳي ڌاري دم ڌڻي حوالي ڪيو، ”مجهي تم ڪڀي ڀي ڀلا نه سڪو گي“ ۽” اب ڪي هم بڇڙي تو شايد خوابون مين ملين“ سميت ڪيترائي شاهڪار غزل ڳائيندڙ مهدي حسن ڪيتري ئي عرصي کان بيمار هو،مهدي حسن جي پٽ عارف مهدي موجب سندس والد کي 12 سال اڳ فالج ٿيو هو ۽ ان کانپوءِ لڳاتار سندس طبيعت خراب رهندي هئي ۽ 4 مهينا اڳ سندس طبيعت خراب هجڻ سبب کيس ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ طبيعت بهتر ٿيڻ تي کيس گهر آندو ويندو هو ۽ اهڙي طرح 4 ڀيرا کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته سندس والد کي 15 ڏينهن اڳ ٻيهر اسپتال داخل ڪيو ويو هو. مهدي حسن کي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ سميت بلڊ پريشر، شگر ۽ ٻيون بيماريون هيون ۽ اربع ڏينهن هن آغا خان اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. مهدي حسن جي وفات جو ٻڌي سندس چاهيندڙ ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن سميت اداڪار ۽ آرٽسٽ وڏي تعداد ۾ آغا خان اسپتال پهچي ويا ۽ هر اک آلي ٿي وئي. مهدي حسن 2 شاديون ڪيون ۽ کيس 9 پٽن ۽ 5 نياڻين جي اولاد آهي، جن مان سندس 3 پٽ آمريڪا ۾ آهن. سندس ٻئي گهرواريون اڳ ۾ ئي وفات ڪري چڪيون آهن. غزل جو شهنشاهه مهدي حسن 18 جولاءِ 1927ع ۾ ڀارتي راجسٿان جي ضلعي جئپور جي ضلعي ديرا جي ڳوٺ لونا ۾ موسيقار جي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، مهدي حسن شروعاتي موسيقي پنهنجي والد استاد عظيم خان ۽ چاچي اسماعيل خان کان حاصل ڪئي. مهدي حسن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڀارت مان پاڪستان منتقل ٿيو هو. هن 8 سالن جي عمر ۾ پهريون ڀيرو پرفارم ڪيو هو ۽ هن 1957ع ۾ ڳائڻ جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪئي. هن ريڊيو تي مشهور شاعرن فيض احمد فيض، احمد فراز، حبيب جالب ۽ ٻين شاعرن جا 26 هزار کان وڌيڪ غزل ڳايا ۽ 325 فلمن ۾ بيشمار مشهور گانا پڻ ڳايا، سندس غزلن ۾ "رنجش هي سهي" ۽ ٻيا ڪيترائي غزل پڻ وڏا مشهور آهن، جن کي عالمي دنيا تائين مڃتا ملي.مهدي حسن جا 3 پٽ آمريڪا هئڻ ڪري انهن جي پهچڻ تائين لاش کي خدمت خلق فائونڊيشن جي سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي ۽ سڀاڻي جمعي نماز کانپوءِ نظام آباد پارڪ ۾ تدفين ڪئي ويندي، مرحوم جو والد مهاراجا بڙوڌا جي درٻار ۾ ڳائيندو هو، مهدي حسن ان درٻار ۾ 8 سالن جي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو چاليهه منٽ خيال ڳايو، ٻول اپني چمڪ دکهلا هو، مهاراجا سونا ڪنگڻ ۽ ريشمي ڪپڙي جي پڳڙي، شيرواني ۽ ٻيون شيون انعام طور ڏنيون، مهدي حسن پاڻ ۾ 3 ڀائر ۽ 3 ڀينرون هئا، پهرئين شادي شڪيلا سان 1949ع ۾ 14 سالن جي ڄمار ۾ ڪئي، هو 1953ع ۾ ڪراچي شفٽ ٿيو، رفيق انور جي مدد سان ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي هڪ سال تائين راڳي طور ڪم ڪندو رهيو، هن پهرئين فلم ”شڪار“ ۾ آواز جو جادو جاڳايو، شاعري حفيظ جالنڌري جي هئي، گيت جا ٻول ”ميري خيال و خواب ڪي دنيا لئي هوئي پهر آ گيا“ هئا، جڏهن ته هن ٻن فلمن غريب ۽ انقلاب ۾ گلوڪاري ڪئي، فلم سسرال ۾ هن جو ڳايل گيت ”جس ني ميري گل ڪو درد ديا“ هن لاءِ فلمي دروازا کولي ڇڏيا، مرحوم جا وڏا راڳ ۽ راڳڻين ذريعي بيمارين جو علاج ڪندا هئا، مهدي حسن جي اولاد مان صرف 3 پٽ آصف مهدي، ڪامران حسن ۽ طارق حسن گائڪي جي ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته ڌيئرن کي هن ڪڏهن به گائڪي ۾ اچڻ لاءِ نه چيو، مهدي حسن پنهنجن پوٽن کي به موسيقي جي تعليم ڏني، عمر جي آخري حصي ۾ هن پڙڏاڏي جو به اعزاز حاصل ڪيو، سندس وڇوڙي سان سڄي دنيا ۾ ڪروڙين مداح سوڳوار آهن.


مهدي حسن ڳائيندوهو ته ڀڳوان جو آواز محسوس ٿيندو هو:لتا منگيشڪر

حيدرآباد(ڪلچرل رپورٽ)شهنشاهه غزل مهدي حسن جي لاڏاڻي تي موسيقي جي دنيا ۾ وڏي ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي، لتا منگيشڪر جو چوڻ آهي ته مهدي حسن جي لاڏاڻي سان موسيقي جو وڏو نقصان ٿيو آهي، هن کي ڪلاسيڪل موسيقي ۾ مهارت حاصل هئي، هو غزلن کي پنهنجي اندر ۾ عوام تائين پهچائيندو هو، هن ۾وڏي خوبي اها هئي ته مشڪل غزل کي به آسان بڻائي ڳائيندو هو، سندس لاڏاڻي جي خبر تي وڏو ڏک ٿيو آهي، سندس آواز کي رڳو مان نه پر پوري دنيا ٻڌندي هئي، مهدي حسن دنيا جو عظيم گائڪ هو، مون کي لڳي ٿو ته ڀڳوان مهدي حسن جي آواز ۾ ڳالهائيندو هو، هن چيو ته مهدي حسن صاحب جو ڊوئيٽ رڪارڊ ڪيو هو، هن سان اهو هڪ ئي ڊوئيٽ آهي، اهڙي طرح پنڪج اداس چيو آهي ته جڏهن پهريون ڀيرو مهدي حسن کي ٻڌو هو ته مون تي ان جي آواز جو جادو ٿي ويو هو، اڄڪلهه مهدي حسن صاحب جي غزل جون ڪيسٽون به مشڪل سان ملي رهيون آهن، پوءِ به مون وڏي مشڪل کانپوءِ هن جون ڪيسٽون خريد ڪري ان کي ٻڌو، هر مهيني هن جي غزل ۾ مون کي نئين ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ملندي هئي، مان مهدي حسن جو مريد آهيان، سندس موت گلوڪاري لاءِ وڏو نقصان آهي، جڏهن ته بالي ووڊ اداڪار انوپم کير چيو آهي ته مهدي حسن پسنديده گلوڪار هو، شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته هڪ ڀيرو مهدي حسن صاحب جڏهن ڀارت آيو هو ته مان پاڪستاني سفارتخاني جا دروازا ٽپي اندر وڃي کيس ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، سندس لاڏاڻي جي خبر تي ڏک ٿيو آهي، هدايتڪار مڌر ڀنڊارڪر چيو ته مهدي حسن وڏو گلوڪار آهي، سندس لاءِ دعا ڪريون ٿا، هن جون غزلون هميشه اسان سان گڏ رهنديون، ڀارتي گلوڪار دلير مهندي چيو ته مهدي حسن صاحب جي سريلي آواز کي صدين تائين ياد رکيو ويندو، مون کي سندس لاڏاڻي تي وڏو ڏک ٿيو آهي، جگجيت کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو گلوڪار اسان کان وڇڙي ويو آهي، هو اسان کي مٺيون يادون ڏئي وڇڙي ويو، شاعر گلزار جو چوڻ آهي ته مهدي حسن خان صاحب جي حيثيت اها ئي آهي ته جيڪا ڪلاسيڪل موسيقي جي دنيا ۾ تان سين ۽ مرزا غالب جي آهي، اداڪار دليپ ڪمار جو مهدي حسن لاءِ چوڻ آهي ته هن جهڙا گلوڪار ٻيهر پيدا نه ٿيندا آهن، هندستان هن جو پرستار آهي، خاص طور تي انڊين فلم انڊسٽري هن جي بي حد عزت ڪندي آهي، اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي جو مهدي حسن جي لاءِ چوڻ آهي ته مان سندس پرستارن ۾ شامل آهيان.


مهدي حسن ننڍپڻ ۾ پهلواني به ڪئي

ڪراچي: مهدي حسن ننڍ پڻ ۾ پهلواني به ڪئي، هن 2 هزار اٺڪ بيٺڪ، 15 سئو ڏنڊ ۽ 3 ميل ڊوڙ ۾ پڻ پاڻ ملهايو، هن هڪ ڀيري مقابلي ۾3 مڻ وزني چڪي کنئي، جڏهن ته هڪ مقابلي ۾ هڪ صحتمند گڏهه کي ڪلهي تي ڏاڪڻ ذريعي ڇت تي کڻي ويو، 1943ع ۾ مهاراجه بڙدو جي درٻار ۾ هڪ سپاهي هن کي چيو ته تون گوشت خور آهين، جنهن تي هن ڪاوڙ ۾ هن مهاراجه جي 1928ع ماڊل ڪي ٽي وائيل فورڊ گاڏي جو اڳيون حصو 2 هٿن تي مٿي کنيو، ان دوران هن کي پنهنجي پيءُ ڏسي ورتو ۽ ڊوڙندي اچي هن کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي ته هي سڀ ڪجهه سرعام ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، رڳون ٽٽي پون ته پوءِ يا نظر لڳي وڃي ته پوءِ اهڙي طرح اها خبر درٻار جي مهاراجه بڙودي کي پئي ۽ هو حيران ٿي ويو، ان تي مهاراجه مهدي حسن جي پيءُ کي چيو ته تون چئين ٿو ته هن جي عمر 9 سال آهي ته پوءِ هي ڇا معجزو آهي، پوءِ هن ٻڌايو ته مهدي حسن جڏهن 3سالن جو هو ته هن کي منهنجي والد هنج ۾ ويهاري ڏاچي جو کير ٿڻ مان سڌو پياريندو هو ۽ هي ڪرشمو ڏاچي جي کير جو آهي، اهڙي طرح مهاراجه طرفان مهدي حسن جي صحت جو خاص خيال رکڻ لاءِ روزانو 7 ڪلو کير، 3 ڪلو گوشت 3 پاءُ ديسي گيهه، اڌ پاءُ بادام ڏنا ويندا هئا.


مهدي حسن صوفياڻي روايتن کي پنهنجن گيتن ۾ پيش ڪيو: ڀارتي وزير اعظم

نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي وزير اعظم من موهن سنگهه شهنشاهه غزل مهدي حسن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي تعزيتي بيان ۾ من موهن سنگهه چيو ته مهدي حسن برصغير جي صوفياڻي رواتين کي پنهنجن گيتن ۾ پيش ڪيو، سندس انتقال تي سڄي ڀارت ۾ ڏک جي لهر آهي، پاڪستان سان گڏ ڀارت ۾ به هن جو وڏو قدر هو، هن ڏکويل خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته اردو شاعري تي مهدي حسن جي سحر کيس موسيقي جي دنيا ۾ خاص مقام پهچايو.

مهدي حسن سخت علالت سبب 1999ع کان گائيڪي کان الڳ ٿي ويو

ڪراچي (اين اين آءِ) شهنشاهه غزل مهدي حسن سخت بيماري سبب 1999ع کان ئي عملي طور تي گائڪي کان الڳ ٿي ويو هو، هو 1999ع کان پوءِ لڳاتار سخت بيمار رهيو ۽ ان دوران ڪيترائي ڀيرا سندس حالت خراب ٿيندي رهي ۽ سڌرندي به رهي.

”پرين اوهان سان پريت لڳائي“: مهدي حسن سنڌي ۾ به گيت ڳايا

حيدرآباد: مهدي حسن نه رڳو اردو پر سنڌي ۾ به گيت ڳايا، هن ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعري ”او پرين اوهان سان پريت لڳائي، ورتوسين ويراڳ الا“ کي ڳايو، جنهن تي کيس سٺي موٽ ملي.

مهدي حسن کي تمغه امتياز، تمغه حسن ڪارڪردگي، لائيف ٽائيم اچيوومينٽ ايوارڊ، هلال امتياز ۽ ٻيا ڪيترائي اعزاز مليا، کيس ڀارتي ۽ نيپالي حڪومتن به ايوارڊن سان نوازيو

ڪراچي:مهدي حسن کي مڃتا طور 1965ع ۾ تمغه امتياز، 1986ع
۾ تمغه حسن ڪارڪردگي، 2001ع ۾ لائيف ٽائيم اچيوومينٽ ايوارڊ ۽ 2003ع ۾ هلال امتياز جو اعزاز ڏنو ويو، جڏهن ته صدر ضياءُالحق جي دور حڪومت ۾ هن کي 15 ايڪڙ زمين ڏني وئي، مهدي حسن کي نيپال جو اعليٰ ترين ايوارڊ نيپال جي بادشاهه ڏنو، انڊيا جو سهگل ايوارڊ به کيس مليو.

مهدي حسن جو اصل نالو محمد اسماعيل هو، ننڍي هوندي بيماري دوران سندس نالو تبديل ڪيو ويو

ڪراچي: شهنشاهه غزل مهدي حسن جو اصل نالو محمد اسماعيل هو، هو جڏهن پيدا ٿيو ته تمام ڪمزور هو،گهر وارا ائين محسوس ڪري رهيا هئا ته ڄڻ ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي، هن جي والده غوث پاڪ جي مريد هئي ۽ روزانو ان جي نالي سان ڏيئو ٻاريندي هئي ۽ خميس جي رات هڪ پيالي ۾ کير رکي ڇڏيندي هئي، محرم مهيني ۾ مهدين حسن جي طبعيت خراب ٿي وئي ائين لڳي رهيو هو ته الله کي پيارو ٿي ويندو، انهن ڏينهن ۾ هڪ بزرگ هن جي والده کي مشورو ڏنو ته مهدي حسن جو نالو تبديل ڪيو ۽ صحت بهتر ٿي ويندي،اهڙي طرح هن جو نالو اسماعيل مان مهدي رکيو ويو، ان کانپوءِ صحت ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي ۽ شهرت جا دروازا کلندا ويا.

غزل جو شهنشاهه مهدي حسن 3 سال قاضي احمد ۾ رهيو

قاضي احمد (ن ڪ) غزل جي شهنشاهه مهدي حسن 3 سالن کان وڌيڪ عرصو قاضي احمد شهر ۾ گذاريو، ان حوالي سان زميندار مشتاق انڙ ڪاوش کي ٻڌايو ته سندس والد امام بخش انڙ راڳ جو شوقين هو ۽ 1955ع ۾ مهدي حسن ٻين راڳين سان گڏ قاضي احمد آيو ۽ راڳ ٻڌايو جيڪو زميندار امام بخش کي گهڻو پسندآيو ۽ هن کيس پڇيو ته اوهان ٻيو ڪهڙو ڪم ڄاڻو ٿا،ان تي مهدي حسن ٻڌايو ته مان ڊرائيور پڻ آهيان پوءِ زميندار امام بخش کيس پنهنجي گاڏي هلائڻ لاءِ ڊرائيور ڪري رکيو، جتي هو 3 سالن کان وڌيڪ عرصو زميندار وٽ ڊرائيوري به ڪندو هو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته مهدي حسن ننڍپڻ کان سلڇڻو، کلڻو ۽ ملڻو ماڻهو هو ۽ راڳ به ٻڌائيندو هو.

مهدي حسن 1948ع کان 1952ع تائين گاڏين جي مستري طور به ڪم ڪيو

ڪراچي: مهدي حسن کي قدرتي طور تي گاڏي جي سائلنسر جي بوءِ سنگهڻ سان گاڏي جي خرابي جي خبر پئجي ويندي هئي، هو 1948ع کان 1952ع تائين موٽر مڪينڪ جو ڪم ڪندو رهيو. جڏهن ته آئل انجڻ جو ڊپلوما ٽريڪٽر فرگوسن ڪمپني کان حاصل ڪيو. هن ٽي چار سئو پنهنجن هٿن سان انجڻون ٺاهيون. مرحوم پنجاب جي چيچا وطني شهر ۾ سائيڪل جي مرمت جو دڪان کوليو ۽ سرگودا شهر ۾ پنهنجن هٿن سان زمين تي هر به هلايا.
 
تيري محفل مين ليڪن هم نه هونگي!
اشفاق آذر
Ashfaq01.jpg
جيئن نورجهان پنهنجي مداحن لاءِ فقط ”ميڊم“ هئي، تيئن ئي مهدي حسن جي مداحن لاءِ هن جو تعارف هڪڙو ئي لفظ هو ”خانصاحب!“ خانصاحب مهدي حسن لاءِ ننڍي کنڊ جي جڳ مشهور گلوڪاره لتا منگيشڪر جي انهن لفظن ته، ”خانصاحب ڪي گلي مين ڀگوان بولتي هين!“ کان وڌيڪ ڪو ٻيو خراج نٿو ٿي سگهي. گائيڪي جو اهو ڀڳوان، جنهن ڪافي عرصي کان ڳائڻ ته ڇا پر ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو هو، تنهن سدا لاءِ پنهنجون اهي اکيون ٻوٽي ڇڏيون، جنهن زمانن تائين سرن جي سفر ۾ فن جي عروج جا ستارا ڏسندي زندگي گهاري هئي.

1927ع ۾ راجسٿان جي ننڍڙي ڳوٺ لونا ۾ جنم وٺندڙ مهدي حسن جو تعلق هڪ گائيڪ گهراڻي سان هو، ان ڪري مٿس موسيقيءَ جو اهو رنگ چڙهڻ اڻٽر هو. هن به پنهنجي پيءُ استاد عظيم خان ۽ چاچي استاد اسماعيل خان وانگر خيال ۽ ڌرپد ڳائڻ شروع ڪيو. چيو وڃي ٿو ته هن فقط 8 ورهين جي عمر ۾ بڙودا جي مهاراجا جي محل ۾ پنهنجي پهرين پرفارمنس ڏني. هڪ انٽرويو ۾ هن ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريندي چيو هو ته کيس سندس چاچو گائيڪي جي تربيت سان گڏ جسماني ورزش تي پڻ زور ڀريندو هو. هو صبح سوير اٿي جاگنگ ڪندو هو ۽ ڊوڙندو ڳوٺ جي ڀرسان جهنگ ۾ هليو ويندو هو، جتي سندس گمان هو ته اتي جنن ڀوتن جو بسيرو آهي. هن جو چوڻ هو ته اهي کيس جيترو ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، اوترو هو آلاپن جي مدد سان خوف تي قابو پائيندو هو. بقول هن جي ته، هن سڀ ڪجهه ڏٺو پر هن کي ڪڏهن به ڊپ نه ٿيو. اهڙو ئي بي ڊپو هو پنهنجي پوري ڄمار ۾ رهيو، جنهن موسيقي جون پراڻيون روايتون ٽوڙي نيون روايتون قائم ڪيون ۽ اهڙا نقش ڇڏيا، جيڪي ايندڙ ڪيترن ئي زمانن تائين ڳائڻن جي رهبري ڪندا رهندا.
20 ورهين جي عمر ۾ ورهاڱي کانپوءِ مهدي حسن کي ڀارت ڇڏي پاڪستان اچڻو پيو. لڏپلاڻ سبب دربدر ٿيل انهيءَ ڪٽنب لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو معاشي هو، جنهنڪري نوجوان مهدي حسن کي سائيڪلن جي دڪان تي پنڪچر به ڳنڍڻا پيا ته بعد ۾ هو موٽر مڪينڪ به ٿيو پر ان عرصي دوران به هو مسلسل رياض ڪندو رهيو. هو پنهنجي ساهه جي مشق لاءِ ڪسرت پڻ ڪندو هو ۽ اسر ويل کان به اڳ 3 وڳي اٿي رياض ڪندو هو. 50ع ۽ 60ع واري ڏهاڪي کي ريڊيو پاڪستان جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو، ان دور ۾ ڪيترن ئي سريلن ۽ سدا بهار آوازن نشرياتي رابطن تي سفر ڪندي هزارين لکين مداحن جي دلين تي راڄ ڪيو. 50ع واري ڏهاڪي ۾ ئي خانصاحب مٿان قسمت ان وقت مهربان ٿي، جڏهن ريڊيو پاڪستان تي هن ٺمريون ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ ان کانپوءِ هن مڙي نه ڏٺو. جڏهن خانصاحب غزل ڳائڻ شروع ڪيا ته کيس شهنشاهه غزل سميت هر دور جي بهترين غزل سنگر جا لقب پڻ مليا. ان وقت ريڊيو تان ڳايل فيض احمد فيض جو غزل ”گلون مين رنگ ڀري...“ ايترو مشهور ٿيو، جو فيض صاحب کان فرمائش ڪئي ويندي هئي ته هو مهدي حسن جو اهو غزل ٻڌائي. ان غزل جي ڪمپوزيشن خانصاحب جي وڏي ڀاءُ غلام قادر ڪئي هئي، جنهن جي باري ۾ گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ آهي، فقط ان جي ته هن خانصاحب جي ٻين ڪيترن ئي غزلن جي موسيقي ترتيب ڏني، جن ۾ ”محبت ڪرني والي ڪم نه هونگي“ ۽ ”ڀولي بسري چند اميدين“ جهڙا غزل پڻ شامل آهن.
غزل جي دنيا ۾ خانصاحب کي بي تاج بادشاهه هجڻ جو اعزاز حاصل هو. هڪ اهڙو غزل سنگر، جنهن جو ڪوبه همعصر نه ٿي سگهيو. اهو غزل، جنهن کي حضرت امير خسرو فارسي ٻوليءَ جي ويس ۾ سرن سان وهنجاريو، تنهن کي 18 هين ۽ 19 هين صديءَ ۾ ننڍي کنڊ ۾ سودا، مير تقي مير، مومن، ذوق ۽ غالب جهڙن شاعرن عروج عطا ڪيو. اهو غزل جڏهن موسيقي جي لبادي ۾ ويڙهجي ماڻهن جي سماعتن تائين پهتو ته موسيقي جي دنيا جهڙوڪر هڪ نئين جهان ۾ داخل ٿي. شروعات ۾ استاد معازالدين ۽ گوهر جان غزل گائيڪي جو بنياد رکيو، بعد ۾ استاد برڪت علي خان، بيگم اختر ۽ مختار بيگم غزل گائيڪي کي نوان رخ ڏنا، جڏهن ته خانصاحب غزل کي هڪ اهڙو انداز بخشيو، جهڙو ٻئي ڪنهن به غزل سنگر جو نصيب نه ٿي سگهيو.
غزل بنيادي طور تي رومانوي صنف آهي، بعد ۾ غزل ۾ روحانيت، انقلاب، بغاوت ۽ سماجي حالتن جا عڪس چٽڻ جا تجربا پڻ ٿيندا رهيا، پر غزل کي پنهنجي پوري جوهر ۾ ڪمپوز ڪرڻ ۽ ڳائڻ ۾ ان وقت جي غزل گائيڪن کي مشڪلاتون پيش اينديون هيون، ڇاڪاڻ ته گائيڪي جي ڄاڻ رکندڙن جو چوڻ هو ته ان وقت ٺمري اسٽائيل ۾ غزل ڳايو ويندو هو، جيڪو اهڙن راڳن ۾ ڪمپوز ڪيو ويندو هو، جيڪي ٺمري اسٽائيل سان ٺهڪي اچن، ان ڪري غزل جي ڪمپوزيشن محدود انداز ۾ ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ گهڻي تجربي جي ضرورت نه هئي، پر خانصاحب غزل جي موڊ ۽ موضوع کي ذهن ۾ رکندي جيڪي ڌنون ترتيب ڏنيون ۽ جنهن انداز سان غزل کي پيش ڪيو، تنهن غزل ٻڌندڙن کي هڪ اهڙي لذت سان آشنا ڪيو، جيڪا کين ڪنهن ٻئي سنگر ۾ نه ملي سگهي. خانصاحب جي ٻي خاصيت شاعري جي تلفظ ۽ لفظن جي ادائيگي جو درست انداز هو، جنهن تي هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو. هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن ڪلاسيڪل ڳائڻا غزل ڳائڻ کان پرهيز ڪندا هئا، پر خانصاحب جي اثر کانپوءِ اها روايت به کين ٽوڙڻي پئي. مير تقي مير جا غزل هجن يا استاد غالب، مومن هجي يا حفيظ هوشيارپوري، قتيل شفائي هجي يا احمد فراز- مهدي حسن جنهن به شاعر جو ڪلام ڳايو، سو ڪلام سدا لاءِ امر ٿي ويو. اهڙا ڪيترائي غزل ڳڻائي سگهجن ٿا، جن کي اڄ به ٻڌجي ته ائين ٿو لڳي، ڄڻ اهي پهريون ڀيرو ٻڌجي رهيا هجن. مونکي ياد آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندي ماهوار محدود پئسن مان بچت ڪري پنهنجي دوست نديم مڱڻيجي سان گڏجي حيدرآباد جي ڊاڪٽرس لين ۾ هڪ ميوزڪ اسٽور تي وڃبو هو، جتي استاد ڳائڻن جون ڪئسيٽون گدام ۾ پيل هونديون هيون، جن کي ڪو خريد ڪرڻ وارو نه هوندو هو. دڪان جو مالڪ اسان کي ڇڏي ڏيندو هو ۽ وڃي اتان ڳولا ڪري اهي ڪئسيٽون هٿ ڪبيون هيون، پوءِ واپس جڏهن هاسٽل تي اچي ٻڌبو هو ته ڄامشوري جي شام جو رنگ به عجيب ٿي ويندو هو. توهان اڄ به خانصاحب جا اهي غزل ٻڌي ڏسو جن ۾ ”وه ڪه هر عهدِ محبت سي مڪرتا جائي، دل وه ظالم ڪه اسي شخص په مرتا جائي“ يا ”جل ڀي چڪي پرواني، هو ڀي چڪي رسوائي“ کان ويندي ”بات ڪرني مجهي مشڪل ڪڀي ايسي تو نه ٿي“ تائين انيڪ غزل آهن، جيڪي ڪنن ۾ امرت رس اوتين ٿا.
خانصاحب جڏهن پاڪستاني فلمن ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڳائڻ شروع ڪيو ته هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن ڪابه فلم مهدي حسن جي آواز کانسواءِ مڪمل نه سمجهي ويندي هئي. هن جا فلمن ۾ ڳايل ڪيترائي ڪلام اڄ به سدا بهار آهن، جن ۾ ”رنجش هي سهي دل هي دکاني ڪي لئي آ“، ”پيار ڀري دو شرميلي نين“، ”رفته رفته وه ميري هستي ڪا سامان هوگئي“، ”اڪ حسن ڪي ديوي سي مجهي پيار هوا ٿا“، ”مجهي تم نظر سي گرا تو رهي هو..“ سميت ڪيترائي گانا آهن، جيڪي ٻڌندڙن کي ياد جي سونهري دور ۾ وٺي وڃن ٿا. خانصاحب پنهنجي طويل ڪيريئر ۾ اڻ ڳڻيا ڪلام رڪارڊ ڪرايا، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪنسرٽ ڪري انيڪ مداح پيدا ڪيا. سندس شاگردن مان ڪيترن ئي ڳائڻن عالمگير شهرت حاصل ڪئي، جن ۾ پرويز مهدي، غلام علي، طلعت عزيز ۽ سلامت علي جهڙا ڳائڻا شامل آهن. مهدي حسن ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس 14 ٻار ٿيا. پهرين شادي سندس پنهنجي ئي ڳوٺ جي ڇوڪريءَ سان ٿي، جنهن مان کيس 9 ٻار ٿيا. اها خاتون اڻپڙهيل هئي. جيتوڻيڪ کيس ڳائڻ جو شوق نه هو پر هوءَ شادي مراديءَ ۾ ڳائيندي هئي. خانصاحب ٻي شادي مشهور ڳائڻي ثريا سان ڪئي، جنهن شاديءَ کانپوءِ ڳائڻ ڇڏي ڏنو. سندس ٻئي گهر واريون هن جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويون، جنهن صدمي خانصاحب کي نهوڙي ڇڏيو. مٿان وري بيمارين جي حملي کيس بستري ڀيڙو ڪري ڇڏيو. 85 ورهين جي طويل ڄمار دوران هن حياتيءَ جو آخري حصو بيمارين سان جهيڙيندي گذاريو. کيس زندگيءَ ۾ جيتري مڃتا ملي، اها گهٽ ڳائڻن جي حصي ۾ آئي آهي. هن جو آواز ته ڪافي عرصو اڳ خاموش ٿي چڪو هو پر هاڻي جڏهن هو اسان جي وچ ۾ جسماني طور ناهي رهيو، تڏهن سندس ڳايل ڪلام موسيقيءَ جي دنيا ۾ کيس تاحيات زندگي بخشي ويا آهن. اهو غزل ماسٽر، جيڪو حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ويل چيئر تي ويهي پاڻ کي ملندڙ محبتن تي روئي ڏيندو هو، تنهن جي لاڏاڻي تي اڄ انيڪ اکيون اشڪبار آهن ۽ موسيقي جي يتيم ٿي ويل جهان تي ڏکارا آهن.

روزانه ڪاوش تان ورتل
 
Back
Top