جوکيو شفيق احمد
سينيئر رڪن
ڌاري يلغار تي جگر، جيرا جلن ٿا
پسي پاڻ کي پرائو، چپ چورڻا پون ٿا.
پنهنجن شهرن اندر پاڻ کي غير سمجهي
اجرڪَ ٽوپي ڪُڇُ ڪرڻا پون ٿا
واه ديده دليري آ، ڀڳوڙن جي
پنهنجي نا-اتفاقيء سبب دڙڪا سهڻا پون ٿا
اسان جي سادن سٻاجهن وڏڙن کي ٻڌو
مسلمان مؤمن جا تڏهن نعره هڻن پيا
مهمان-نوازيء جو ورثو ڪرڻو هو قائمُ
نتيجي ۾ اڄ لَاشَ ڍوئڻا پون ٿا
الائي ڇو هي قومَ اڃا ننڊ ۾ آ
تنهن ستيءَ لاء لفظ لکڻا هي پون ٿا
'' مسرور'' قلمُ آ، قاصرُ بيان جَبُرَ کان
ڏسي قوم جو حال غزل لکڻا پون ٿا.
مهرُ سڪندر علي '' مسرور''
ورتل:
ماهوار ''الصادق''کڏو-ڪراچي،سنڌ
مورخه:مارچُ؛ 2012ع
فيس بوڪ لاء لکيو
جوکيئي شفيق مسڪين