• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌاري يلغار تي جگر، جيرا جلن ٿا۔ ''الصادق''کڏو-ڪراچي،سنڌ

جوکيو شفيق احمد

سينيئر رڪن
ڌاري يلغار تي جگر، جيرا جلن ٿا
پسي پاڻ کي پرائو، چپ چورڻا پون ٿا.
پنهنجن شهرن اندر پاڻ کي غير سمجهي
اجرڪَ ٽوپي ڪُڇُ ڪرڻا پون ٿا
واه ديده دليري آ، ڀڳوڙن جي
پنهنجي نا-اتفاقيء سبب دڙڪا سهڻا پون ٿا
اسان جي سادن سٻاجهن وڏڙن کي ٻڌو
مسلمان مؤمن جا تڏهن نعره هڻن پيا
مهمان-نوازيء جو ورثو ڪرڻو هو قائمُ
نتيجي ۾ اڄ لَاشَ ڍوئڻا پون ٿا
الائي ڇو هي قومَ اڃا ننڊ ۾ آ
تنهن ستيءَ لاء لفظ لکڻا هي پون ٿا
'' مسرور'' قلمُ آ، قاصرُ بيان جَبُرَ کان
ڏسي قوم جو حال غزل لکڻا پون ٿا.
مهرُ سڪندر علي '' مسرور''
ورتل:
ماهوار ''الصادق''کڏو-ڪراچي،سنڌ
مورخه:مارچُ؛ 2012ع
فيس بوڪ لاء لکيو
جوکيئي شفيق مسڪين
 
ڌاري يلغار تي جگر، جيرا جلن ٿا​
پسي پاڻ کي پرائو، چپ چورڻا پون ٿا.​
پنهنجن شهرن اندر پاڻ کي غير سمجهي​
اجرڪَ ٽوپي ڪُڇُ ڪرڻا پون ٿا​
واه ديده دليري آ، ڀڳوڙن جي​
پنهنجي نا-اتفاقيء سبب دڙڪا سهڻا پون ٿا​
اسان جي سادن سٻاجهن وڏڙن کي ٻڌو​
مسلمان مؤمن جا تڏهن نعره هڻن پيا​
مهمان-نوازيء جو ورثو ڪرڻو هو قائمُ​
نتيجي ۾ اڄ لَاشَ ڍوئڻا پون ٿا​
الائي ڇو هي قومَ اڃا ننڊ ۾ آ​
تنهن ستيءَ لاء لفظ لکڻا هي پون ٿا​
'' مسرور'' قلمُ آ، قاصرُ بيان جَبُرَ کان​
ڏسي قوم جو حال غزل لکڻا پون ٿا.​
مهرُ سڪندر علي '' مسرور''​
ورتل:​
ماهوار ''الصادق''کڏو-ڪراچي،سنڌ​
مورخه:مارچُ؛ 2012ع​
فيس بوڪ لاء لکيو​
جوکيئي شفيق مسڪين​
جواب ڏيون ؟ بس سنڌ جي جند ڪئن ڇڏايون ۽ پاڻ ملهايون !!!
 
ڌاري يلغار تي جگر، جيرا جلن ٿا
پسي پاڻ کي پرائو، چپ چورڻا پون ٿا.
سدائين آواز اٿاريون، ڪٿي ڪيئن ته ڪٿي ڪيئن پر پوء به الائي ڇو اڃان ڪنهن تبديلي جا آثار پري پري تائين نظر ڪونه پيا اچن۔ مٿيون شعر سمجهو ته سڀني جي دل جو آواز آهي۔
 
مهمان-نوازيء جو ورثو ڪرڻو هو قائمُ
نتيجي ۾ اڄ لَاشَ ڍوئڻا پون ٿا
الائي ڇو هي قومَ اڃا ننڊ ۾ آ
تنهن ستيءَ لاء لفظ لکڻا هي پون ٿا
مٺڙا ۽ محترم سائين جوکيا صاحب، ڪافي عرصي کانپو سنڌ سلامت تي اچي رونق وڌائڻ تي ڀليڪار ۔۔۔۔​
مٿيون نظم اسان سڀني جي دل جو احوال آهي، غلطيون هميشه نقصان ڏينديون آهن، انجو ثبوت موجوده پاڪستان جو وجود آهي، جنهن مان ڪنهن به چڱائي جي اميد نظر ڪون ٿي اچي، بلڪ پاڪستان جو وجود نه فقط شامل قومن لا خطرو بلڪ خود اسلام جي غلط تشريح ۽ ڀيانڪ چهرو اڀاري رهيو آهي ۔۔۔​
هر صورت ۾ پاڪستان جو هجڻ نقصان کان علاوه ٻيو ڪجهه به ناهي ۔۔۔۔ جيترو جلد اسانجي قوم کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي اوترو گهڻي نقصان کان بچي پوندي ۔۔۔​
وڌيڪ پاڻ ڏاها آهيو۔​
 
Back
Top