منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
اڄ جي ڪاوش ۾ ڇپيل انتهائي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ خبرون، ماء ۽ والد جهڙي عظيم رشتي سان اهڙي وارتا ڏسي لڱ ڪانڊاڙجي ٿا وڃن ته اهڙا به بي شرم انسان اسان جي معاشري جو حصو آهن۔۔اهڙن ماڻهن تي الله جي لعنت آهي،
پٽ تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، پيرسن جوڙي جي دانهن
سکر(بيورو رپورٽ) ٽپالي گهٽي ميمڻ محلا خيرپور جي رهواسڻ پيرسن مسمات ذڪيه ۽ سندس مڙس حاجي ولي محمد ڀٽو سکر پهچي ٻڌايو آهي ته سندس پٽ محمد امين عرف جاويد ڀٽو 27 رجب عيد واري ڏينهن شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي پنهنجي ڀاڄائي مٿان تشدد ڪيو، منع ڪرڻ تي هن اسان کي لَتون، مُڪون ۽ گهر ۾ پيل ٿانو هڻي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گهران ڪڍي ڇڏيو، پاڙي وارن جي روڪڻ تي هن پاڙي وارن کي گٿا لفظ ڳالهايا، جنهن بعد هنن پاڙي جي مسجد ۾ پناهه ورتي. پيرسن مسمات ذڪيه روئيندي ٻڌايو ته پٽ اسان کي سهارو ڏيڻ واري عمر ۾ گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، ڪيترا ڀيرا ايس ايس پي خيرپور ۽ اي سيڪشن پوليس وٽ دانهيو پر ڪارروائي نه ٿي.
سکر ۾ نافرمان پٽ بيواهه پيرسن امڙ کي ڌڪا ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو
سکر(بيورو رپورٽ) واري تڙجي پيرسن رهواسڻ بيواهه عورت انور سلطان کوکر پريس ڪلب سکر پهچي دانهيندي چيو آهي ته سندس پٽ ججهو عرف شفيع سندس مڙس جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ مون کي گهران ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، هن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.