• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نا فرمان پٽن پاران پيرسن والدين کي گهران ڪڍي ڇڏڻ واريون خبرون.

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
اڄ جي ڪاوش ۾ ڇپيل انتهائي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ خبرون، ماء ۽ والد جهڙي عظيم رشتي سان اهڙي وارتا ڏسي لڱ ڪانڊاڙجي ٿا وڃن ته اهڙا به بي شرم انسان اسان جي معاشري جو حصو آهن۔۔اهڙن ماڻهن تي الله جي لعنت آهي،

پٽ تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، پيرسن جوڙي جي دانهن
سکر(بيورو رپورٽ) ٽپالي گهٽي ميمڻ محلا خيرپور جي رهواسڻ پيرسن مسمات ذڪيه ۽ سندس مڙس حاجي ولي محمد ڀٽو سکر پهچي ٻڌايو آهي ته سندس پٽ محمد امين عرف جاويد ڀٽو 27 رجب عيد واري ڏينهن شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي پنهنجي ڀاڄائي مٿان تشدد ڪيو، منع ڪرڻ تي هن اسان کي لَتون، مُڪون ۽ گهر ۾ پيل ٿانو هڻي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گهران ڪڍي ڇڏيو، پاڙي وارن جي روڪڻ تي هن پاڙي وارن کي گٿا لفظ ڳالهايا، جنهن بعد هنن پاڙي جي مسجد ۾ پناهه ورتي. پيرسن مسمات ذڪيه روئيندي ٻڌايو ته پٽ اسان کي سهارو ڏيڻ واري عمر ۾ گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، ڪيترا ڀيرا ايس ايس پي خيرپور ۽ اي سيڪشن پوليس وٽ دانهيو پر ڪارروائي نه ٿي.

سکر ۾ نافرمان پٽ بيواهه پيرسن امڙ کي ڌڪا ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو

سکر(بيورو رپورٽ) واري تڙجي پيرسن رهواسڻ بيواهه عورت انور سلطان کوکر پريس ڪلب سکر پهچي دانهيندي چيو آهي ته سندس پٽ ججهو عرف شفيع سندس مڙس جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ مون کي گهران ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، هن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.
 
ادا منظور علي عباسي اسلام عليڪم۔ بيشڪ ان اولاد کي الله پاڪ ڪڏهن به معاف نه ڪندو جنهن پنهنجي والدين جي نافرماني ڪئي۔ ان کان وڌيڪ بدنصيب ڪهڙو اولاد هوندو جيڪو پيرسن والدين جيڪي هن جي گهر ۾ الله پاڪ جي نعمتون ۽ دعا جا در آهن کي پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيوآهي۔۔ان اولاد ته پنهنجو دين ۽ دنيا ٻنهي هنڌ پنهنجو ناقابل برداشت نقصان ڪيو۔ قران شريف ۾ الله پاڪ جو فرمان آهي ته پنهنجي پيرسن والدين کي آف بي نه چئو،هنن سان نرم لهجي ۾ ڳالهايو ۽ هنن سان شفيق روايو رکو۔شل الله پاڪ هر اولاد کي نيڪ هدايت ڏئي تاڪي هو پنهنجي والدين سان سٺو حسن سلوڪ ڪن ۽ هن جي هر جائز حڪم جي پوئواري پنهنجو نصيب العين ٺاهن۔ توهان جي ونڍ ڪيل اخباري خبر پڙهي اسان جي اڳين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿئي ويا۔انهن نافرمان اولادن الله جل شانه هوء جي قهر کي دعوت ڏني آهي۔۔الله پاڪ انهن ٻنهي والدين تي پنهنجو رحم ڪندو۽ هنن جي لاء ڇپرؤ ڇانوء جو انتظام ڪندو۔ آمين
 
وعليڪم اسلام منهنجا ڀا، توهان سڇ چيو، ڪو به دردمند ۽ ما پي سان محبت ڪندڙ حساس ماڻهو جي اکين مان يقينن لڙڪ وهي آيا هوندا اهي خبرون پڙهي۔۔ڪاش هي انسان اهو سمجهي وٺن ته دنيا جا سڀ عيش آرام بنا ما پي جي بيڪار آهن، اسان جو آرام ۽ سڪون ته انهن جي رضامندي ۾ آهي، نه ڪي انهنجي ناراضگي ۾ آهي۔ شل ڪا ڪل پوي اهڙن لعنتي انسانن کي۔
 
اها اهڙي خبر آهي جنهن تي راء ڏيڻ موبکي ڏکيو لڳي رهيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ والدين سان اهڙو سلوڪ ؟؟؟ افسوس ڪرڻ کانسواء ڇا ٿو ڪري سگهجي۔ خبر ناهي ڇو اسان ايڏا بي حس ٿي ويا آهيون جو پنهنجي والدين سان به اهڙو سلوڪ ٿا رکون ؟؟؟
 
سائين هن معاملي تي رائي ڏيڻ واقعي به ڏکي آهي

اهي ماڻهو پنهنجا ٻئي جهان تباه ۽ برباد ڪري رهيا آهن

سدائين گڏ
 
اهڙي اولاد کي شرم اچڻ گهرجي جيڪي والدين سان اهڙو سلوڪ ڪن ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ والدين سڄي عمر اولاد جو خوشيون ء خواهشون پوريون ڪرڻ لاء ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏين ٿا، پنهنجي زندگيء جو سک چين سڀ اولاد تان قربان ڪري ڇڏين ٿا،

ء اولاد ۔۔۔۔۔۔۔ اهڙو سلوڪ افسوس صد افسوس
 
حضرت سيدنا موسا عليه الصلوات والسلام جن جي ڪجھ عرصو دعا قبول نه پئي ٿي ، مالڪ کي عرض ڪيائين ته ڇا سبب آهي جو منهنجي دعا قبول نه پئي ٿئي؟ رب پاڪ ارشاد فرمايو ته تنهنجي هڪ ٻڍڙي ما هوندي هئي جيڪا فوت ٿي چڪي آهي۔ والله اعلم۔
والدين جهڙي ٻي ڪابه نعمت دنيا ۾ نه آهي۔ اهڙن انسانن تي الله عزوجل ۽ انجي رسول صلي الله عليه وسلم جي لعنت هجي
 
حضرت علي ڪرم الله وجه جو فرمان ياد آيو پاڻ فرمائين ٿا ڪير به ڪنهن سان ڪجھ ناهي ڪندو جيڪو ڪوئي ڪندو آهي سو پاڻ سان ڪندو آهي ڇو جو هر عمل جو ردِ عمل پنهنجي عامل ڏانهن موٽندو آهي ۔
وسلام
 
Back
Top