• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيوڻي ٻائيءَ ته ٽيلي فلم هڪ پرائيويٽ ادارو ڪن ڪلچر سان وابسطا شخصيتن سان ملي ڪري ٺاهي رهيو آهي

Sindhi Media

سينيئر رڪن

آرٽ ڊراما، آرٽ ٽيلي فلمون ٺاهڻ وارا سمجھن ٿا ته هيءَ ريسرچ ۽ جيوڻي ٻائيءَ جي ڪهاڻيءَجي ترتيب، ”ون لائين“ ڪيڏي اهميت ٿي رکي.جي ڪو به ٽي وي پروڊيوسر، ڊائريڪٽر يا اسڪرپٽ رائيٽر ، چينل يا پرائيويٽ پروڊڪشن جو نمائندو هن آرٽ پلي کي انهيءَ ترتيب سان ڪندو ته پهرين ان جي آگاهي ۽ اجازت لاِءِ کيس ساليووڊ پروڊڪشن پبليڪشن ۽ ريسرچ سينٽر، ؛ جنهن جي فيسبوڪ تي به اي ميل ايڊريس آهي sindhi_media@yahoo.com ۽ سيل نمبر آهي 0300 2895691 ، تي ڏيندو، ٻي صورت م ڪاپي رائيٽ ايڪٽ تحت قانوني ڪاروائي ٿي سگھي ٿي.(ادارو) منجانب : انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ (ايڪٽر، رائيٽر، ۽ فري لانس ڊائريڪٽر ۽ نيٽ جرنلسٽ ، سنڌي ميڊيا) چيف آرگنائزر” سنڌي آرٽسٽس ويلفيئير ايسوسيئيشن“ (ساوا) (اهو سڀ ان ڪري جو اسانجي طرفان به هن ٽيلي فلم اسڪرپٽ ٺهڻ جي تياري آهي ۽ جلدئي پرائيويٽ پروڊڪشن طرفان هي فلم بندي ڪئي ويندي)
179961_4202617744530_542634314_n.jpg


جيوڻي ٻائي ۽ سندس اُتم ڪهاڻي، هڪ فنڪار شخصيت
تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

هندستان جي راجپوت علائقي ڀيلواڙي رياست جي هڪ خانه بدوش قبيلي ، سانسي ۾ هڪ شخص رهندو هو، جنهنجو نالو هو ڦَڪو. هي تمام سانوري رنگ جو انسان هو. هن جي گھر ۾جيوڻي ٻائيءَ جو جنم 22 جنوري 1901ع ۾ ٿيو، هي ڇوڪري جنهن جو نالو جيوڻي رکيو ويو ۽ اڳتي هلي جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان مشهور ٿي، ڦَڪوءَ جو ٽيو ٻار هُئي. ڦڪو جيوڻيءِ جي پئدائش تي ڏاڍو خوش ٿيو هو، ڇو جو هن خاندان جي پيشي ۾ ڇوڪريون پنهنجي مائٽن جو هٿ ونڊائينديون آهن، جنهن سان سدن پيري آرام سان گُذري ويندي آهي. هن خاندان ۾ عورتون ڪمائينديون هُيون ۽ مرد اُنهن کان وٺي کائيندا هُئا. اهوئي سندن رواج هوندو هو.

رسم و رواج موجب جيوڻيءَ جي ماءُ مانڪي، ڦڪوءَ کي خوش رکڻ لاءِ ڪابه ڪثر نه ڇڏيندي هُئي، ٿورو سج اُڀرندو ناهي ته هُو يعني مانڪي پنهنجي پُٺيءَ تي ڪپڙوٻڌي، جيوڻيءَ کي اُنهيءَ ۾ وجھي، ٻه ٿيلهيون ۽ جست جو وٽو کڻي، ٻين ساهڙين سان ٻاهر نڪري ويندي هُئي ۽ تقريبن سڄو ڏينهن گذرڻ کان پوءِ شام جوگھر واپس ايندي هُئي. پوءِ گرمي هُجي يا سردي، اها سندس روز جي ڪرت هوندي هُئي. واپسيءَ تي هو، اهي ٻئي ڀريل ٿيلهون اچي ڦڪوءَ جي حوالي ڪندي هُئي جيڪو پوءِ انهن گودڙين مان اٽو، مانيون، چانور وغيره الڳ الڳ ڪري رکندو هو ۽ معصوم جيوڻي جو اهو مهنن جي عمر وارو صفر ، هڪ گودڙيءَ ۾ ويڙهجي مانڪيءَ جي پُٺ تي ٻڌل حالت ۾ گُذرندو هو.

جڏنهن جيوڻي اچي ٻن سالن جي ٿي ته ماڻس مانڪي کيس گھر ۾ اڪيلو ڇڏي روزگار جي تلاش ۾ نڪري ويند هُئي ۽ پويان جيوڻي اهڙين ٻين خانه بدوش ٻارن سان کيڏي وقت گذاريندي هُئي. ۽ جڏنهن هُن جي عمر وڌي اٺن سالن کي پُهتي ته هوءَ ان اماڻي يا اباڻي ڪرت جي تربيت وٺڻ لاِ ماءُ مانڪيءِ سان ننڍڙي گودڙي ٺهرائي پنڻ ويندي هُئي. مانڪيءِ کيس هڪ ننڍڙي لٺ به وٺي ڏني جيڪا ڪُتن ۽ ٻين جانورن جي بچاءَ لاءِ هوندي هُئي.

جڏنهن جيوڻي وڏي ٿي ته هُن سان سندس عمر جون ئي ٻيون پنج ساهڙيون گڏ هونديون هُيون جيڪي وڃي در در صدائون ڏينديون هُيون ۽ ڳيت ڳائي خيرات وٺنديون هُيون، اهي گيت هڪ ڪورس جي انداز ۾ڳائبا هُئا، جيئن ٻين گھر جي عورتن کي خبر پئي ته پنڻ واريون آيون آهن، جيوڻي ان ڌنڌي ۾ ايترو ته هُوشيار ٿي وئي هئي جو پوءِ ماڻس مانڪيءَ کي گھر کان ٻاهر وڃي پنڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي.

سانوري رنگ، وڏين اکين، وڏي قد، گول ۽ تيز ڪشش ڪندڙ نظر ۽ چهري واري جيوڻي جڏنهن 14 سالن جي ٿي ته، مائٽن ڏٺو ته هن جو هڪ هم عمر پر ڪنهن سُٺي گھراڻي جو هڪ ڇوڪرو، روزانو هُنن ڇوڪرين جي آسيئڙي ۾، رستي ۾ اچي بيهي هُنن کي پيار ڀريل نظرن سان گھوريندو رهي ٿو، پر ڇوڪرين کي اهو احساس ئي نه هوندو هو ته اصل ماجرا ڇا آهي، بل آخر جڏنهن اهو راز افشا ٿيو ته هو صرف جيوڻيءَ لاءِ اچي رستي ته بيهندو آ، ۽ جيوڻيءَ هن تي ڪڏنهن به توجه نه ڏنو هو ته هڪ ڏينهن جيوڻيءَ جي مائٽن جڏنهن اهو لقاءُ ڏسي ورتو ته هُن ڇوڪري کي جڏنهن هٿ بڌي ان راه تا هٽائڻ لاءِ هي جُملا چيا ته ” توهان وڏا ماڻهو آهيو ۽ وڏا ماڻهو غريبن جي عزت ۽ غيرت سان صرف کيڏڻ ڄاڻندا آهن پر عزت نٿا ڪن “ ته اهو ٻُڌي اُن ڇوڪري روئي ڏنو ۽ ڪجھه نه ٻُڌڻ ۾ ايندڙ لفظ چئي واپس هليو ويو ۽ وري ظاهر نه ٿيو. جيوڻي پري کان اهو لقاءُ پئي ڏٺو ۽ پوءِ جيوڻي پهريون ڀيرو پوري رات سمهي نه سگھي ۽ ٻي ڏينهن پنهنجي ساهڙين سان گذرندي روڊن، گھٽين، رستن تي اُن خوبرو نوجوان ڇوڪري جي تلاش ڪندي رهي، ۽ جيوڻي ڏينهن ، هفتا، مهنا، سال اُن ڇوڪري کي ڳوليندي رهي پر اُهو ڏسڻ ۾ نه آيو.

وقت گذرندو رهيو، جيوڻي جڏنهن هڪ شاديءَ ۾ پنهنجي ساهڙين سان گڏ لوٽي تي ڳائي رهي هُئي، ته هڪ بزرگ شخص سندس هٿ ڏٺا ۽ چيائينس ته ” فقيرياڻي اڄ جو ڏينهن ياد رکجانءِ جيڪڏنهن هي واقعي تنهنجو هٿ آهي ته تون هڪ ڏينهن دولت مند بڻجنديئن.“ ۽ پوءِ اها ڳالهه جيوڻيءَ جي دماغ ۾ به گھر ڪري وئي.

1918ع جو ذڪر آهي ته جڏنهن ڦڪو پنهنجي اباڻي رياست کي ڇڏي ملتان اچي رهيو، ته ملتان ۾ جيوڻيءَ جي مُلاقات وقت جي وڏي گويئي استاد اُميد عليءَ سان ٿي. هو پاڻ به جيوڻيءَ جي آواز ۽ شخصيت مان مُتاثر ٿيو ۽ جيوڻيءَ کي گَندي (رئو) پارائي پنهنجي ڌيءِ ٺاهيائينس ۽ چيائينس ته..” جيوڻي تو ۾ اهليت ڏسي رهيو آهيان، هڪ ڏينهن تو تمام وڏي فنڪار ثبت ٿينديئن“ ۽ پوءِ هون استاد اميد علي خان جي رهنمائيءَ ۾ راھ جي تربيت ورتي، اهڙيءَ طرح ڦڪوءَ جو پورو خاندان استاد اميد عليءَ جي قرب ۽ محبت ۾ محو ٿي ويو جيڪي بل آخر هڪ ڏينهن سند مدد سان حضرت شمس تبريز جي هٿ تي مُسلمان ٿي ويا ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءَ جيوڻي جو نالو ته جيوڻي ئي رهيو پر ڦڪوءِ پنهنجو نالو فتح محمد رکيو. ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ڳيوڻيءَ در در پني کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ صرف استاد اميد عليءَ جي معرفت وڏن وڏن ميلن، ملاکڙن ۽ محفلن ۾ وڇي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي هُئي ۽ پنهنجي فن جون منزلون طه ڪندي وئي.

اهڙي طرح جيوڻيءَ جو نالو سُٺن ڳائڻن ۾ ليکجڻ لڳو، کيس ملتان کان وٺي ڪراچيءَ تائين راڳ جون دعوتون ملڻ لڳيون ۽ سنڌ جا ماڻهو ساڻس والهانه محبت ڪرڻ لڳا. اهوئي سبب هو جو هُن اُستاد جي اجازت سان مُلتان کي خير آباد چئي حيدرآباد اچي وسائي، حيدرآباد ۾ جيوڻيءَ جي مُلاقات سنڌ جي هڪ گويئي استاد خير محمد سان ٿي، جيڪو نه صرف راڳ سان ماڻهن کي مُتاثر ڪندو هو پر اُن جي شخصيت به پُرڪشش هُئي. ۽ اهوئي سبب هو جو جيوڻي اُن جي سحر انگيز ڪشش کان بچي نه سگھي ۽ اُن سان دل جو سودو ڪري ويٺي.

1928ع ۾ جيوڻي راڻي پور جي هڪ بزرگ سائين صالح شاه جي مُريدياڻي ٿي، جنهن هُن جو نالو تبديل ڪري ”جيوڻي ٻائي “ رکيو. ۽ دعا ڏنائينس ته ” جيوڻي تون الله ۽ اُن جي رسول صلعم جن جي دُعا سان قيامت تائين فن ۾ زنده رهنديئن“ جيوڻي پوءِ حيدرآباد پُهچندي ئي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان تربيت وٺڻ شروع ڪري چند سالن ۾ ئي قرآن شريف مُڪمل ڪري ورتو.

1932ع جي ڳالهه آهي ته جيوڻيءَ جي ”نواب ماڪا“ نالي وڏي قد ۽ خوبصورت جوان سان شادي ٿي ۽ شاديءَ کان پهرين جڏنهن نواب ماڪا ۽ جيوڻيءَ جي مُلاقات ٿي هُئي ته پوءِ ئي هُن استاد خير محمد کي خيرآباد چئي نواب ماڪا سان گڏ موجوده شيش محل هوٽل جي ڀرسان هڪ گھر ۾ رهڻ لڳي.

نواب ذات جو ماڪا هو، هو ميلن ملاکڙن جا ٺيڪا کڻندو هو، ان کان علاوه تاش (پتي) جو وڏو کيڏاري (کلاڙي يا جواري يا رانديگر) هو، ۽ هندستان ۽ امريڪا وڃي وڏن ڏڏن نوابن کي تاش ۾ هارائي ايندو هو، هو ٻاهر ڪُجھه به هو پر گھر ۾ هُن جي طبيعت مختلف هُئي ۽ روزي نماز جو پابند هو، ۽ پڇڻ تي چوندو هو ته ” نماز خُدا لاءِ آهي نمائش لاِءِ نه “ جيوڻيءَ کان اڳ نواب ماڪا جي هڪ ٻي گھرواري به هُئي جيڪا سنس مائٽياڻي هُئي ۽ هوءَ نوان ماڪا جي اباڻي ڳوٺ سکر ۾ رهندي هُئي ۽ کيس پهرين گھرواريءَ مان ڪافي ٻار هُئا پر جيوڻي مان ڪو به اولاد نه هُئس. جيوڻي پاڻ به راڳ سان گڏ صوم صلوات جي پابند هوندي هُئي، زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ تهجد باقائدگيءَ سان ادا ڪندي هُئي، پاڻ حيدر آباد ۾ ڪافي غريب گھرن جي مالي مدد ڪندي هُئي ۽ غريب ڇوڪرين جي شادي جو خرچ پڻ پاڻ درداشت ڪندي هُئي.

کيس امامن سان به تمام گھڻي عقيدت هوندي هُئي جنهن ڪري هن جو محرم مهني جي پنجين تاريخ جو نياز پوري حيدر آباد شهر ۾ مشهور هوندو هو. آخري ڏينهن ۾ ان کي هڪ آخري عبادت جو هڪ ٻيو موقعو ميسر آيو، جيوڻيءَ کي جڏنهن خبر پئي ته ان جو استاد اميد علي ملتان ۾ تنگدستيءَ جي زندگي گذاري رهيو آهي ته هوءَ ملتان هلي وئي ۽ استاد کي حيدر آباد وٺي آئي، ان جي رهڻ جو بندو بست ڪيائين ۽ سندس خدمت پنهنجي هٿن سان ڪندي هُئي. ايتري تائين جو هُن جا پير به پنهنجن هٿن سان ڌوئيندي هُئي، استاد اميد علي خان کي ٻلين پالڻ جو شوق هوندو هو ۽ حيدرآباد ۾ به ان جي ڪمري ۾ پنج ٻليون ان سان گڏ رهنديون هُيون، جن جي کير ۽ گوشت جو بندوبست به جيوڻي ڪندي هُئي. جڏنهن استاد وفات ڪري ويو ته ان جي وصيت مطابق جيوڻي سنس مڙه کڻائي ملتان ۾ سپرد خاڪ ڪيو. استاد جي وفات کان پوءِ پاڻ بي انتها مايوس رهڻ لڳي ۽ معمولي معمولي ڳالهين ۾ جلد روئي پوندي هُئي.

جيوڻي هڪ مڪمل فنڪاره سان گڏ هڪ مڪمل انسان به هُئي، ننڍي وڏي سان انتهائي شريفاڻي انداز ۾ پيش ايندي هُئي، ڳائڻ وقت به ان جو انداز پروقار ۽ با عزت هوندو هو، ايستائين جو جڏنهن ساڙهي پائيندي هُئي ته هُن جو سينو مُڪمل ڍڪيل هوندو هو، ڪنهن به محفل يا شاديءَ جي تقريب ۾جڏنهن هُن کي پئسه ملندا هُئي ته هوءَ اُن کي پنجن حصن ۾ ورهائيندي هُئي ۽ ان کان پوءِ اُتئي هڪ حصو پنجن تنن جي نالي تي خيرات ڪري ڇڏيندي هُئي، شاديءَ يا محفل ۾ وڇڻ لاءِ ڪنهن سان به رقم طه نه ڪندي هُئي.

جيوڻي صنح جي وقت رياض ڪندي هُئي، هن جي پسند جو کاڌو سنڌو دريا جو پلو هوندو هو، هن گھڻن ئي فونا رڪارڊ ڪمپنين سان معاهدا ڪيا هُئا هن هز ماسٽر وائيس تي سڀ کان وڌيڪ ڪلام رڪارڊ ڪرايا ۽ ان ڪري ئي هز ماسٽر وائيس وارن سنس هڪ شاندار جشن به ملهايو هو. هُنن ساڍن ڏهن تولا سون سان ٺهيل مونو گرام جيوڻي ٻائيءَ کي ايوارڊ ۾ ڏنو هو.

جيوڻيءَ جي زندگيءَ ۾ ۽ پوءِ به ڪئي عجيب و غريب واقعا رونما ٿيا. انهن مان هڪ واقعو اهڙو آهي جنهن سان پوري سنڌ جي ماڻهن ۾ خاموشي ڇائنجي وئي هُئي، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي 4 اپريل واري قتل ۽ شهادت تي پوري دنيا جي ماڻهن تي حيرت ۽ خاموشي. اهو هن ريت ته جيوڻيءَ کي عدالت طرفان سزاءِ موت ڏيڻ جو فيصلو ٿيو هو. واقعو هن ريت آهي ته جيوڻي ڪنهن شهر کان ريل گاڏيءَ ذريعي اچي رهي هُئي ته پوليس کي اطلاع ٿيو ته ٽرين ۾ هڪ شخص کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ اُن جو لاش پيتيءَ ۾ وجھي قاتل ڪيڏانهن کڻي وڃي رهيا آهن. عجيب اتفاق هو ته جڏنهن ٽرين تي پوليس ڇاپو هنيو ته ان وقت اُنهيءَ ڪمپارٽمينٽ ۾، جنهن جي پيتيءَ ۾ مقتول جو لاش بند هو، اُتي صرف جيوڻي ئي موجود هُئي. ڪيس هليو پر جيوڻي ڪو به اهڙو دليل ثابت نه ڪري سگھي ته جج مطمئن ٿين ته هي قتڪ جيوڻيءَ نه ڪيو آهي.

چوندا آهن ته سچ آخر سچ آهي ۽ ڪوڙ جا پير ڪونه هوندا آهن، جڏنهن جيوڻيءَ کي موت جي سزا ٻُڌائي وئي هُئي ته پوري هندستان ۾ باه ٻري وئي ۽ بل آخر هڪ شخص پنهنجي ضمير جي اُڪسائڻ تي اجاھر ٿي اعلان ڪيو ته قتل جيوڻيءَ نه پر هُن ڪيو آهي ۽ پوءِ حقيقت سامهون اچڻ ڪري جيوڻي باعزت بري ٿي وئي.

جيوڻيءَ جي ڪردار جي ڪري وقت جا وڏا وڏا گويا سندس عزت ۽ احترام ڪندا هُئا، هندستان جي ڪنهن به ڪنڊ ڪُڙڇ مان آيل گويا جيوڻيءَ جا مهمان بڻبا هُئا، ايتري تائين جو سيوهڻ جي ميلي تي هندستان مان آيل گويا اچي هن وٽ رهندا هُئي، سنڌ جا ماڻو پڻ جيوڻي4 سان ايڏي ئي عقيدت رکن ٿا. جنهن ۾ مير غلام علي ٽالپور، سيد صالح شاه، محمد علي شاه ڄاموٽ ۽ ابراهيم حيدريءَ وارا ته هن کي سڀ کان وڌيڪ چاهيندا هُئا. استاد وڏو غلام علي، استاد عاشق علي خان، اقبال بيگم، ۽ بيگم اختر ته ڪئئن ڪئين راتيو جيوڻيءَ سان گڏ گذارينديون هُيون. استاد غلام علي خان لاءِ ته جيوڻي4 هڪ کٽ الڳ ٺهرائي رکي هُئي، ڇو جو ان جو ماشالله قد تمام وڏو هوندو هو ۽ عام ماڻهوءَ ته احترامن ان کٽ تي سمهندو ئي ڪونه هو.

چون ٿا ته ڪن شقي ۽ ساڙ رکندڙ ماڻهن نواب ماڪا جي وڏي پُٽ کان پڇيو ته هُنن وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته سندس پيءُ جيوڻيءَ سان شادي ڪئي هُئي، جنهن تي هُن جواب ۾ چيو هو ته ” اُها عورت جيڪا انتهائي پرهيزگار ۽ نيڪ هُجي، تنهن جي گناه جو ڪو به تصور نٿو ڪري سگھي، ته ڇا اهڙي عورت هڪ غير مرد سان زندگيءَ جا پورا ارڙهن سال بغير نڪاح جي، هڪ بستر تي سمهي سگھي ٿي، باشعور ۽ با ضمير ڪو به اهڙو ماڻهو اهو نٿو چئي سگھي ته جيوڻيءَ جو نواب ماڪا سان نڪاح ڪونه ٿيو هو.“ هن وڌيڪ ٻوڌايو هو ته ” هو ٽن سالن جي عمر کان پنڌرن سالن جي عمر تائين جيوڻي سان گڏ رهيو هو، سچ ته هوءَ انسان نه بلڪه فرشتو هُئي، جيوڻي امان صوم و صلوات جي پابند هُئي، ۽ زندگيءَ جا آخري لمحا هُن تهجد پڙهندي گُذاريا هُئا“.

جڌنهن نواب ماڪا جي پهرين زال کان پُڇيو ويو ته هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ٻي عورت جي ڀائيواري ڪيئن برداشت ڪئي ته هن وراڻيو ته ” بلڪل ڪا به عورت اهو برداشت ناهي ڪندي ته ڪو ٻيو اُن جي مُڙس ۾ حصيدار بڻجي، ليڪن مون ائين ان ڪري نه ڪيو ته هو۽ انتهائي نيڪ نيت، نيڪ طبيعت، خلوص ۽ سُهڻي ورتاءَ واري عورت هُئي. هوءَ جڏنهن به ٻاهران ايند هُئي ته هزار دفعا جھلڻ جي باوجود به مُهنجي لاِ ڪو نه ڪو تحفو آڻيندي هُئي، جيڪي ڪپڙا پنهنجي لاِءِ وٺندي هُئي اڙها ئي ۾وهنجي لاءِ به، ٻيو ته ٺهيو، جهڙي سون جا زيور پنهنجي لاءِ ٺهرائيند هُئي، اهڙا مون لاءِ به

هن جيوڻيءَ جي نيڪ نيتي ٻُڌائيند وڌيڪ چيو ته ” هڪ ڏينهن حيدرآباد واري گھر ۾ نواب ماڪا، جيوڻي ۽ مان ويٺا هُئاسون ته نواب ماڪا، جيوڻيءَ کي استاد خير محمد جو طعنو ڏنو، اهو ٻوڌندي جيوڻي روئي ڏنو. ڳالهه ايتري وڌي وئي حاجي خير محمد کي اتان گھرايو ويو. مون اکين سان ڏٺو ته خير محمد جي هٿن ۾ قرآن هو، ۽ هن انتهائي جوش ۾ نواب ماڪا کي چيو ته نواب صاحب هي قرآن شريف مُهنجن هٿن ۾ آهي، تون يقين ڪر ته جيوڻيءَ سان مُهنجو اهو تعلق آهي جو مان َرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي هُن کي ماءُ يا ڀيڻ چئي سگھان ٿو“. جيوڻيءَ جو نواب صاحب جي پهرين گھرواريءَ ۽ ٻچن سان ايترو پيار هوندو هو جو هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي وصيت ٺهرائي ته مُهنجي مرڻ کان پوءِ مُهنجي هر شيءِ نواب صاحب جي ٻچن جي حوالي ڪئي وڃي.

جيوڻيءَ جي وفات به هڪ حيرت انگيز طريقي سان ٿي. روهڙيءَ ۾ سندس دين جي ڀاءَ ”بچل ميمڻ “ جيوڻيءَ ڏي نياپو موڪليو ته ”مُهنجي پُٽ جي شادي آهي ۽ ان ۾ و+ڦيءَ جي حيثيت سان توهان جي شرڪت ضروري آهي ۽ سنس فرمائش آهي ته اُتي توکي عزيزن اڳيان ڳائڻو به پوندو“. جيوڻيءَ جي ان وقت طبيعت به خراب هُئي ۽ ان باوجود پنهنجي مُهن چيل ڀاءُ جي پٽ جي خواهش رکڻ لاءِ نه صرف شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لازمي هو پر پنهنجي فن جو مظاهرو به ڪرڻو هو ۽ ڪيائين. گھريلو تقريب ختم ڪرڻ کان پوءِ رات جو ٻي لڳي موهن ٻولي ڀاءُ کي چيائين ته جيئن ته نواب ماڪا صاحب به حيدر آباد ۾ آهي، ان ڪري مونکي جيترو جلد ٿي سگھي حيدر آباد واپس موڪلڻ جو بندو بست ڪر! ان زماني ۾ لاهور کان ڪراچي هڪ گاڏي هلندي هُئي جنهن کي لاهور ميل چوندا هُئا ۽ حيدر آباد کان ان ٽائيم تي نڪرندي هُئي ، جيوڻي ان گاڏيءِ ۾ چڙهي حيدآباد لاءِ رواني ٿي وئي.

جيوڻي جڏنهن حيدرآباد اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پُهتي ته هُن ڪي رسيو ڪرڻ لاِ نواب صاحب هڪ سازندي حاجي شيخ کي موڪليو هو، پليٽ فارم تان ٻاهر نڪرڻ دوران رستي ۾ کيس نواب ماڪا جو گھرو دوست حُسين بابو ملي ويو ۽ هوءَ رسمي عليڪ سليڪ لاءَ چند لمحا ڳالهائيندي رهي. ٻي طرف اُهي سازندا جيڪي جيوڻيءَ کي وٺي اچڻ لاءِ ٽانگو ڪاهي آيا هُئا، انهن مان هڪ حاجي شيخ اُتي پُهچي اوچتو جڏنهن هي لفظ ورجايا ته ” جلدي ڪر مائي “ ته جيوڻي کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ اوتي جو اُتي لمحن ۾ کلندي دل تي هٿ رکي زمين تي ويهي رهي ۽ گھري کان پوءِ اهو امر آواز رکندڙ سنڌ جي سورمي ڳائڪا عظيم فنڪاره جيوڻي ٻائي اسان کان هميشه هميشه لاءِ موڪلائي وئي ” انا لِ الله و انا اِليه يراجعون. بيشڪ هر وجود الله لاءِ ئي آهي ۽ هر وُجود کي ان طرف ئي موٽڻو آهي.“ اڄ ائين لڳي ٿو ته اهو جملي ” جلدي ڪر مائي! “ حاجي شيخ جو آواز نه پر ملڪ الموت جو آواز هو.
557052_4203784853707_405724380_n.jpg
 
هڪ بهترين ۽ مڪمل اسڪرپٽ لاءِ جي ڪڏنهن ڪو دوست جيوڻيءَ ٻائيءَ جي تاريخي ڪردار ۾ واڌ يا ڪاٽ ڪرڻ چاهي، هن ڪهاڻي ءَ ۾ جي ڪي نقطا رهجي ويا هُجن يا خوامخواه لڳي ويا هُجن ته ته پنهنجا واڌو ۽ ڪاٽو رمارڪس ڏئي هن اسڪرپٽ کي مُڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو۔
 
هي تاريخي ڪهاڻي مون 1988ع ۾ لکي هئي جيڪا روزاني انڊلٺ ۾ ڇپي هئي ان کان پو اها ساڳي ڪهاڻي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ثقافت جا امر آواز“ سال 2003ع جي 207 کان 215 جي صفحن تي ڇاپي آهي جيڪا ان ڪتاب ۾ موجود آهي جنهن منهنجي تحرير متعلق ذڪر به ڪيو آهي۔ يقينن اها وڏي خوشي جي ڳالهه هوندي جيڪڏهن هن تاريخي فنڪاره جي زندگي تي ڪا ٽيلي فلم ٺاهي وڃي ٿي۔ بحرحال اسان فلم ساز کي گذارش ڪندا سين ته پنهنجي فن جي آڌار تي ان کي درست رخ ۾ کنيو وڃي جيئن ان تاريخي فنڪاره سان صحيح انصاف ٿي سگهي۔​
 
Back
Top