• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پي ٽي سي ايل طرفان تيز ترين انٽرنيٽ ڏيندڙ نائٽرو وائي فائي ڪلائوڊ ڊوائيس لانچ ڪئي وئي...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
EVO-Nitro-Wi-Fi-Cloud.jpg
پي ٽي سي ايل طرفان تازو پنهنجي ڪسٽمرس لاءِ مفت نائٽرو وائي فائي ڪلائوڊ ڊيوائيس جي آفر متعارف ڪرائي وئي آهي۔۔ 3۔9 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ جي رفتار سان انٽرنيٽ ڏيندڙ هن ڊيوائيس جي ذريعي توهان هڪ ئي وقت پنهنجي ڪمپيوٽر، ليپٽاپ، ٽيبليٽ ۽ موبائيل سميت ڪل 5 ڊيوائيسز تي وائي فائي ذريعي انٽرنيٽ هلائي سگهو ٿا۔۔۔
هي ڊيوائيس پنهنجي مڪمل رفتار سان ملڪ جي 70 وڏن شهرن ۾ استعمال ڪري سگهبي جڏهن ته هر ان شهر ۾ جتي پي ٽي سي ايل جي ايوو سروس موجود آهي ۾ ساڳي ڊيوائيس 1۔3 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ جي رفتار سان نيٽ مهيا ڪندي۔۔۔
هن ڊوائيس جي خرچن جا تفصيل ڪجهه هن طرح آهن۔۔۔
  • هي ڊيوائيس پي ٽي سي ايل جي بنڊل پيڪيج جي صورت ۾ ڏني ويندي جنهن تحت چار مهينن جي ايڊوانس پئمنٽ تي هي ڊوائيس مفت حاصل ڪري سگهبي۔۔۔
  • چئن مهينن جو بل مبلغ 12000 روپيا هوندو۔۔۔
  • پنهنجي مهيني کان معمول جي مطابق توهان کي 3000 روپيا في مهينو ادا ڪرڻا پوندا۔۔
  • مهيني جو لائين رينٽ بل توهان جي پي ٽي سي ايل نمبر جي بل ۾ شامل ڪيو ويندو۔۔۔
  • هي ڊيوائيس اليڪٽرڪ ڪرنٽ کان علاوه بيٽري تي پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿي پر جيتريون وائي فائي ڊيوائيسز وڌيڪ ڳنڍيل هوندو بيٽري ايترو جلد ختم ٿيندي۔۔۔

وڌيڪ تفصيل لاءِ پي ٽي سي ايل جو هي اشتهار ڏسو۔۔۔۔​
 
ها ادا تمام سٺي سروس آهي پر اها انهن ماڻهن لا ڀلي آهي جيڪي هر مهيني 3000 هزار رپيا مهينو بل ڀري سگهن جن جو ڪاروبار ئي انٽرنيٽ تي هوندو اهو ئي بل ڀري سگهي ٿو باقي غريب ماڻهو پنهنجي ناليج لا هلڪي انٽرنيٽ سروس ئي استعمال ڪندو۔
 
سائين واقعي ۾ ڳالهه ته ڏاڍي سُٺي آهي ليڪن سائين منهنجا پي ٽي سي ايل وارن جا ٻيا به ته ڪم نوٽ ڪرڻ جهڙا آهن
ته جيڪي شايد هِتي ڪو به دوست اُنهيءَ کي هاِءِ لائٽ ڪندو هُجي۔۔۔ڳالهه هي آهي ته پي ٽي سي ايل طرفان انٽرنيٽ جي
حوالي سان ڪهڙي به نئين پراڊڪٽ مارڪيٽ ۾ لانچ ٿئي ٿي ته وري پهرين پراڊڪٽ کي ڪمزور ڪيو ٿو وڃي ته
جيئن نئين پراڊڪٽ ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي۔۔۔۔ اهڙيءَ طرح هر نئين پراڊڪٽ پهرين آندل شين کي اهڙو ته پوئتي
ٿي ڌڪي ڇڏي جو يُوزرس جو پي ٽي سي ايل جي هر اُنهيءَ شئي جي ڪمپلينٽ پئي ٿئي جيڪي هن وقت به ماڻهن
جو مونجهارو بڻيل آهن ۔۔۔۔۔ وڌيڪ اوهين خود سمجهي سگهو ٿا۔۔۔۔۔
 
سائين آفر ته سٺي آهي، پر دوستن چواڻي گهڻي مهانگي به آهي، ڇا انهن 70 شهرن جي تفصيل ملي سگهي ٿي ته ڪهڙا شهر ان ۾ شامل هوندا؟ ۽ ڪڏهن کان هي سروس شروع پيا ڪن؟
 
سروس شروع ٿي چڪي آهي۔۔۔ جڏهن ته شهرن جي تفصيل هيٺ ڏنل تصوير مان معلوم ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ خوش قسمتي سان دادو ۾ پڻ ٻئي ٽيڪنالاجيز موجود آهن۔۔۔

Untitled.png
 
دوستن جي اطلاع ته پي ٽي سي ايل وارن هر ايوو ڊيوائيس پيڪيج ۾ هاڻي ماهوار 100 روپين جو اضافو آڻي ڇڏيو آهي پر سندن هن ڊيوائيس لاءِ رمضان پيڪيج آيو آهي۔۔۔ هاڻي ڊيوائيس ته وري به مفت آهي پر ٽن مهينن جي ايڊوانس ادائگي تي ۔۔۔ ۽ ٽن مهينن جي ايڊوانس ادائگي صرف 6000 روپيا۔۔۔

evo_ramdn_pb.jpg
تفصيل لاءِ پي ٽي سي ايل جي هن لنڪ تي اچو۔۔۔
 
دوستن جي اطلاع ته پي ٽي سي ايل وارن هر ايوو ڊيوائيس پيڪيج ۾ هاڻي ماهوار 100 روپين جو اضافو آڻي ڇڏيو آهي پر سندن هن ڊيوائيس لاءِ رمضان پيڪيج آيو آهي۔۔۔ هاڻي ڊيوائيس ته وري به مفت آهي پر ٽن مهينن جي ايڊوانس ادائگي تي ۔۔۔ ۽ ٽن مهينن جي ايڊوانس ادائگي صرف 6000 روپيا۔۔۔

evo_ramdn_pb.jpg
تفصيل لاءِ پي ٽي سي ايل جي هن لنڪ تي اچو۔۔۔
سائين ذيشان رشيد صاحب۔۔۔ڳالهه ته سائين ڏاڍي سُٺي آهي پر ادا سائين 6000 روپين جي لا کيسو به ته اجازت ڏئي نه سائين۔۔۔۔ ليڪن سائين چوندا آهن ته شوق جو ڪو ملهه ئي ڪونهي۔۔۔۔ سو ادا سائين جيڪي دوست ليپ ٽاپ کڻي ٻاهر ٿا پنهنجو ڪم سر انجام ڏين منهنجي خيال ۾ ته اُنهن لا ته هي تمام بهترين ڊيوائس آهي۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top