
پي ٽي سي ايل طرفان تازو پنهنجي ڪسٽمرس لاءِ مفت نائٽرو وائي فائي ڪلائوڊ ڊيوائيس جي آفر متعارف ڪرائي وئي آهي۔۔ 3۔9 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ جي رفتار سان انٽرنيٽ ڏيندڙ هن ڊيوائيس جي ذريعي توهان هڪ ئي وقت پنهنجي ڪمپيوٽر، ليپٽاپ، ٽيبليٽ ۽ موبائيل سميت ڪل 5 ڊيوائيسز تي وائي فائي ذريعي انٽرنيٽ هلائي سگهو ٿا۔۔۔ هي ڊيوائيس پنهنجي مڪمل رفتار سان ملڪ جي 70 وڏن شهرن ۾ استعمال ڪري سگهبي جڏهن ته هر ان شهر ۾ جتي پي ٽي سي ايل جي ايوو سروس موجود آهي ۾ ساڳي ڊيوائيس 1۔3 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ جي رفتار سان نيٽ مهيا ڪندي۔۔۔
هن ڊوائيس جي خرچن جا تفصيل ڪجهه هن طرح آهن۔۔۔
- هي ڊيوائيس پي ٽي سي ايل جي بنڊل پيڪيج جي صورت ۾ ڏني ويندي جنهن تحت چار مهينن جي ايڊوانس پئمنٽ تي هي ڊوائيس مفت حاصل ڪري سگهبي۔۔۔
- چئن مهينن جو بل مبلغ 12000 روپيا هوندو۔۔۔
- پنهنجي مهيني کان معمول جي مطابق توهان کي 3000 روپيا في مهينو ادا ڪرڻا پوندا۔۔
- مهيني جو لائين رينٽ بل توهان جي پي ٽي سي ايل نمبر جي بل ۾ شامل ڪيو ويندو۔۔۔
- هي ڊيوائيس اليڪٽرڪ ڪرنٽ کان علاوه بيٽري تي پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿي پر جيتريون وائي فائي ڊيوائيسز وڌيڪ ڳنڍيل هوندو بيٽري ايترو جلد ختم ٿيندي۔۔۔
وڌيڪ تفصيل لاءِ پي ٽي سي ايل جو هي اشتهار ڏسو۔۔۔۔