منهنجا ڀا مايوسي گناهه آهي، توهان ڇو ڏکارا ٿيا آهيو،؟ انٽرنيٽ جي دنيا محض اهو گروپ ته نه آهي،جتان توهان کي ڪڍيو ويو،کوڙ سارا هتي فورم آهن، سموري انٽرنيٽ جي دنيا توهان جي مائوس جي ڊبل ڪلڪ تي ۽ توهان جي آڱرين جي چرپر تي ٻڌل آهي، توهان لکو، پنهنجا آدرش، پنهنجا جذبا ڪوڙن ، کوکلن ۽ چاپلوس بازن جي ڪري دٻائي نه رکو، اهو به هڪ وڏو ڏوهه آهي ته توهان وٽ ڪا به صلاحيت آهي ته توهان چند ماڻهن جي جهڻڪارڻ تي پنهنجي اها صلاحيت مايوسي جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏيو؟ نه نه اها ته ڪا ڏاهپ نه آهي، توهان اهو سڀ ڪجهه ڪيو جيڪو توهان جي اندر ۾ موجود آهي،،اهڙا ڪيئي مثال آهن جيڪي اسان ۽ توهان جهڙن بي لوث خدمت ڪندڙن جي پلئه پوندا رهيا آهن، پر توهان اهڙن سڀني بڇڙاين کان بي نياز ٿي پنهنجو ڪم جاري رکو، توهان کي ڪير به روڪڻ ٽوڪڻ وارو پيدا ئي نه ٿيو آهي۔ اهو توهان جو فطرتي حق آهي۔
چڱي ڪم ڪرڻ جي بدلي مون سٺي موٽ رکڻ ڇڏي ڏني آهي، اهو ئي سبب آهي جو مان لکندو رهان ٿو۔ فيسبوڪ ۽ ادب جي دنيا به ڪجهه اهڙي ئي آهي جتي ڪي تمام سٺا ماڻهو به آهن ته وري ڪي اهڙا به آهن جنهن کي ٻئي جو اڳتي وڌڻ سٺو ناهي لڳندو۔ تنهنڪري چند اهڙي دوستن جي ڪري اسان جيڪو چڱو ڪم ڪيون ٿا اهو به ڇڏي ڏيون ؟؟؟ نه دوست ۔۔۔۔۔ ايئن ناهي ڪبو۔
چڱا ڪن چڱايون ، مَٺايون مَٺن جو وڙ جڙي جن کي سي وڙ سيئي ڪن
اسان جو ڪم وري به چڱايون ڪرڻ ۽ سٺو وڙ ڪرڻ آهي۔ اهي ڳالهيون نه پڇو جيڪي اسان سان وهيون واپريون هيون۔ ڪيئن اسان جي تصويرن کي ڪراس لڳائي، ڪارا ليڪا پائي اسان کي سنڌ جو غدار ۽ نائون مل ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اڄ اهي سڀ ڪٿي به ناهن پر اسان جي چڱي ڪم سبب اسان اڄ به فيسبوڪ ۽ سوشل ميڊيا تي موجود آهيون ۽ دوست مان ڏين ٿا، موٽ ڏين ٿا، خلوص ڏين ٿا ۽ پيار ڏين ٿا۔
اوهان جذباتي نه ٿيو، اوهان جي ڏک کي سمجهي سگهجي ٿو پر پوء به سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سٺن دوستن کي مان ۽ موٽ ڏيڻ لاء اوهان کي موجود هجڻو پوندو ۽ اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اوهان صحيح هيا۔
ٻي ڳالهه ته اوهان سڀ ڪجهه مبهم ۽ لڪ ۾ چيو آهي، ڪنهن گروپ جو نالو به ناهي ورتو، نه ئي وري ڪنهن دوست جو نالو ڏسيو آهي، هاڻي اسان ڪهڙا مفروضا ٺاهيندا وتون؟ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن گروپ ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ نه ٿا ڪري سگهو يا ڪو اوهان کي برداشت نه ٿو ڪري ته پوء اوهان اهڙن گروپن کي ڇڏي ڏيو ۽ انهن گروپن ۾ شامل ٿيو جتي اوهان کي موٽ ملي يا نه پر عزت ضرور ملي۔ اسان جي سنڌ سلامت جو فورم اوهان لاء هر وقت موجود آهي۔ اوهان لاء اسان وٽ پيار، محبت ۽ عزت آهي۔