غلام مصطفي ا
سينيئر رڪن
آءٌ 2011 کان وٺي سوشل نيٽورڪ فيسبوڪ باقاعده سان جوائن ڪيو ان دوران آءٌ اين جي او ۾ نئون نئون ڪم ڪندو هئس سو ان حوالي سان رپورٽس تصويرون وغيره دوستن سا شيئر ڪندو هئس ايمرجنسي دوران اداري جا پيجز ٺاهيندو هئس۔۔ ڪافي وڇڙيل دوست مليا منهنجي لئه ڄڻ ڀاڳ هئو۔ آهستي آهستي ڪجهه ادبي دوست جي فهرست ۾ شامل ٿيندو ويس انهن کي ڏسي مون کي لکڻ جو شوق ٿيو، آءٌ خيال لکڻ شروع ڪيا سائين نثار احمد ناز ادا آغا جان آعا ۽ ادا گلبهار باغائي جن منهنجي مدد ڪئي منهنجي حوصله افزائي ڪئي ۽ مان باقاعده ڪجهه مهينا پهريان لکڻ شروع ڪيو منهنجيون غزلون پوسٽ ٿيڻ شروع ٿيون۔ دوستن حوصله افزائي ڪئي مان لکندو رهيس ان دوران ڪافي ادبي دوستن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويس ۔ منهنجو تعلق سنڌ جي آخري پرڳڻي ضلعي ڪشمور سان آهي جتي ادبي چرپر نه ويو هجڻ جي برابر آهي فيسبوڪ مون کي ادبي فورم مهيا ڪيو ڪافي ڪجهه سکيو۔۔ فيسبوڪ جي مشهور گروپ موتين جي مالها جوئن ڪيم جتي ادبي دوستن سان ڪچهري چٽا ڀيٽي جو موقعو مليو ۽ گهڻو ڪجهه سکيو۔ منهنجي لئه ادبي ماڻهو وڏي معنيٰ رکندا هئا ۽ هاڻ به رکن ٿا۔۔ ڳالهه اڳتي وڌايان ته ڪجهه ڏينهن پهريان مون کي بنا ڪنهن سبب جي ان گروپ مان ڪڍيو ويو مان سوڇيس منهنجي ڪا غلطي هوندي پر ڪو نه ٻڌائي وئي وري ايڊمن صاحبه مون کي چيو ته غلطي ۾ ٿي ريموو ٿي ويو آهي اوهان وري عرض موڪليو مون وري موڪليو۔۔ هن گروپ جي جي اصل مالڪ جنهنجو نالو نه وٺندس مون سان لهجو خراب رکيو بدقسمتي سان آءٌ هن کي وڏو ڀاءُ سمجهندو هئس سٺي گفتگو هوندي هئي ڪنهن ادبي دوست جا منهنجي غزل تي ڪمينٽ آيا ته هو ڪاوڙجي پيو ۽ مون کي ان ادبي دوست کان بلاڪ ڪرايو ويو مون کي محسوس ٿيو پر آءٌ چپ رهيس مان جهڳڙو ڪرڻ ڪو نه آيو هئس۔ ان پنهجي گروپ جي ويجهن دوستن کي چيو ته ڪيئن به ڪريو ان کي هتان ڀڄايو منهنجي غزلن تي بي معنيٰ رايا ڏيڻ، ڪافي ادبي ۽ سٺن دوستن کي چئي مون کي بلاڪ ڪرايو ويو ۽ اڄ رات مون کي ان گروپ مان تڙي ڪڍيو ويو ايڊمن ۽ ڪجهه دوستن مون کي بلاڪ ڪري ڇڏيو۔۔ ۽ ان منهنجي ڀاءُ مون کي فون ذريعي پيغام موڪليو ته اڃا تون ننڍو ٻار آهين ، اڳتي ڏس ڇا ٿو ٿئي پيغامن ۾ الائي ڪهڙيون ڳالهيون لکيون جيڪي مان ونڊ نه ٿو ڪري سگهان۔۔۔
مان اوهان دوستن کان ڪجهه پڇڻ چاهيان ٿو۔۔
منهنجو گناه شاعري يا خيالات لکڻ آهي ؟
منهنجو گناه اهو آهي ته مان ڪنهن هٿ ٺوڪيل گروپ ۾ شامل ڪو نه ٿيس؟
منهنجو گناهه اهو آهي ته مان انهن جي چاپلوسي نه ڪئي ؟
منهنجي دل اڄ رُني آهي ته مان هت ڪجهه سکڻ آيو هئس پر مون کي ڪو نه سکڻ ڏنو ويو الٽو مون کي ٿريڊ ڪيو ويو، صرف دوستيون ملهايون ويون، جنهن کان به سبب پڇ ايئن چون پيا ته ابا تون اڃا نئون آهين تو کي ڪا خبر ناهي مان حيران ٿيس ته آخر هي ڇا آهي سنڌ ڌرتي جا ڄاوا آهيون، سڀ ڀائر آهيون هي فرق ڇا جو ؟ سڀ ادبي دوست هڪجهڙا ناهن ساائين سليمان وساڻ صاحب ادا نثار احمد ابڙو هميشه منهنجي حوصله افزائي ڪندا رهيا آهن بيا به ڪافي دوست آهن ۔۔ مون کي مايوسي کان سواءِ ڪجهه نه مليو ادبي دنيا مون کي ظالم لڳي مان لکڻ ئي ڇڏي ڏنو اڄ کان پوءِ شايد نه لکي سگهان۔۔ منهنجي زندگي جو هي تلخ تجربو هئو جنهن سان مون کي انتهائي ڏک پهتو، سکڻ بجاءِ مون کي مايوسي ملي اوهان دوستن جو ٽائيم ورتس اوهانجي مهرباني۔۔
جت هجو خوش هجو سدا سلامت رهو
اوهانجو ننڍڙو ڀاءُ
مصطفيٰ آڪاش