منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن

باندرا (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ جو ناليوارو ليجنڊ راجيش کنا ڪيترائي مهينا بيمار رهڻ کانپوءِ هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي. راجيش کنا ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو. هن 69 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي گهر ۾ دم ڏنو. بالي ووڊ ۾ ڪيترائي سال راڄ ڪندڙ اداڪار راجيش کنا جي گذريل اپريل مهيني ۾ طبيعت خراب ٿي وئي هئي، جنهن ڪري کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو هو ۽ پوءِ وري کيس باندرا واري گهر موڪليو ويو. راجيش کنا امرديپ، دو راستي، بيوفائي، محبوب ڪي مهندي، آراڌنا، ڪٽي پتنگ ۽ آنند جهڙين مشهور فلمن ۾ ڪم ڪيو. بالي ووڊ جي 100 سالن جي تاريخ ۾ راجيش کنا پهريون حقيقي سپر اسٽار هو. هن شاهڪار اداڪاري ذريعي بالي ووڊ جي فلمن ۾ جان وڌي. هن جو هيئر اسٽائل ۽ ڪڙتو پائڻ جو نرالو انداز هو. جنهن ڪري هو هميشه جوان نظر ايندو هو. امرتسر ۾ 1952ع ۾ جنم وٺندڙ اداڪار راجيش کنا جو نالو جيتن رکيو ويو هو ۽ کيس پيار ۾ ڪاڪا به سڏيو ويندو هو. هن پهرين ٿيٽر ۾ ڪم شروع ڪيو. ان کانپوءِ فلمن ۾ آيو. هن کي فلم فيئر ۽ آسڪر سميت ڪيترائي ايوارڊ مليا. 2005ع ۾ کيس لائيف ٽائيم اچيو مينٽ ايوارڊ مليو. راجيش کنا شرميلا ٽئگور، هما مالني، ٽينا، ممتا ۽ ٻين اداڪارائن سان وڏي عرصي تائين ڪم ڪيو. هن رومينٽڪ هيرو، ٽريجڊي ۽ ايڪشن سميت ڪاميڊي رول به ڪيا. هن شرميلا سان گڏ هاٿي ميري ساٿي، ڪٽي پتنگ ۽ ٻيون فلمون ڪيون. راجيش کنا آنند فلم ۾ هڪ بيمار شخص جو يادگار ڪردار ڪيو. اهڙي طرح امر پريم ۾ اڪيلي مڙس ۽ خاموشي ۾ نفسياتي مريض جو ڪردار ڪيو. 70ع کان 80ع جي عرصي ۾ هن ڪيتريون ئي يادگار فلمون ڪيون. اٽڪل 163 فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار راجيش کنا بالي ووڊ کي دنيا ۾ وڏو نالو ڏياريو. رشي ڪپور جي اچڻ بعد راجيش کنا جو فلمن ۾ ڪم آهستي آهستي گهٽ ٿيندو ويو. راجيش کنا 1991ع ۾ فلمن کي ڇڏي سياست شروع ڪئي ۽ ڀارتي پارليامينٽ جو ميمبر به رهيو. راجيش کنا پنهنجا لکين مداح سوڳوار ڇڏي ويو آهي. هن هيرو ۽ هيروئن جي والد جا به ڪيترائي ڪردار ڪيا آهن. هو 69 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي باندرا واري گهر ”آشيرواد“ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري رسمون اڄ ادا ڪيون وينديون. ڪالهه وڏي تعداد ۾ اداڪار، مائٽ ۽ سندس مداح گهر وٽ پهچي ويا هئا. ان موقعي تي پوليس جي وڏي سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي هئي.