دوستو هي واقعو مون سان ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيو جنهن جو مڪمل احوال لکڻ ۾ ٿورو وقت لڳي ويو۔۽ هاڻي ونڊڻ جو مناسب وقت به نه هيو۔ پر دل چيو ته دوستن سان ونڊ ڪريان۔ در اصل هن موضوع جو خاص مقصد اسانجي معاشري جي خرابي جي انتها کي وائکو ڪرڻ آهي۔ظاهر آهي ته هن موضوع تي دوستن جا مزاحيه ڪمينٽس به اچن، پر هن موضوع کي دوستن تائين پهچائڻ تي دل چيو۔ سو ونڊ ٿو ڪريان۔۔۔ خميس جو ڏينهن آهي تاريخ 12 جولاءِ 2012 صبح جو 10 لڳي 15 منٽ ٿيا آهن.اڄ صبح مان آفيس مان نڪري لفٽ ذريعي هيٺ يعني گرائونڊ فلور تي آيس، جنهن کانپوءِ روزاني جيان هوٽل وٽان گذرندي ڪالٽيڪس جي پمپ جي سامهون D3 جو انتظار ڪرڻ لڳس، ۽ حسب معمول روڊ جي ٻئي پاسي منهن ڪري بيهي رهيس . مخلتف علائقن جون مختلف بسون اينديون، وينديون رهيون، جن ۾ ڪجهه خوبصورت ته ڪجهه خبوصورت چهرا به اکين آڏو ايندا ويندا رهيا. گذريل ٽن ڏينهن جي ڀيٽ ۾ گرميءَ جي زور ۾ ڪجهه گهٽتائي هئي ۽ آسمان تي جهڙالي چادر پڻ چڙهيل هئي، هوا جا تيز جهونڪا به ڪڏهن ڌيڻا ته ڪڏهن تيز پر مسلسل هلي رهيا هئا، انهيءَ ڪري منهنجي نڪ تي پگهر به ڪو نه هيو، جيڪو مونکي هر هر توبهه ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. خير 20 منٽ گذري وڃڻ باوجود به D3 نه آئي، ۽ مون وٽ انتظار ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو به رستو نه هيو، جيڪو مان پهريان ئي ڪري رهيو هئس. تمام لڪاءَ هڪ پاسي پر جڏهن منهنجو انتظار 25 هين منٽ ۾ داخل ٿيو ته منهنجي کاٻي هٿ واري پاسي کان يعني لڪي اسٽار واري روڊ کان 3 نوجوان ڇوڪريون اچي رهيون هيون. جيڪي مون کان تقريبا 5 يا 6 فوٽ پري بيهي رهيون. جنهن کانپوءِ عادت کان مجبور هر مرد جي اک انهن ٽنهي ڇوڪرين تي دنگ پئي ٿي. ڇوڪرين ڏانهن نهاريندڙن ۾ پوڙها به هئا ته پڪا به، نوجوان به هئا ته نابالغ به. ڀلي ڪوئي بس ۾ سوار هجي يا ٽيڪسي رڪشا ۾ يا ڀلي پنهنجي مائيءَ سان گڏ موٽر سائيڪل تي سوار هجي پر هر ڪنهن انهن ڇوڪرين ڏانهن هڪڙي نظر ڦيرائڻ فرض سمجهيو . هونءَ ته مونکي ڇوڪرين جي عمر معلوم ڪرڻ جو تجربو نه آهي ۽ نه ئي وري قد ڪاٺ ڏسي عُمِر جو اندازو لڳائڻ جي مهارت آهي. پر ايترو اندازو ضرور لڳائي سگهيس ته ٽنهي مان ڊگهي ڇوڪري جنهن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا اها تقريبا 20 کان 21 سالن جي هئي ۽ باقي ٻئي جن کي هڪ جهڙا يعني ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا اهي ڪارن ڪپڙن واريءَ کان ٻه اڍائي سال ننڍيون محسوس ٿي رهيون هيون. خير ڇوڪرين کي ڇڏي ڳالهه کي اڳتي وڌايان ته سڀني ماڻهن جي انهن ڇوڪرين ڏانهن مرڪوز نظرن جي ابتڙ انهن ڇوڪرين جي جون نگاهون ڄڻ ڪجهه ٻيو ئي ڳولي رهيون هيون، يا ڪنهن جو انتظار ڪري رهيون هيون. انهن ٽنهي ڇوڪرين جي عجيب ڪيفيت ان ڳالهه مان واضع هئي ته اهي ڪڏهن روڊ پار وڃڻ جي ڪوشش ڪن پر روڊ خالي هئڻ باوجود اڌ روڊ تان واپس اچي وڃن. منهنجو انتظار تقريبا 35 منٽن کان وڌي چڪو هيو ۽ طبيعت تي انتظار جي بيزاري طاري ٿي رهي هئي. ايتري ۾ هڪ غير متوقع لمحو پيش آيو ۽ اڻکٽ اميدوارن هئڻ باوجود اهي ٽئي ڇوڪريون منهنجي سامهون اچي بيهي رهيون ۽ ڪارا ڪپڙا پهريل ڇوڪريءَ مونکان اڙدو ٻولي ۾ سوال ڪيو ته ”سنين: يي ڪينٽ ڪِي طرف ڪونسِي گاڙِي جاتِي هي؟؟؟. مون هڪ دم جواب ۾ ٻئي پاسي کان ايندڙ 20 نمبر وڏي بس ڏانهن اشارو ڪندي اڙدو ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو ته ” يي سامني آني والي بيس نمبر جائي گي“ تنهن تي ڪارن ڪپڙن وارِي ڇوڪري هڪ عجيب سوال ڪيو جيڪو بلڪل ئي عجيب ۽ حيران ڪندڙ هيو. ڇوڪريءَ چيو ته : ”ڪيا آپ ڀي وهين جائين گي“ ؟ مون حيرانگيءَ واري حالت ۾ جواب ڏيندي چيو ته : نهين تو ......!!! ۽ هاڻي منهنجي مٿان هڪ ٻيو سوالي حملو تيار هو جيڪو ڪنهن اوپري ماڻهون خصوصا اوپري ڇوڪري جي واتان متوقع نه هيو. هن پڇيو ته : ”آپ ڪهان جائين گي؟؟“ مون حيرانگيءَ سبب چهري ۾ گهنج آڻيندي تيز آواز ۾ جواب ڏنو ته : ”اس سي آپ ڪو ڪيا مطلب ڪي ۾ ڪهان جا رها هون....؟؟؟ منهنجي اهڙي لهجي ۽ دفائي سوال جو هنن جي چهري تي ڪو به اثر نه ٿيو ۽ هنن مان منهنجي ساڄي هٿ کان بيٺل پهريون ڀيرو ڳالهائيندي چيو ته: هم لوگ گهر سي نهين نڪلتي اس ليئي همين راستون ڪا پتا نهين هي، هم ني سوچا ڪي شايد آپ ڀي وهان جارهي هين تو همين بتا دين ڪي ڪهان اترنا هي. مون جواب ڏنو ته: آپ بس ۾ بيٺ جائين بس ڪي ڪنڊڪٽر ڪو بول دين ڪي همين ڪينٽ پر اتارنا... .... شايد مون کين لاجواب ڪري ڇڏيو... پر منهنجو خيال غلط ثابت ٿيو ۽ هن هڪ ناممڪن جهڙو مطالبو سامهون اندو................. ڪارن ڪپڙن واري ڇوڪري چيو ته: ڪيا آپ هماري ايڪ هيلپ ڪر سڪتي هين.؟؟؟؟ مون سوالي لهجي ۾کانئس پڇيو ته : ڪيسي هيلپ..؟؟؟ جنهن تي هن اهو ناممڪن جهڙو مطالبو سامهون آندو ته: ڪيا آپ همين اپنا موبائل نمبر دي سڪتي هين......؟؟ هم اگر راستا ڀول گئين تو آپ سي رابطا ڪر لين گي.... هنن جي اهڙي جملي بعد منهنجو دماغ غير يقيني ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ هڪ لمحي جي لاءِ مون سوچيو ته ڇا هي خواب آهي يا حقيقت...؟؟؟ جيڪڏهن حقيقت آهي ته اسان جو معاشرو اهڙي حد تائين خراب ٿي چڪو آهي.....!!!!!! خئير هنن جي اهڙي مطالبي بعد مون پاڻ ۾ سخت لهجي آڻڻ جي همٿ به نه سمجهي ۽ ڦڪائپ مان مسڪرائيندي انڪاري جواب ڏنم، مون کين چيو ته : سوري مين آپ ڪي ڪوئي ايسي مدد نهين ڪر سڪتا..... تنهن تي هنن جي چهري جا رنگ ڪجهه مٽجڻ لڳا ۽ هڪ ٻئي جا منهن تڪڻ لڳيون.... مون سوچيو ته سڀ خير ٿي چڪو آهي ۽ شايد منهنجي جان ڇٽي ويئي... پر شايد اڃان ايئن نه هيو......!! ٽئين ڇوڪري جنهن اڃان تائين ڪجهه نه ڳالهايو هيو تنهن سندس هٿن ۾ کنيل رجسٽر کولي ان مان هڪ ڪاڳر جو ٽڪرو ڪڍيو جنهن تي 0334 جو ڪوئي نمبر لکيل هيو.... اهو نمبر مونکي ڏيندي چيائين ته: اگر آپ مصروف هين تو جب فري هون همين مِس بيل ديجئي گا. هماري پاس آپ ڪانمبر آجائي گا.... مسلسل حيران ڪندڙ صورتحال سبب مان به پنهنجي دفاع جي لاءِ غير معمولي طور تيار ٿي چڪو هيس ۽ سندس هٿ مان اها پرچي وٺي ان جا ٻه ٽڪرا ڪري کيس واپس ڏئي ڇڏي ۽ مون وراڻيو ته : آپ ني غلط نمبر ڊائل ڪيا هي. مين اس ٽائيپ ڪا آدمي نهين جس ڪا آپ سمجهه رهين هين. منهنجي اهڙي رويي کانپوءِ اهي ٽئي روڊ پار ڪرڻ لاءِ واجهائي رهيون هيون ته منهنجي بس ڊي 3 آئي ۽ مون سک جو ساهه ڀري اتان نجات حاصل ڪيو۔۔ دعا ۾ ياد ۔
واقعي يار پهرين درويش ٻڌا هئاسين پر اڄ حقيقت معلوم ٿي۔۔۔۔!!!! اوهان سُٺو ڪيو جو نمبر نه ڏنَو، اڄڪلھ ڪراچي شهر ۾ اهڙا واقعا به ٿي رهيا آهن جو ڇوڪريون ڪنهن به جوان ڇوڪري کي مسڪرائيندڙ نگاھ سان ڏسي ان کي تَڪي وٺن ٿيون ۽ مون جهڙا مسڪين اندر ئي اندر ۾ ٿڌا ساھ پيا ڀريندا آهن شَل لائين ڏئي اهو سراسر غلط آھي اهو انڪري جو وقت ۽ حالات جي مطابق ڪنهن جي صورتحال جو تَقاضو نٿو لڳائي سگهجي، توڙي جو ان جي چهري تي گهري پريشاني ۽ مايوس ڇانيل هجي پر ان جي اندر ۾ ٻيو ڇا ڇا هوندو ان مان اسان ڪڏهن واقف ٿيا ئي ناهيون نڪي ٿينداسين ڪراچي ۾ اهڙا کوڙا سارا واقعا ٿيا آهن جو ڇوڪريون ائڊريس ٻڌائي ڇوڪرن گهرائي وٺنديون آهن، ۽ بنا سوچي سمجهي هو به هلي ويندا آهن ، نتيجو اهو نڪرندو آھي ته بعد ۾ هلڻ کان به لاچار هوندي آھي يا وري ان جو لاش ٻوري ۾ بند مائٽن کي ملندو آھِ سو اهڙن واقعن کان واقعي پاسيرو ٿيڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! درويش حق
ۡۡۡڪراچيءَ ۾ اهي واقعا عام ۽ روز مره جو معمول آهن جنهن جو شڪار اڪثر سنڌي ڇوڪرا ٿي پوندا آهن، شُڪر ڪريو جو عام روڊ هو، جي اڳتي هلي ٿورڙو پاسيرو ٿي وڃو ها ته شايد ڪنهن ويجهي يا سنسان گهٽيءَ وٽ هو پنهنجي پرس مان ڪو ريوالور ڪا ٽي ٽي ڪڍي يا ڪو رانديڪو ڪڍي موبائل ۽ پئسا به ڦري سگهن ها ۽ ڪڏنهن متان ڀُلجي به ڀانيو ته اُهي ڪي ڇوڪريون اڪيليون هونديون انهن سان ضرور ڪو نه ڪو ڇوڪرو يا گروپ به هوندو ان ڪري سڀني پڙهندڙمن کي سُهڻي صلاه آهي ته اهڙي موقعي تي خوامخواه به ڳالهائڻ يا ترسڻ توهان کي نقصان پُهچائي سگهي ٿو، جي هڪ سوال کان ڪو ٻيو سوال ٿئي ته پاسو ڏئي ٻي سائيڊ وٺي وڃو ائين ئي جيئن ڪو فقير يا فقيرياڻي توهان کي خيرات گهُرڻ لاءِ چنبڙندا آهن ته توهان متان ڇڙٻ ڏيڻ سان گُناهه ٿئي اُهو پاسو ڇ_ي بي پاسي ٿي ويندا اهيو۔
واهه ڙي درويش ۔۔۔۔ شاباس اٿئي جو اها ڳالهه سڀني سان شيئر ڪئي اٿئي۔۔۔۔ مون جهڙو ته ماٺ ڪري هنن جي ڳالهين ۾ اچي وڃي ها ، ڇو ته اسان صفا سادا آهيون۔۔۔۔ خير وڏي تجسس سان اوهان جي ڪهاڻي پڙهيم، آفيس ۾ ڪم به گهڻو هو، ٽن ڪلاڪن ۾ ڪهاڻي پڙهي پوري ڪئي اٿم۔ اڄڪلهه ڪجهه اهڙي قسم جون وارداتون ٿي رهيون آهن، اوهان اهو نه سمجهو ته اهي ڪي ٻه نمبر ڇوڪريون هيون، پر اصل ۾ انهن جو نشانوڪو ٻيو هيو، يعني ڦرلٽ يا اغوا۔
واقعي توهان عقل مندي جو مظاهرو ڪيو جو انهن جو نمبر پڻ نه ورتو، پر انسان تي شيطان جو غلبو هر وقت رهي ٿو، توهان جيڪڏهن انهن کان نمبر وٺو ها ته يقينن توهان فارغ وقت ۾ ضرور مس ڪال ڪيو ها ۽ پو جان ڇڏائڻ محال ٿي پوي ها ۔ پر سائين وساڻ صاحب واري ڳالهه ته اسان پارا هجن ها ته واقعي ڦاسي پون ها، توهان ته نمبر جي ڳالهه پئي ڪئي مان ائين هڪ ٻن عورتن کي لفٽ ڏني انهن کي انهن جي گهر ڇڏي آيس، پر شڪر ٿيو اهي واقعي مجبوري جي حالت ۾ هيون انهن ٿورا مڃيا۔ پر دوستو احتياط ڪيو اڄ ڪلهه ماحول خراب آهي، اسين سنڌي ٿورڙا سادڙي طبعيت جا آهون ان ڪري جلد شڪار ٿيوٿا وڃون۔
درويش تفصيل احوال لکيو آھي، جنھن مان دوستن کي سبق حاصل ڪرڻ گھرجي، مان ته اھا ئي سنڱت کي صلاح ڏيندس ته ڪراچي ۾ پير سنڀالي ھلڻ گھرجي، صدر جو علائقو تمام خراب آھي، صدر اڪيلو وڃڻ مرد توڙي عورت لاءِ سھي ڪون آھي، ڪجھ واقعا صدر ۾ مونسان به پيش آيا آھن۔۔۔۔۔۔۔۔سو اھڙي عورتن يا مردن جي چنڀي کان بچڻ جي ڪوشش ڪجي۔
اسان لائي اها وڏي ڳالھ آهي ادا عمران درويش پنهنجي پاڻ کي بچائي ورتو آئون سمجهان ٿو ته ادا عمران درويش ڏسڻ ۾ سهٺو آهي ان ڪري اهي ڇوڪريون پويان پئجي ويو هيون۔ ٻي ڳالھ ته جيڪڏهن ڪا ڌاري چوڪري ايترو جلدي ويجهو اچي وڄين ته مطلب سمجهي وڄجي ته هاڻ خطرو آهي۔
جان بچي لک مليا ۔۔۔۔ شڪر الحمد الله ۔۔۔ پاڪستان ۾ شيطان ڪجهه وڌيڪ سگهارو آهي، انڪري جو ملڪي قانون خود شيطانن جي هٿ وس آهي ۔۔۔ خئير اسان سڀني کي احتياط ڪرڻ گهرجي ۔۔۔
ادا درويش ڀاءُ هڪڙي ڳاله سمجه ۾ نه آئي ماڻهو صبح جو آفيس ويندا آهن توهان گهر کيئين پيا وڃوصبح جو 10 لڳي 15 منٽ تي
درويش ۽ مست ته اهڙي موقعي مان پاڻ بچائي وڃن ٿا پر ٻين جو ڇا ٿيندو؟؟؟؟ زبردست ادا۔۔۔۔ مولا اوهان جهڙن دوستن کي سلامت رکي۔۔۔ اڄ ڪلهه معاشري ۾ جيڪا برائي عام ٿي آهي هي ان جو عام ۽ ننڍڙو مثال آهي۔۔
شايد اسان جو دوست درويش مصروفيتن سبب سنڌ سلامت تي اچي ناهي سگهيو۔ ادا AZAM AFZAL اصل ۾ اسان جو دوست عمران درويش ميڊيا سان لاڳاپيل ۽ هڪ ٽي وي چينل تي رات جو ايڊيٽنگ جي ذميواري هوندي اٿس، تنهنڪري هن جي واپسي صبح جو ٿيندي آهي۔
سٺو ٿيو اسان جي دوست علي علي توهان جي تحرير اڃان نه پڙهي آهي نه ته پنهنجا اهڙا ته تجربا بيان ڪري ها جو وڃي ٿيا ست خير۔۔۔ هن دفعي ڪراچي آيو ته چيائين ماڻهون ڳالهيون ڪندا آهن ته ڪراچي ۾ ٺڳيندڙ عورتون جام ۽ شال نه ڪنهن کي ڪار ۾ اڪيلو ڏسن پو لفٽ جي بهاني کين ٽريپ ڪري پاڻ به لٽن ته پنهنجي مردن کان به لٽرائين۔۔۔ ٻيو ته ٺهيو ڪڏهن ڪڏهن ته همراه زنده واپس نه وري۔۔۔ پر کيس ڪراچي ۾ مسلسل گهمندي اهڙيون ڦرلٽ ڪرڻ واريون عورتون نه ٽڪرايون۔۔۔ هاڻي توهان جو واقعو پڙهي اميد ته کيس منهنجا چيل لفظ سچ لڳندا ته عورتون به هر ايري گيري يا وائڙي کي نه لٽينديون آهن پر جنهن جي پرسنلي سوڀر ڏسن انهن ڏانهن ئي لاڙو ڪن۔۔۔
يار رشِيد اهو نمبر واري پرچي مهنجي هٿ لڳي هئي ادا مون نمبر ڊآيل ڪيو پر ادا هڪ نمبر کٽل هيو يار اصل ڪم نه ٿيو بابا