عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
دوستو هي واقعو مون سان ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيو جنهن جو مڪمل احوال لکڻ ۾ ٿورو وقت لڳي ويو۔
۽ هاڻي ونڊڻ جو مناسب وقت به نه هيو۔ پر دل چيو ته دوستن سان ونڊ ڪريان۔ در اصل هن موضوع جو خاص مقصد اسانجي معاشري جي خرابي جي انتها کي وائکو ڪرڻ آهي۔
ظاهر آهي ته هن موضوع تي دوستن جا مزاحيه ڪمينٽس به اچن، پر هن موضوع کي دوستن تائين پهچائڻ تي دل چيو۔ سو ونڊ ٿو ڪريان۔۔۔
خميس جو ڏينهن آهي تاريخ 12 جولاءِ 2012 صبح جو 10 لڳي 15 منٽ ٿيا آهن.
اڄ صبح مان آفيس مان نڪري لفٽ ذريعي هيٺ يعني گرائونڊ فلور تي آيس، جنهن کانپوءِ روزاني جيان هوٽل وٽان گذرندي ڪالٽيڪس جي پمپ جي سامهون D3 جو انتظار ڪرڻ لڳس، ۽ حسب معمول روڊ جي ٻئي پاسي منهن ڪري بيهي رهيس . مخلتف علائقن جون مختلف بسون اينديون، وينديون رهيون، جن ۾ ڪجهه خوبصورت ته ڪجهه خبوصورت چهرا به اکين آڏو ايندا ويندا رهيا. گذريل ٽن ڏينهن جي ڀيٽ ۾ گرميءَ جي زور ۾ ڪجهه گهٽتائي هئي ۽ آسمان تي جهڙالي چادر پڻ چڙهيل هئي، هوا جا تيز جهونڪا به ڪڏهن ڌيڻا ته ڪڏهن تيز پر مسلسل هلي رهيا هئا، انهيءَ ڪري منهنجي نڪ تي پگهر به ڪو نه هيو، جيڪو مونکي هر هر توبهه ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. خير 20 منٽ گذري وڃڻ باوجود به D3 نه آئي، ۽ مون وٽ انتظار ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو به رستو نه هيو، جيڪو مان پهريان ئي ڪري رهيو هئس. تمام لڪاءَ هڪ پاسي پر جڏهن منهنجو انتظار 25 هين منٽ ۾ داخل ٿيو ته منهنجي کاٻي هٿ واري پاسي کان يعني لڪي اسٽار واري روڊ کان 3 نوجوان ڇوڪريون اچي رهيون هيون. جيڪي مون کان تقريبا 5 يا 6 فوٽ پري بيهي رهيون. جنهن کانپوءِ عادت کان مجبور هر مرد جي اک انهن ٽنهي ڇوڪرين تي دنگ پئي ٿي. ڇوڪرين ڏانهن نهاريندڙن ۾ پوڙها به هئا ته پڪا به، نوجوان به هئا ته نابالغ به. ڀلي ڪوئي بس ۾ سوار هجي يا ٽيڪسي رڪشا ۾ يا ڀلي پنهنجي مائيءَ سان گڏ موٽر سائيڪل تي سوار هجي پر هر ڪنهن انهن ڇوڪرين ڏانهن هڪڙي نظر ڦيرائڻ فرض سمجهيو . هونءَ ته مونکي ڇوڪرين جي عمر معلوم ڪرڻ جو تجربو نه آهي ۽ نه ئي وري قد ڪاٺ ڏسي عُمِر جو اندازو لڳائڻ جي مهارت آهي. پر ايترو اندازو ضرور لڳائي سگهيس ته ٽنهي مان ڊگهي ڇوڪري جنهن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا اها تقريبا 20 کان 21 سالن جي هئي ۽ باقي ٻئي جن کي هڪ جهڙا يعني ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا اهي ڪارن ڪپڙن واريءَ کان ٻه اڍائي سال ننڍيون محسوس ٿي رهيون هيون. خير ڇوڪرين کي ڇڏي ڳالهه کي اڳتي وڌايان ته سڀني ماڻهن جي انهن ڇوڪرين ڏانهن مرڪوز نظرن جي ابتڙ انهن ڇوڪرين جي جون نگاهون ڄڻ ڪجهه ٻيو ئي ڳولي رهيون هيون، يا ڪنهن جو انتظار ڪري رهيون هيون. انهن ٽنهي ڇوڪرين جي عجيب ڪيفيت ان ڳالهه مان واضع هئي ته اهي ڪڏهن روڊ پار وڃڻ جي ڪوشش ڪن پر روڊ خالي هئڻ باوجود اڌ روڊ تان واپس اچي وڃن. منهنجو انتظار تقريبا 35 منٽن کان وڌي چڪو هيو ۽ طبيعت تي انتظار جي بيزاري طاري ٿي رهي هئي. ايتري ۾ هڪ غير متوقع لمحو پيش آيو ۽ اڻکٽ اميدوارن هئڻ باوجود اهي ٽئي ڇوڪريون منهنجي سامهون اچي بيهي رهيون ۽ ڪارا ڪپڙا پهريل ڇوڪريءَ مونکان اڙدو ٻولي ۾ سوال ڪيو ته ”سنين: يي ڪينٽ ڪِي طرف ڪونسِي گاڙِي جاتِي هي؟؟؟.
مون هڪ دم جواب ۾ ٻئي پاسي کان ايندڙ 20 نمبر وڏي بس ڏانهن اشارو ڪندي اڙدو ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو ته ” يي سامني آني والي بيس نمبر جائي گي“
تنهن تي ڪارن ڪپڙن وارِي ڇوڪري هڪ عجيب سوال ڪيو جيڪو بلڪل ئي عجيب ۽ حيران ڪندڙ هيو. ڇوڪريءَ چيو ته : ”ڪيا آپ ڀي وهين جائين گي“ ؟
مون حيرانگيءَ واري حالت ۾ جواب ڏيندي چيو ته : نهين تو ......!!!
۽ هاڻي منهنجي مٿان هڪ ٻيو سوالي حملو تيار هو جيڪو ڪنهن اوپري ماڻهون خصوصا اوپري ڇوڪري جي واتان متوقع نه هيو.
هن پڇيو ته : ”آپ ڪهان جائين گي؟؟“ مون حيرانگيءَ سبب چهري ۾ گهنج آڻيندي تيز آواز ۾ جواب ڏنو ته : ”اس سي آپ ڪو ڪيا مطلب ڪي ۾ ڪهان جا رها هون....؟؟؟
منهنجي اهڙي لهجي ۽ دفائي سوال جو هنن جي چهري تي ڪو به اثر نه ٿيو ۽ هنن مان منهنجي ساڄي هٿ کان بيٺل پهريون ڀيرو ڳالهائيندي چيو ته: هم لوگ گهر سي نهين نڪلتي اس ليئي همين راستون ڪا پتا نهين هي، هم ني سوچا ڪي شايد آپ ڀي وهان جارهي هين تو همين بتا دين ڪي ڪهان اترنا هي.
مون جواب ڏنو ته: آپ بس ۾ بيٺ جائين بس ڪي ڪنڊڪٽر ڪو بول دين ڪي همين ڪينٽ پر اتارنا... .... شايد مون کين لاجواب ڪري ڇڏيو...
پر منهنجو خيال غلط ثابت ٿيو ۽ هن هڪ ناممڪن جهڙو مطالبو سامهون اندو.................
ڪارن ڪپڙن واري ڇوڪري چيو ته: ڪيا آپ هماري ايڪ هيلپ ڪر سڪتي هين.؟؟؟؟
مون سوالي لهجي ۾کانئس پڇيو ته : ڪيسي هيلپ..؟؟؟
جنهن تي هن اهو ناممڪن جهڙو مطالبو سامهون آندو ته: ڪيا آپ همين اپنا موبائل نمبر دي سڪتي هين......؟؟ هم اگر راستا ڀول گئين تو آپ سي رابطا ڪر لين گي....
هنن جي اهڙي جملي بعد منهنجو دماغ غير يقيني ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ هڪ لمحي جي لاءِ مون سوچيو ته ڇا هي خواب آهي يا حقيقت...؟؟؟
جيڪڏهن حقيقت آهي ته اسان جو معاشرو اهڙي حد تائين خراب ٿي چڪو آهي.....!!!!!!
خئير هنن جي اهڙي مطالبي بعد مون پاڻ ۾ سخت لهجي آڻڻ جي همٿ به نه سمجهي ۽ ڦڪائپ مان مسڪرائيندي انڪاري جواب ڏنم، مون کين چيو ته : سوري مين آپ ڪي ڪوئي ايسي مدد نهين ڪر سڪتا.....
تنهن تي هنن جي چهري جا رنگ ڪجهه مٽجڻ لڳا ۽ هڪ ٻئي جا منهن تڪڻ لڳيون....
مون سوچيو ته سڀ خير ٿي چڪو آهي ۽ شايد منهنجي جان ڇٽي ويئي... پر شايد اڃان ايئن نه هيو......!!
ٽئين ڇوڪري جنهن اڃان تائين ڪجهه نه ڳالهايو هيو تنهن سندس هٿن ۾ کنيل رجسٽر کولي ان مان هڪ ڪاڳر جو ٽڪرو ڪڍيو جنهن تي 0334 جو ڪوئي نمبر لکيل هيو.... اهو نمبر مونکي ڏيندي چيائين ته: اگر آپ مصروف هين تو جب فري هون همين مِس بيل ديجئي گا. هماري پاس آپ ڪانمبر آجائي گا....
مسلسل حيران ڪندڙ صورتحال سبب مان به پنهنجي دفاع جي لاءِ غير معمولي طور تيار ٿي چڪو هيس ۽ سندس هٿ مان اها پرچي وٺي ان جا ٻه ٽڪرا ڪري کيس واپس ڏئي ڇڏي ۽ مون وراڻيو ته : آپ ني غلط نمبر ڊائل ڪيا هي. مين اس ٽائيپ ڪا آدمي نهين جس ڪا آپ سمجهه رهين هين.
منهنجي اهڙي رويي کانپوءِ اهي ٽئي روڊ پار ڪرڻ لاءِ واجهائي رهيون هيون ته منهنجي بس ڊي 3 آئي ۽ مون سک جو ساهه ڀري اتان نجات حاصل ڪيو۔۔
دعا ۾ ياد
۔