ههههههههه۔۔۔ لڳي ٿو ميراڻي صاحب اسانکي به چريو ڪندو ۔۔۔۔ اهڙا خيال بس ۾ ويٺلن کي اڪثر ايندا آهن جو سڀني جو مڙئي دماغي حاضمو خراب هوندو آهي ۔۔۔ اوهان به آفيس پهچي پڪ سان حاضمي جون گوريون کاڌيون هونديون ۔۔۔۔ خئير اوهان عنوان ته چيو هو ته نه پڙهجو پر ڇا ڪجي سنڌي ماڻهون آهيون جيترو جهليندا اوترو اڳتي ۔۔۔ اڳ مون به اها حالت ذيشان رشيد سان ڪئي هئي، وڏيري جي ڪمدار واري قصي ۾ ۔۔۔
اوهانجي سفر جي ڪٿا بيان ڪيل ته ڀلي آهي پر اهڙو اظهار اسان به ڪرڻ شروع ڪنداسون ته ڪيترائي چريا ڪنداسون ۔۔۔ هههههه
عنوان ۾ ئي اهو لکيل هو ته نه پڙهجي پر اسان جي عادت ته جنهن ڳالهه کان جهليو ته ان تي زور ڏيندا آهيون ۔۔۔۔
پوء به اها ڳالهه سٺي لڳي ته اوهان لکڻ ۽ ڳالهين کي ٻين تائين پهچائڻ جو هنر سکي رهيا آهيو ۽ اهائي ڳالهه منهنجي من پسند رهي آهي ته لکو۔ لک قرب اميد ته اڳتي به پنهنجي روز بروز جي واقعن کي ادبي انداز ۾ لکي دوستن سان شيئر ڪندا رهندا۔ ۽ ها اهڙي انداز سان به ڀلي لکو پر ڪٿي ڪو اهڙو جملو ضرور لکندا ڪيو جيڪو نصيحت هجي، يا ڄاڻ هجي يا اسان لاء ڪو پيغام هجي۔
قابل احترام سائين محمد سليمان وساڻ صاحب جن جي مون نالائق تي خاص مهرباني آهي ته مونکي بار بار لکڻ جو موقعو پيا ڏين .... انڪري آءٌ سائين جن جو هميشه شڪر گذار رهندس ۽ سائين ٻي ڳالھ اها ته مان اڃا سکڻ واري مرحلي ۾ آهيان، مون وٽ ايتري اهليت ناهي جو ڪنهن کي به نصيحت ڪيان، مان ته اڃا ٻاراڻي طبيعت جو مالڪ آهيان ، لکڻ جي اصولن جي اڃا سڌ نه پئي اٿم بس لکندو ئي وڃا ٿو پيو ... ڪنهن ڏينهن ٿوري ٿڪي درستگي ضرور ايندي ان اميد سان حوصلا بلند ڪيون قلم کي وهائيندو وتان ٿو ..
اسان سنڌي به هڪ عجيب قوم آهيون بس ڪنهن به ڳالهه جي پُٺيان شل نه پئون، پبلسٽي ۽ واکاڻ اسانجي نسلي ڪمزوري آهي، ڪنهن ڳالهه کي ٿا وٺون ته اصل لٺ کنيو هلون مقصد سمجهه ۾ اچي نه اچي نه اچي بس کوهه ۾ ٽُپو ڏيڻو آهي ، رپورٽر ٿيڻو آهي، رائيٽر بڻجڻو آهي، ڊرامان نگار ٺهڻو آهي ادا ائين ڪرڻ جا شفيق جوکئِ ٍجهڙي ڪنهن اُستاد کان به گُر سکڻا پون ٿا، اهو سمجهڻ کان سوا ته ڇا اسان جي دال به ڳرندي يا نه ، بس ڪنهن جي يا پنهنجي ڦاڙڻي آهي ته ڦاڙي ڇڏجي پو ڀلي ڦاڙڻ نه ايندو هُجي۔ ادا ڏاڍو سو گابو ميمڻ ويچاري تي ڪهڙي معيار يقين نه اچوَ ته مُهنجي يار مُحترم شفيق جوکيو صاحب کان تصديق ڪرائي وٺو۔ شروع ڇو ٿيس جو ”سائين پوري دُنيا جي زبانن ۾ هوندو آهي ته لکت لا هڪ طريقو ۽ ڳالهائڻ لا ٻيو طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي، ڪنهن به کڻي زبان کي کڻو توهانکي اهي ئي ٻه شيون اُتي ملنديون ۽ اهڙي ريت لکت واري سنڌي ۾گرامر جي صحيح استعمال ۽ صحيح اُچار جي خبر به پوندي آهي جيڪو سنڌي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارن لا لازمي هوندوآهي ان ڪري ئي سنڌي ادبي بورڊ جو وجود آيو جيئن صحيح سنڌي زبان جي حفاظت ڪري سگهجي ، اهو دئور واڻين جي دئور کان مُسلسل ڀُٽي صاحب جي دئور تائين هلندو رهيو۔ ۽ پو ڀُٽي صاحب جي نوڪري ڏيڻ واري عهد کان جيئن ئي اُتر سنڌ مان لڏ پلاڻ ٿي لاڙ پُهتي لکت جو طريقو به بدلجندو ويو۽ ڪنهن به برک اصلي لکت واري سنڌي ان کي صحيح رُخ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي ممڪن آهي سياسي پريشرن جي ڪري يا نوڪري ۽ آفيسري بچائڻ جي ڪري ٻين ڪنهن مجبورين جي ڪري۔ اڄ جي سنڌي ڊراما نگاري واري سنڌي آهي۔ اهڙي طرح سُگهڙن جون پُراڻيون ڪچهريون يا سائين صالح محمد شاه جي ريڊئي تي نشر ٿيل فتح خان جي ڪچهري مان به گهڻو ڪُجهه سکي سگهجي ٿو۔
ڊرامان نگاري وري هڪ ٻيو فن آهي ها ان ۾ ڊائلاگ علاقائي ڳالهائڻ واري زبان جا لفظ اُچاري سگهجن ٿا ۽ سگهبا آهن جنهن سان علائقي جي تهذيب و تمدن جي خبر گيري ٿيندي آهي ته فلاڻي فلاڻي طريقي سان ڳالهايو پر ان ڊرامي کي کڻي هلڻ لا به لکت اُهائي اصلي سنڌي واري هُئڻ کپندي هُئي، وقت جي گُذرڻ سان ۽ اُتر سنڌ جي اثر ڪري اُتر جي پاسي وارن جي علم ادب، جاب ، ٽيچنگ وغيره ۾ اڪثريت وڌندي وئي ۽ هُنن لکڻ واري سنڌي کي به پنهنجي ڳالهائڻ ورا ڍنگ (ڊراما نگاري)سنڌي سان بدلائي ڇڏيو جيڪو اڄ تائين جاري و ساري آهي۔ هاڻ هرڪو سنڌي لکڻ وارو ليکڪ آهي جيڪو ڳالهائي ٿو اھو ئي لکي ٿو جڏنهن ته لکت جا به اُصول آهن جن جو خيال نٿو رکيو وڃي ۽ ڪا پابندي ناهي، باقي سنڌي جو خانو خراب انهن سنڌي ليکڪن به ڪيو جن مئٽرڪ به مُشڪل سان پڙهي هُجي ۽ جن سنڌي چئنلن تي لکيو، مشهور ٿي ويا جو کين ميڊيا تي پبلسٽي ملي ۽ ماڻهون خاص طور نئين جنريشن اهو رستو اختيار ڪندي وئي ۽ سنڌي ادب هڪ عام ادب بڻجي پيو آهي جنهن جا هاڻ ڪي اُصول ناهن۔ هاڻ فرهاد قائم خاني به سنڌي لکي ٿو ته ڪي ڪي به جن شايد ئي سنڌي اسڪولن جي شڪل ڏٺي هجي ۽ شاهه نواز ڀُٽو ته اسلم ڀُٽو به رائٽر سڏرائجن ٿا اڪثر ڊائريڪٽر ويچارا ته پئسا بچائڻ لا پاڻ به رائيٽر ٿي پيا آهن ۽ سنڌي ڊراما نگاري، اڙدو ڊرامان يا ڊائجسٽون يا هندي فلمون ڏسي ڪهاڻين کي توڙي موڙي سنڌي زبان جون ٽنگون ئي ڀڃي چُڪا آهن ۽ ڪو به ڪلچر سان وابستا اٿارٽي وارو اعتراض نٿو ڪري اُبتو کين رائٽر ايوارڊ سان نوازي ٿو۔ سنڌي ادب جي رهي سهي ڪثر به ختم ٿيندي وڃي ۔ جيئن نثري نظم ۾ هوندي آهي جنهن ۾ نه بحر ۽ نه ئي وزن جو خيال نٿو رکيو وڃي جنهن ۾ شعر جو ماڊرن طريقو ڏسي سگهبو آهي۔ لکت واري سنڌي کي بچائڻ لا ان کي به ڪو نثري نظم جهڙو ئي نالو ڏجي ها،اهڙو ڪو نالو ڏجي ها ته بهتر هُجي ها جيئن نثري نظم ٿي پيو۔ ڇو ته ڳالهائڻ واري زبان گرامر ۽ اُچار ڪرڻ کان آزاد هوندي آهي۔ ۽ اڄ ڪلهه سنڌي ڪلچر ۾ به ڳالهائڻ واري زبان استعمال پئي ڪئي وڃي پو اهو ڀلي ليکڪ ئي ڇو ناهي۔
هن سفرنامي ۾ سڀني پنهنجي پنهنجي را ڏني سٺي ڳالهه آهي، مان به ڪجهه چوڻ ٿو گهران ته اهو فطرتي عمل آهي ته ڪنهن به سفر جي دوران اسان سفر ڪندي ڪيترائي منظر ڏسي وٺندا آهيون، قدرت جا ڪيئي نظارا پڻ ڏسندي انهن جي واکاڻ دل ئي دل ۾ ڪندا آهيون، ڪنهن چوئنڪ يا بس اسٽينڊ تي اسان گاڏي جي دري مان هيٺ بيٺل مختلف ڪمن ڪارن ۾ رڌل ماڻهن کي ۽ انهن ماڻهن جي ان ڪم بابت مشاهدي ۾ به لڳي ويندا آهيون، اتي موجود آسپاس، ريڙهين وارا، رڪشن وارا، پينو فقير، ڪي وري هٿ ۾ شيون لٽڪائي کپائڻ وارا هوندا آهن، اسان جي سوچ جهٽ پٽ ۾ انهن جي زندگي جو به جائزو وٺڻ شروع ڪندي آهي، ۽ ڪي وري توهان جي نظرن کان بي پرواهه پنهنجي ڪرتا ۾ اهڙا ته جنبيل هوندا آهن جو توهان کي انهن جو اهو ڪم توهان جي چهري تي مرڪ آڻي وجهندو آهي، ڪو دوست يا سنگتي ساڻ هوندو آهي ته ان جون حرڪتون ان کي ٻڌائيندا آهيون ته يار هو ڏس هن جا ڪم۔ ۽ پو ٽهڪ وکرجي ويندا آهن، اهو سڀ فطرتي عمل آهي۔ اسان ڪجهه نه ڪجهه ڏسي سوچڻ ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهيون، ۽ جهٽ کن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون به جوڙي وٺندا آهيون، جيڪڏهن اسان جي دماغ جي ميموري کي محفوظ ڪرڻ جي سهولت هجي ها ته ڪيترائي ڪتاب ڇپجي سگهن ها۔ پر اسان اهي سڀ بس ڏسندا آهيون ، سوچيندا آهيون، مزا وٺندا آهيون، ته جئين اسان ڪائنات جي هر شي مان لطف اندوز ٿي سگهون۔
ڀا جي اندر جو مقصد ڪليئر آهي ته هن جو ان ڪانشيس زور ٿو ڀري ته عنوان پڙهجندو رهجي ۽ بي لاگ تبصرا ٿيندا رهن، ۽ هو ذهني تسڪين وٺندو وڃي۔ نفسياتي زبان ۾ ان کي چئبو آهي پيٿالاجيڪل پرسنالٽي هي ارر هر ماڻهو ۾ مختلف ريشيو سان هوندو آهي ۽ هن ارر کان ڪو به بچيل نه هوندو آهي بس ڪوانٽٽي مختلف ٿيندي آهي، هي ارر پورو جسم محسوسيات کان سينس ڪري ٿو جيڪو هر ڏتڙيل ۽ محروم سماج ۾ رهي ٿئي ٿو ۽ پو ان انسان جو اَن ڪانشيس ان کي ٻاهرئين دُنيا لا ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ اهو هڪ غير ارادتدي قُدرتي امر ۽ پروسيس آهي جي ائين نه ٿئي ته هوند ڪمزور انسان لمحن سان فرسٽريشن جو شڪار ٿيندو ويندو معاشري ۾ پلجندڙ ريتون ۽ شيون ڏسي ان ڪانشيس اڌ ما ڪندو آهي ۽ اند رجي لوچ پريشر سان ٻاهر نڪرڻ لڳندي آهي هن ۾ انفرارٽي ۽ سپريارٽي ڪمپليڪس جا به ڪي ڇنڊا هونداآهن حيرت جي ڳالهه آهي ته اهو سڀ ڪُجهه بي اختياري ۾ ٿيندو رهندوآهي ۽ ان جي ڪابه پلاننگ ڪانه رٿيل هوندي آهي ۽ نه ئي ڀا ڪئي هوندي، اَن ڪانشيس، ڪانشيس کي حڪم صادر ڪيو ۽ ان جي موٽ اها آهي جيڪا وري اسانجو ڪانشيس رسيو ڪري ٿو ۽ اسان جو اَن ڪاشيس ان کي اهڙي ريت آٽوميٽڪ ٽرانسمٽ ڪري ٿو، دستور دُنيا انهي نفسياتي عملن تي بيٺل ۽ ٻڌل آهي هن تي هر ايري غيري، عقل بي عقل واري جو تبصرو متوقع ٿيندو آهي جيئن پاڻ پيا ڪريون يعني ٿوم مان بصر۔ بس ڳالهه جي ڊيگهه ۾ پوڻو هوندو آهي ۽ هي ريسيپروڪل طريقي سان عمل ۾ ايندو آهي ۽ هلندو رهندو جيسين ڪو يا ڊليٽ نه ڪري يا شٽ اپ ڪال نه ڏي۔ بس اها ئي ڪڏنهن ڪمزور ته ڪڏنهن طاقت جي نشي ۾ چور عاقل انسان جي ذهني ڪيفيت آهي۔