Sindhi Media
سينيئر رڪن
وڏيرن کي اچي ويچارا مجبور بيوس، معصوم، غريب، اٻوجهه ۽ لاچار سنڌي مليا آهن جن کي هو روايتي مُختف سحرن ۾ مُبتلا ڪري ّغلام رکيو ويٺا آهن، غلام به اهڙو جو جنهن کي سمجهاڻي ٿي ڏجي يا ظالم وڏيرن جا ڪرتوت ٿي ٻُڌائجن ته اصل ڪُهاڙي اُڀي ڪريو بيٺو آهي، اها سمجهه ۽ خبر هوندي به اُهي سندن انگن ۽ سامن ۾ به اکيون وڌل آهن جي مطلب پورو نٿو ٿيئن ته ڪارو ڪاري جي بهاني مائٽن کي ورغلائي کين مارايو ڇڏين) پُڇو انهن کان جن کي هو سندن حويلين ۾ خدمت لا موڪلين ٿا پرغريب بُک ڪري سمجهڻ ئي نه پيو چاهي۔ انهن وڏيرن سفارشي ايوارڊ ۽ نالو ڏياري پنهنجا درباري ليکڪ به ٺاهيا آهن جن جي اسڪالر به ٻڌل آهي ۽ عام بهترين ليکڪ جيڪو وڏيرن جي اوطاق جو پاڻي نٿو ڀري يا ٻُچ ٻُچ تي پُڇ نٿو هلائي وڏيرن جا پير نٿو چٽي ته حليم بروهي وانگر چريو ٿو سڏجي ۽ ڇاڙتا درٻاري ليکڪ وري ان جي تشهير ۾ رڌل هوندا آهن۔ ته ڀا سبب اهي درباري ليکڪ ئي سندن اڳين پوين جي واکاڻ ڪري غريبن جي ذهنن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪن، ڌاڙيلگيري تي ڊراما ٺاهي کين خوف وجهن ٿا ۽ غريب سنڌين جي ذهن کي قابو ڪري مڃارائين ٿا ته جي هو ڦريا ته ڀسم ٿي ويندا۔ ڪٿي ڪنهن عقيدي جي پرچار، ته ڪٿي ڪنهن اجائي سوچ جي جنهن جو نه ته اسلام ۾ ڪو تصور آهي ۽ نه ئي ماڊرن دُنياگيريءَ وارن علمن ۾، جي ڪو اڻ پڙهيل آهي ته وڏيرو سُلفي، چرس ۽ ڀنگ پياري عادي ڪري کين ٻُچ ٻُچ ڪندو وتي، جيڪي سندس اوطاقن جا سرڻ وانگر لامارا پيا ڏين، ڀلي گهر ۾ اٽو نه هُجي زال اوسيئڙي ۾ ، پوڙها ماءُ پيءُ انتظار ۾، اولاد آوارهه گرديءَ ۾ ۽ سڀ انتظار ۾ ته مُهنجو جوڌو ڪمائي ايندو پر هو ته وڏيري جي در جي چانٺ ئي نه پيو ڇڏي چٽي چٽي گسائي ويٺو آهي محنت خاڪ ڪندو۔ جاهل ته ٺهيو هي حال پاڻ کي پڙهيل لکيل چوندڙ پروفيسرن، ڊاڪٽرن، مولوين يا سماجي شخصيتن ،جا به آهن مُفت جي ماني مسالو ۽ پروٽوڪول ڪوبه نٿو ڇڏي ٻاهي قوم کي جاڳائڻ جو تقريرون ڪري ساهيءُ ۾ ٺري جي محفل واهه! ڇا ته ٻه رُخي زندگي آهي ،ڪو ٻه ادب جا گفتا پڙهيو ته پوءِ ان جي ٻُچ ٻُچ وري وسڪي ۽ ٺري تي آهي سنڌي غريب (هن ۾ انتهائي پڙهيل ماڻهون به آهن حيرت ته اُنهن تي آهي اُهي اديب به آهن، شاعر به نالي وارا ليکڪ به) سڀني کي جيسين انهن وڏيرن جي غلاميءَ مان آزاد نه ڪرائبو سُلفي، ڀنگ، چرس، وسڪي، ٺري مان جان نه ڇڏائبي ۽ جيسين انهن جي برين واش ڪري کين اهو نه سمجهائبو ته اي سنڌي تون به ٻين قومن وانگر انسان هڪ آزد منش انسان پئدا ٿي نڪتو آهين نه ڪه غلام الله توکي به اشرف المخلوقات ڪيو ئي ان ڪري ته تون وڏيرن ۽ راشي ڪامورن جي ٻُچ ٻُچ تي نه پرپنهنجي پنهنجي عقل کي استعمال ڪري پرکي ۽ چڱي موچاري واٽ وٺ، پر اها جيڪا ٻُچ ٻُچ آهي ان هڻي سنڌي قوم جو خانو خراب ڪيو آهي۔