ڪلام پير اعجاز شاھ راشدي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ Tariq Hayat Lashari طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2012۔

  1. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    هتي آئين، ڀلي آئين، ڀلا چئو ڇو لڪي آئين.
    انهي اسرار جي سڌ ڏي، عدم ۾ ڪيئن ٽڪي آئين.
    غلامي جي غلافن ۾، طبل شاهي طوفانن ۾،
    ڪيشالن ڪوه ڪافن ۾، ڪنهن جي ڪارڻ سڪي آئين.
    ڇڏي تون تخت کي ترتئون، پڇائي رنگپور پرتئون،
    نياز و ناز سان نرتئون، ڪهڙي چاهئون چڪي آئين.
    ڪٽورا نيڻ ڪج ڪالا، اهي بڻڇون اهي ڀالا،
    هڻي ڪئي مست متولا، عجب چالا سکي آئين.
    مڃيو اعجاز مڃڻ جي لاءِ، ڀرم جسمي ڀڃڻ جي لاءِ،
    وري واپس وڃڻ جي لاءِ، ڪري ٻولي پڪي آئين.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    رسول الله جهڙو رهبر، نڪو ٻيو ٿيو نڪي ٿيندو.
    سيد جو هم قدم همسر، نڪو ٻيو ٿيو نڪي ٿيندي.
    شفيع المذنبين ٿيندو، برابر ڏينهن محشر جي،
    سوئي آ صاحب ڪوثر، نڪو ٻيو ٿيو نڪي ٿيندو.
    امام المرسلين آهي، مٺو مربي امي عربي،
    احمد ڄام جان اطهر، نڪو ٻيو ٿيو نڪي ٿيندو.
    هلي جئين هاشمي هرهر، لڌيون سارون سقيمن جون،
    يتيمن جو ائين ياور، نڪو ٻيو ٿيو نڪي ٿيندو.
    لواءِ الحمد جو حامل، سدائين داد گر سڀ جو،
    اهڙو عادل دنيا اندر، نڪو ٻيو ٿيو نڪي ٿيندو.
    ڪلام الله نازل شد، امم جي شان ۾ يارو،
    وڌي ان کان ڀلو برتر، نڪو ٻيو ٿيو نڪي ٿيندو.
    لکين احسان لک لائق، ڪيئين اعجاز لاغر تي،
    منهنجو محب سو منور، نڪو ٻيو ٿيو نڪي ٿيندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    مئے آب ناب پی کر مستی میں آ گیا ہوں .
    دونوں جہان کا درشن اس دل میں پاگیا ہوں.
    عرش بریں سے آگے میرا ہے آشنانہ،
    دنیا نہ جانے لیکن میں سچ بتاگیا ہوں۔
    آنکھیں ملا کے ساقی جم جام جو پلایا،
    باران عشق بن کر ہر تن پہ چھاگیا ہوں۔
    عشاق ہوں میں جن کا عشاق ہیں وہ میرے،
    وہ مجھ کہ پاگئے ہیں میں ان کو پاگیا ہوں۔
    دل آنکھ کھول دیکھو اعجاز ہوں علی کا،
    ہر رمز رنگ ڈھنگ میں سکا جماگیا ہوں۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    جنهن جو مثل نه مثال ڪو، تنهنجو مزو ماڻ،
    عقل ۽ دليل کان اڳتي خيال اماڻ،
    اتاهين ڪا آڻ، اونهي خبر اعجاز چئي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    انڌن ليکي آدمي، سڄن ليکي الله،
    جنهنجو ڏسڻ جيترو، تيترو تنهن ويساه،
    انڌن سڄن ۾ اعجاز چئي، فرق اهوئي آه،
    هن مٺو ڪيو ساهه، هن لاٿو سانگو ساهه جو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪافر اکيون محبوب جون، رخنا وجھن ايمان ۾.
    جلوا ڪري ڪجلين ڪيا، فتنا کڙا جيءِ جان ۾.
    دعوى مسلماني سندي، تقوى ڦٽي صنعان ڪئي،
    هندو صفت ظالم اکين وڌو غلغلو گيلان ۾.
    ليلا جي لهه لاري لڳي، ٿيو قيس مان مجنون ڦري،
    اٽڪائي دل عاشق ويٺو، ڪيبرڪجل جي ڪان ۾.
    بانڪيون ڪٽاريون بان ڇا، ڪرپان خود اکڙيون اهي،
    ڪئين جهڙپ سان هڪ ڪيترا، ڪن جهٽڪا جولان ۾.
    لائڻ نڀائڻ نينهڙو، آهي وري تن جو عجب،
    منصور سان ڏس ڪيئن ملي، مڻڪا ٽوڙيئون ميدان ۾.
    تڪ سان هڻن رءِ تڪ هڻن، گٿيون نڪي ڪڏهن گسن،
    چستي چالاڪي سان چٽن گهٽ ڪانه ڪن نيشان ۾.
    جيڏهن وڃان تيڏنهن سدا، سامهون اهيئي سانوليون ،
    ڪا شي وڃان ڪعبي وڃان، توڙي وڃان خمخان ۾.
    محبت جي هڪ ملت سوا، ٻيا دين سڀ ٻيائي دوئي،
    اهڙا نسنگ نعرا اٿن، نت نت اعلى اعلان ۾.
    هر پل پهراعجاز چئي، جن سر اکين جو مامرو،
    ڪيئن تن مٺن تنهن اڌ ڪٺن جو، جيءِ لڳي قرآن ۾.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    دارين ۾ نه ماپندي ديوانگي منهنجي.
    ميدان بي پايان پڇي مستانگي منهنجي.
    منهنجي جنون کي کپي، منزل نڪو مقام،
    آ بيقرار بيحد خفقانگي منهنجي.
    ناصح نصيحتون ڪيون، مونکي ته ڪئين مگر،
    آئي نه باز عشق کان نادانگي منهنجي.
    هڪ طرف جي صنم هجي ۽ ٻئي طرف خدا،
    سجدو صنم کي ئي ڪندي عرفانگي منهنجي.
    ديوانه وار ٿي چمان، ديوار حرم کي،
    پر ڏي نٿي اجازت خدگانگي منهنجي.
    جڏهن به حال وجد ۾، مون رقص آ ڪيو،
    وڻ ٽڻ لڳا نچڻ ڏسي وجدانگي منهنجي.
    ساقي به پياري پياري، حيرت ۾ پئي ويو،
    مستي کي گم ڪري ويئي مردانگي منهنجي.
    اسرار جسم کان ٿيس،اعجاز آشنا،
    بيڪار ٿي پوءِ پاڻ کان بيگانگي منهنجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    لامذهب ڄاڻ، مذهب جي مون ۾ ڀانءِ نه بوءِ ڪا.
    دين ڪفر کان دور آکيرو، وحدانيت منهنجو واهيرو،
    عشق سواءِ آئون اڄاڻ، ڏاهپ جي مون ۾ جاءِ نه جوءِ ڪا.
    وصل وصال جو واءِ به سنڀران، هجر فراق جو گهاءِ به سنڀران،
    صبر جو مون ۾ سنباڻ، وڦلڻ جي مون ۾ واءِ نه ووه ڪا.
    برهه بهار سان باهم آهيان، لا جي لام سان لاغم آهيان،
    سخن منجهان ئي سڃاڻ، حرفت جي مون ۾ هاءِ نه هوءِ ڪا.
    ريءِ مذهب جي ڪوڙا ڪاذب، قاعد عقائد مڙيئي مذاهب،
    پل تون اعجازا پاڻ، رسمن جي وٺ راءِ نه روءِ ڪا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    انسان سر الاهي، اسرار سڀ انهي ۾.
    دلڪش حسن نظارو، ديدار سڀ انهي ۾.
    انسان آهي اڪمل، اعلى عجيب اجمل،
    ذاتي صفاتي تجمل، جنسار سڀ انهي۾.
    بشري بناءِ بهانو، بيحد آ بي گمانو،
    خفي خيال جو خزانو، خمار سڀ انهي ۾.
    عشاقي آر آگم، ترنگي ترانو ترنم،
    سو ساز سوز سرگم، گر تار سڀ انهي ۾.
    نيشان سان ناميارو، ناطق سو نورنيارو،
    راسخ ربوبي وارو، رنگ پار سڀ انهي ۾.
    اعجاز واري اولي، ٻهڳڻ ٿو پاڻ ٻولي،
    ڳجهه ۾ ڏٺوسون ڳولي، اعتبار سڀ انهي ۾.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇا توهانکي خبر آهي ته پير اعجاز شاه راشديءَ جي ٻي سُڃاڻپ ڪهڙي آهي ۽ ڪٿي جو رهاڪو آهي۔ اعجاز شاه راشدي نيوسعيد آباد شهر جو رهاڪو ۽ محدث مُفڪر عالم الدين جناب علامه ابو مُحمد بديع الدين شاه راشدي(پهرئين ڪوٽ وارا) رحمت الله عليه ۽ عالم الدين مُحدث و مُفڪر علامه حضرت مُحب الله شاه راشدي (اڳئين ڪوٽ وارا) رحمت الله عليه جا ڀائُر آهن۔ جن تنظيم جماعت اهل حديث جو بُنياد سنڌ ۾ وڌو۔ سندن ۽ ڀائُرن جي وچ ۾ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ الاهي تضاد هو اُن ڪري هو علحده دُنيا ۾ رهندو هو ۽ اشاعريءَ سان لڳائو رکيائون۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    بن صورت وارو بنايئي ڇو، انهي روپ ۾ پاڻ ڇپايئي ڇو.
    مت ملڪن واري نڪار ڪري، پنهنجي خيال جو خاڪو تيار ڪري،
    اولو آدم جو اختيار ڪري، هل عبديت وارو هلايئي ڇو.
    هڪ جاءِ هيئن، هڪ پاڻ هيئن، سڀ طرح سکيو سک ساڻ هيئن،
    اڻڄاڻ نه هئين، تون سڄاڻ هيئن، پوءِ داڻي سان دل لايئي ڇو.
    ڇڏي وحدت واري وادي کي، وي جوءِ وسيح ڪشادي کي،
    چئي الوداع آزادي کي، ڪنج قفس ۾ قيد ڪمايئي ڇو.
    پنهنجي نقش جو پاڻ نگاروتون، مٿان تنهنجي جان نثارو تون،
    وري نيٺ به تنهن لاءِ ماروتون، ٺلهو ٺڪر اجل تي ڀڃايئي ڇو.
    اعجاز چوي چوان ڇا آئون ڌڻي، تنهنجي دانائي جي آهي ڳالهه گهڻي،
    هتي نعرو اني انا الله هڻي، هتي احمد نام سڏايئي ڇو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ولادت:-
    سندن ولادت پير ڳوٺ (جهنڊي وارا) ۾ حضرت پير سيد احسان الله شاهه راشدي (سنت ڌڻي) جي ٻي گهر (جيڪا شادي کٽياڻ اسٽيشن لڳ ڳوٺ ڪاٺڙي جي سيد اميرالحسن شاهه جي نياڻي سان ڪيائون) ۾ تاريخ 12 ربيع الاول 1348هه مطابق 1929 سومر رات 4 بجي ڌاري ٿي.
    تعليم و تربيت
    سندن تعليم تربيت ابتدائي ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ سندن ڳوٺ ۾ شروع ٿي جتي پاڻ ناظره قرآن پاڪ مولوي شفيع محمد مڱريه ڳوٺ ڇتن شاهه تعلقه سڪرنڊ جي رهاڪو ۽ مولوي جمال الدين متي اصل رڻ ڪڇ جي رهاڪو وٽ پڙهي پورو ڪيائون.
    ٻاراڻو ڪتاب ۽ پهرئين سنڌي ڪتاب جا ڪجهه سبق پڙهي تعليم اتي ئي ڇڏيائون.
    پاڻ ننڍي هوندي کان ئي مستانه خيال جا هئا تنهنڪري سندن والد کين بهلول جي نالي سان سڏيندا هئا، جيڪو نالو پاڻ پنهنجي شعر ۾ ڪٿي ڪٿي ڪم آندو اٿن.
    پاڻ جئين ته سنڌ جي اهم ترين گادي راشديه جا فرد هئا، تنهنڪري سندن سلسله طريقت پڻ اهوئي سمجهڻ گهرجي پاڻ فرمائيندا هئا ته اسان ذڪر يا تلقين پنهنجي والد صاحب، حضرت پير سيد احسان الله شاهه راشدي (سنت ڌڻي) جن کان ورتي آهي حضرت پير سيد محمد راشدي شاهه (روضي ڌڻي) کان سندن تعلق تصوف جي قادري سلسلي سان رهندو آيو آهي. پاڻ سڄي ڄمار رشدو هدايت جا مسند نشين رهيا مگر پنهنجي ڪلام ۽ ويجهي ساٿين ۽ عزيز و اقارب کان علاوه ظاهر طلب مريدي ۾ ڪوبه اهڙو مريد ڪونه ڪيائون جئين عام طرح تصوف ۾ سنڌ توڙي هر خطي ۾ ٿيندو رهيو آهي. ان مان سندس اعلى ظرفي ۽ بلند خيالي جو اظهار ٿئي ٿو ته پاڻ پيرومريد جي ظاهري تعلق ۽ طريقي کي مناسب ڪونه سمجهندا هئا.
    شادي ۽ اولاد:-
    حضرت پير محي الدين شاهه اعجاز راشدي جن جون ٻه شاديون هيون. پهرين شادي ڳوٺ پير شاهه نوابشاه مان پير سيد اڪبر علي شاهه وٽان 1852 ۾ ڪيائون جنهن مان هر هڪ
    1. سيد امان الله شاهه 2. سيد ابوتراب شاهه 3. سيد سجاد الرسول شاهه 4. سيد محمد اشرف شاهه 5. سيد فريد شاهه راشدي جن ٿيا.
    جن مان سيد امان الله شاهه ۽ سيد ابوتراب شاهه جواني ۾ سندن حياتي ۾ ئي رحلت ڪري ويا.
    ٻي شادي پنهنجي خاندان ۾ ڳوٺ بابو ڇن سيد نورشاهه جن وٽان 1982 ۾ ڪيائون جنهن مان کين پنج فرزند ٿيا جي حال حيات آهن.
    1. ظهور احمد شاهه 2. محمد سليم شاهه 3. سيد ضمير احمد شاهه
    4. سيد قائم علي شاهه 5. سيد ڪليم الله شاهه
    گذراوقات:-
    پير محي الدين شاهه اعجاز کي پنهنجي خانداني ورهاست ۾ 194 ايڪڙ زمين ملي جيڪا نوابشاهه کان اوڀر طرف ڳوٺ سرهوڙي خاصخيلي لڳ ديهه گوجرو ۾ هئي، اها هميشه مقاطعه ۾ هوندي هئي.
    سال 1962 جي وچ ڌاري هجرت ڪري ضلع سانگهڙ جي ڳوٺ پير سيد معين مهدي شاهه لڳ نواز ڏاهري اسٽيشن سڪونت اختيار ڪيائون. 11 سال اتي رهڻ کانپوءِ وري هجرت ڪري نيو سعيد آباد تعلقه هالا ۾ اچي ويٺا ۽ گوجري واري زمين کپائي پنهنجي هميشرن کي حصو ڏئي باقي پئسن ۾ 82 ايڪڙ زمين ورتائون ۽ پنهنجو الڳ پلاٽ وٺي گهر به ٺهرايائون ۽ ان مان گذرسفر ڪندا رهيا.
    پاڻ تمام خوش خلق ۽ حليم طبع هئا، هميشه خاموش رهندا هئا. ڪنهن سان به وڏي وات نه ڳالهائيندا هئا. زماني جي ڏکن غمن جو ظاهر اظهار يا ڪوبه اثر سندن ظاهري وضع قطع ۾ نه ٿيندو هو. انتهائي محبت واري طبعيت هوندي هوئن پکين پسوئن سان به انتهائي شفقت ۽ پيار رکندا هئا.
    سخاوت ۽ مهمان نوازي ۾ تمام دريا دل هئا.
    ڪيئي ڀيرا گهوڙا ۽ مينهون وغيره سائلن يا مهمانن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا. اڄ تائين سندن مئه خاني تي لنگر ۽ مهمان نوازي جاري و ساري آهي.
    پير اعجاز راشدي جن رنگ جا سانوار قد جا پورا پنا ۽ تقريبن ڄمار جواني جو ڪجهه عرصو ڇڏي ڪلين شيو رهيا. خوش لباس شلوار قميص ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پهريندا هئا.
    زباني روايتن موجب ظاهر۾ پيئڻ پيارڻ به تمام گهڻو هوندو هئن جئين پاڻ هڪ هنڌ چيو اٿن ته .
    ڏاڍو ٿا پيئون پيئون ٿڏهن ٿا جيئون جيئون
    اسانجو مرڪ آ پيئڻ اعجاز مست ٿيڻ گهوري گهوري پيماني تي سرڙو ڏيڻ
    تڪبر هت نه پڏيا نشيلا نيڻ گڏيا نشا ڏئي تن ته ڇڏيا.
    وفات:-
    سندن وفات اڱارو 16 جون 1998 تي شام جو 3 وڳي ايمبولينس ۾ حيدرآباد کان موٽندي چيئنل موري باءِ پاس تي ٿي. پاڻ مختلف اسپتالن ۾ گردن جي تڪليف سبب ڪجهه وقت داخل رهيا ۽ بالاخر دم ڌڻي حوالي ڪري بقا جا راهي ٿيا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسان جي علائقن ۾ پيرن جا ٽي ڪوٽ آهن هڪ پهريون ڪوٽ سعيد آباد نئين سان لڳ سائين بديع الدين شاه ۽ اعجاز شاه جو (هاڻ جنهن کي پير ڪوٽ ٿو چئجي) ان کان ميل ٻه اڳتي هلي سڪرنڊ طرف ويندي (وچيون ڪوٽ) اهوبه پير ڪوٽ ٿو سڏجي، اهو پهريون پير ڳوٺ آهي سائين احسان الله شاه جو جنهن ۾ هي سڀ گڏ رهندا هُئا ۽ پير فضل الحق شاه جو (پهريون پير ڳوٺ) ۽ ان کان اڳتي چند فرلانگن تي (اڳيون ڪوٽ) هي سائين محب الله شاه راشدي جو ڪوٽ ٿو سڏجي۔ جيئن ته اتي ڪوٽ ٺهيل آهن انهي ڪري اُهي لوڪل ماڻهن ۾ پهريون ڪوٽ، وچيون ڪوٽ ۽ اڳيون ڪوٽ سعيد آباد شهر جي نسبت سان سڏبا آهن، جيڪي هاڻ پير ڪوٽ سڏجن پيا۔ هي سڀ پهرئين وچئين ڪوٽ يا (پير ڳوٺ ۾ رهندڙ هُئا جتان پو مذهبي تبليغن جي ڪري ٻه ٻيا ڪوٽ اڳيون ۽ پهريون اڏيا۔ پهريون ڪوٽ عالم دين محقق مفسر ۽ مُحدث علامه پير بديع الدين شاه ۽ اڳيون ڪوٽ عالم دين محقق مفسر ۽ مُحدث علامهسائين مُحب الله شاه راشدي جي حوالي سان سڃاتو ٿو وڃي جيڪي جميعت اهلحديث جا اسلامي مرڪز آهي ۽ جتان اسلامڪ دُنيا جا عالم سندون وٺي نڪتا آهن۔ اڳئين ڪوٽ ۾ دُنيائي اسلام جي وڏي ۾ وڏي اسلامي لائبرري آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    علامه سيد بديع الدين شاهه راشدي رحمة الله عليه جي حياتيءَ جو مختصر خاڪو
    نالو: سيد بديع الدين شاهه, ڪنيت: ابو محمد
    ذات: سيد
    تاريخ پيدائش: 18 ذوالحجة 1343هه مطابق 10 جولاءِ 1925ع
    جاءِ پيدائش: ڳوٺ سيد فضل الله شاهه (پراڻو پير جھنڊو) نزد نئين سعيد آباد، ضلع مٽياري (سابقه ضلع حيدرآباد)، سنڌ. مادري زبان: سنڌي

    خانداني پس منظر: علامه سيد بديع الدين شاهه الراشدي رحمة الله عليہ جو سلسله نسب هن طرح آهي ”سيد بديع الدين شاهه بن سيد احسان الله شاهه بن سيد رشد الله شاهه بن سيد رشيد الدين شاهه بن سيد محمد ياسين شاهه بن سيد راشد شاهه الحسيني.

    قاضي فتح محمد نظاماڻي تفسير مفتاح رشد الله ( 1 / 24 – 27 ) ۾ سيد راشد شاهه رحمة الله عليه جو شجره نسب جناب امام حسين بن علي بن ابي طالب رضي الله عنهما سان ملايو آهي. اهڙي طرح علامه سيد بديع الدين شاهه الراشدي پنهنجي چاليهن پشت ۾ جناب امام حسين رضي الله عنه سان ملن ٿا.

    جناب سيد راشد شاهه جي اولاد کي راشدي حسيني سڏيو وڃي ٿو، سيد راشد شاهه رحمة الله عليه جي وڏن مان سيد علي مڪي رحمة الله عليه عراق جي شهر ڪاظمين مان هجرت ڪري موجوده ضلع دادو ۾ لڪي شاهه صدر وٽ اچي رهيو، ان جي اولاد کي لڪياري سادات سڏيو وڃي ٿو. راشدي لڪياري سادات مان آهن.

    سيد راشد شاهه رحمة الله عليه جي خانداني ۽ ديني جانشيني جي لحاظ کان سندس اولاد ۾ ٻه سلسلا هليا.

    (1) پير پاڳارو خاندان،

    (2) پير جھنڊو خاندان.

    علامه سيد بديع الدين شاهه پير جھنڊو خاندان مان هئا.

    پير جھنڊو خاندان جو علمي مقام بلند رهيو آهي، سيد رشيد الدين شاهه الراشدي رحمة الله عليه کي چوڏهين صدي هجريءَ جو مجدد چيو ويو آهي جنهن سڀ کان پهرين عمل بالحديث کي ترجيح ڏني ۽ تصوف جي بعض غلط مسائل جو رد ڪيو، ان جو فرزند سيد رشدالله شاهه سيد نذير حسين دهلوي ۽ امام شوڪانيءَ جي تلميذ رشيد علامه حسين بن محسن الانصاري اليماني جو شاگرد هو، پاڻ حديث جي خدمت ڪئي آهي ۽ مسلڪ اهل حديث جي تائيد ۾ مخالفين جي رد ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن.

    تعليم وتربيت: علامه سيد بديع الدين شاهه الراشدي رحمة الله عليه پنهنجي خانداني مدرسه ”دار الارشاد“ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ شروع ۾ پنهنجي سيد احسان الله شاهه جي تربيت هيٺ رهيا، سندن والد ماجد تمام محب السنة ۽ متصلب سلفي العقيدة عالم دين هئا. 1938ع ۾ سيد احسان الله الرشدي رحمة الله عليه جن وفات ڪئي ان وقت علامه السيد بديع الدين شاهه رحمة الله عليه جي عمر 14، 15 سال هئي.

    اساتذه: علامه سيد محب الله شاهه الراشدي رحمة الله عليه ، شيخ محمد اسماعيل بن عبدالخالق سنڌي، شيخ ولي محمد بن محمد عامر ڪيريو، شيخ محمد نور عيسى خيل، شيخ بهاؤ الدين جلال آبادي، شيخ محمد مدني، شيخ عبدالله بن عمر بن عبدالغني کڏهري، شيخ محمد خليل بن محمد سليم.

    سند اجازه: تعليم حاصل ڪرڻ بعد علامه سيد بديع الدين شاهه الراشدي رحمة الله عليه هيٺين عالمن کان سند اجازه حاصل ڪئي.

    علامه ابو الوفاء ثناءُ الله امرتسري.

    شيخ حافظ عبدالله روپڙي امرتسري.

    محدث ابو سعيد شرف الدين الدهلوي.

    شيخ محدث ابو اسحاق نيڪ محمد.

    شيخ محدث ابو محمد عبدالحق بهاول پوري، رحمة الله عليهم اجمعين.

    قوت حافظه: الله تعالى شاهه صاحب رحمة الله عليه کي وڏي قوت حافظي سان نوازيو هو، پاڻ ٽن مهينن ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائون ۽ بي شمار حديثن جو حافظ ۽ لاتعداد ڪتب جا صفحات تحت استحضار هئا، ڪاتبن کي املاء ڪرائڻ وقت لڳندو هو ته ڄڻ پاڻ مڪتبة راشدية جا حافظ آهن.

    ان وقت جا سنڌ جا سياسي ۽ مذهبي حالات: شاهه صاحب جي ابتدائي دور ۾ برصغير ۾ برطانوي تسلط هو. انگريز استعمار جي معروف نسخه وڙهايو ۽ حڪومت ڪريو ان جي ڪري سنڌ تي انگريزن جا نمڪ خوار پير ۽ جاگيردار مسلط هئا. شرڪ، تصوف ۽ تقليد جو راڄ هو، عمل بالقرآن والحديث ۽ سلفيت جو پري پري تائين نالو ۽ نشان ئي نه هو. عقيده توحيد ۽ عمل بالحديث جي دعوت ڏيڻ ۽ شرڪ ۽ تقليد جو رد ڪرڻ موت کي للڪارڻ جي برابر هو.

    علامه سيد بديع الدين شاهه راشدي رحمة الله عليه جا ڪارناما

    دعوت توحيد ورد شرڪ وبدعت

    مٿي ذڪر ڪيل ماحول ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليه سنڌ ۾ ڪم شروع ڪيو. اهو وقت هو جڏهن سنڌ ۾ جماعت اهل حديث جي هڪ به مسجد نه هئي جڏهن ته وفات وقت سنڌ جي زير نظم 800 مساجد جماعت اهل حديث جو هيون. اهو سڀ ڪجھ الله تعالى جي فضل وڪرم ۽ پوءِ شاهه صاحب رحمة الله عليه جي جدوجهد جو نتيجو هو. شاهه صاحب رحمة الله عليه توحيد وسنت جي دعوت وتبليغ لاءِ درج ذيل طريقا اختيار ڪيا.

    (1) خطابت: شاهه صاحب رحمة الله عليه تمام ڪامياب خطيب هئا، سنڌي اردو ۽ عربي زبان ۾ کين خطابت تي برابر قدرت حاصل هئي، شاهه صاحب رحمة الله عليه جي تقرير جو اهم موضوع توحيد ۽ رد شرڪ وبدعت ۽ اتباع السنة ۽ رد تقليد هئا. پنهنجي ڀرپور جوانيءَ جي دور ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليه 3 کان 4 ڪلاڪن تائين تقرير ڪندا هئا ۽ قرآن کي تمام مٺي ۽ سوز وگذار واري انداز سان پڙهندا هئا. سندن تقرير تي به استدلال ومناظر جو انداز غالب هو، ماڻهون ڪڏهن به سندن تقرير مان بيزار نه ٿيندا هئا، شاهه صاحب رحمة الله عليه جن حرمين شريفين ۾ ڪيترائي سال رهيا، بيت الله شريف ۾ روزانه درس ڏيندا هئا، اتي اردو ۽ سنڌيءَ ۾ به تقريرون ٿينديون هيون.

    (2) مناظره: شاهه صاحب رحمة الله عليه جنهن ماحول ۾ سنڌ ۾ ڪم شروع ڪيو اتي مخالفت ۽ مناظره ٿيڻ لازمي امر هيو. شاهه صاحب رحمة الله عليه اثبات حق ۽ رد باطل لاءِ ڪيترائي مناظره ڪيا رموز راشديه ۾ شاهه صاحب جي ڪيترن ئي مناظرن جو تفصيل آيل آهي، ان کان سواءِ شاهه صاحب رحمة الله عليه جن تحريري مناظره به ڪيا جن مان ڪي ڇپيل ته ڪي اڻ ڇپيل آهن.

    (3) تاليف وتصنيف: توحيد وسنت جي دعوت عام ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب رحمة الله عليه جن سنڌي، اردو ۽ عربي زبان ۾ 150 جي قريب ڪتاب لکيا آهن سندن تصانيف مان قرآن مجيد جو تفسير ”بديع التفاسير“ هڪ عظيم خدمت آهي، هي تفسير قرآن مجيد جي سورة الحجر جي ابتدائي آيتن تائين لکجي سگھيو آهي. بديع التفاسير ۾ عقيده سلف ۽ اتباع السنة جي دعوت ۽ دفاع جو بهترين ڪارنامو آهي، مسئلہ استواء علي العرش جي موضوع تي اردو زبان ۾ توحيد خالص جي نالي سان هڪ زبردست تصنيف آهي، مسئلہ استواء تي اهڙي انداز سان شايد تاريخ اسلام ۾ ڪو ڪتاب نه لکيو ويو هجي.

    عربي زبان ۾ قرآن مجيد جي هر آيت مان توحيد باري تعالى لاءِ استدلال ڪندي تفسير جلالين واري انداز تي مختصر تفسير لکڻ شروع ڪيو هئائون جيڪو ابتدائي سورتن تائين ٿي سگهيو، سنڌي زبان ۾ ”توحيد رباني يعني سچي مسلماني“ جي نالي سان عقيده توحيد کي عام فهم انداز سان سمجهائڻ لاءِ ڪتاب لکيو اٿن.

    (4) تدريس: شاهه صاحب رحمة الله عليه ابتداء ۾ پنهنجي مدرسي ”مدرسه محمديه“ ۾ پڙهايو 1974ع کان 1978ع تائين مڪة المڪرمه ۾ قيام ڪيائون اتي حرم شريف ۾ حديث ۽ تفسير جا ڪتاب پڙهائيندا هئا جتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان بي شمار طلبه وعلماء اچي کائنس استفاده ڪيو، ان سان گڏ ڪجھ وقت اتي پاڻ ”دار الحديث الخيرية“ ۾ مدرس رهيا، پاڪستان واپس اچڻ بعد به ملڪ ۽ ٻاهر ملڪ مان بي شمار طالب علمن اچي استفادو ڪيو ان ڪري کين ”شيخ العرب والعجم“ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو.

    سندن شاگردن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد وسنت جي دعوت عام ڪئي، سندن شاگردن جو تعداد شمار کان مٿي آهي، علامه مقبل بن هادي الوادعي، شيخ عاصم عبدالله القريوتي، شيخ حسن حيدر يمني، شيخ حمدي عبدالمجيد السلفي، شيخ ربيع بن هادي المدخلي، شيخ وصي الله عباس الهندي، شيخ شمس الدين اٖفغاني، شيخ ارشاد الحق الاثري، شيخ حافظ زبير علي زئي، شيخ صلاح الدين مقبول احمد، شيخ عبدالله ناصر، حافظ مطيع الرحمٰن، شيخ يعقوب هوساوي، شيخ محمد حسين ظاهري، جن شاهه صاحب رحمة الله عليه جن جي شاگردن مان آهن.

    شاهه صاحب رحمة الله عليه اهل علم جي نظر ۾: ”عرب وعجم جناب علامه شاهه صاحب رحمة الله عليه جي علمي ثقاهت وفقاهت ۽ منهج سليم جا متعرف هئا، بلاشڪ پاڻ پنهنجي وقت جي سلفيت جا امام هئا، سندس معاصرين مان بعض علماء جا تاثرات نقل ڪجن ٿا.

    (1) امام ابو القاسم سيف بنارسي چوي ٿو: راس المحقيقن العلامة.

    (2) دڪتور عبدالمحسن المنيف چئي ٿو: العلامة المحدث المفسر.

    (3) شيخ عاصم القريوتي چوي ٿو: شيخنا العلامة.

    (4) امام شمس الدين افغاني: الشيخ الاجل الوالد العزيز المحدث البديع ابو السلفيين قاطع اعناق اهل الشرك والبدع.

    (5) شيخ عطاء الله ثاقب مترجم فتح المجيد شرح ڪتاب التوحيد کين هيٺين القابن سان ياد ڪري ٿو.

    ناصر السنة النبوية والعقيدة السلفية قامع البدعة، المجاهد لاعلاءکلمة الله الصلب في السنة، الملازم للعبادة العالم الفاضل المحدث الفقيه رئيس المحققين العلامة الشيخ ( هداية المستفيد اردو ترجمه فتح المجيد ج/1 )

    مڪتبة راشدية جو قيام: شاهه صاحب رحمة الله عليه کي مطالعه ڪتب جو شوق ته ورثي ۾ ئي مليو هو، سندن ڏاڏي علامه سيد رشدالله شاهه راشدي رحمة الله عليه باقاعده مڪتبه جو بنياد وڌو هو جنهن ۾ بي شمار نادر وناياب قلمي ڪتب موجود هئا، مذڪوره مڪتبه جو هڪ حصو نيشنل ميوزيم ڪراچي کي هٿ لڳو جنهن ۾ قلمي نسخا 1200 جي تعداد ۾ هئا.

    شاهه صاحب رحمة الله عليه جي والد ماجد علامه سيد احسان الله شاهه رحمة الله عليه کي ڪتب جمع ڪرڻ جو وڏو شوق هو ۽ پاڻ به بي شمار مخطوط ۽ مطبوع ڪتب جمع ڪيا، شاهه صاحب رحمة الله عليه کي پنهنجي خانداني مڪتبه مان ڪجھ ڪتاب مليا هئا، ان کان پوءِ شاهه صاحب رحمة الله عليه سڄي زندگي پيٽ تي پٿر ٻڌي به ڪتاب جمع ڪيا ۽ سندن زندگيءَ جي اها ئي پونجي آهي، مڪتبه پاڻ وقف ڪري ويا جنهن ۾ مختلف علوم وفنون تي هزارن جي تعداد ۾ مخطوط ومطبوع جو ذخيرو موجود آهي. مڪتبہ راشديہ جي جديد تعمير بحمد الله تعاليٰ مڪتبہ جي نئين بلڊنگ مڪمل تيار ٿي رهي آهي. ان شاءَ الله جنهن ۾ جديد طرز تي سيٽنگ ڪئي ويندي ۽ ڪمپيوٽرائزڊ به ڪيو ويندو. مستقبل جا پروگرام مدرسہ جي از سر تعمير نو، مدرسہ اللبنات ۽ جامع راشديہ Rashdia Universty به زير غور آهي.ان شاءَ الله تعاليٰ.


    سلفي منهنج (اهل حديث ، اهل سنت ) سان محبت

    شاهه صاحب رحمة الله عليه کي جماعت سلفي منهج سان وڏي محبت هئي، پاڻ پنهنجو مال ۽ عمر راه دين ۾ خرچ ڪري ڇڏيائون، جماعت جي هر فرد جا زبردست خيرخواه هوندا هئا، هر شخص سمجھندو هو ته شاهه صاحب رحمة الله عليه ٻين کان وڌيڪ مون سان محبت ڪن ٿا، وڏا مهمان نواز هئا، جماعت جي ڏک سک ۾ هميشه گڏ هوندا هئا.
    وفات: شاهه صاحب رحمة الله عليه کي آخر ۾ هڪ دفعو سخت بخار آيو جيڪو ٿورو وقت هليو پر ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته بچڻ مشڪل آهي پر رب تعالى شفا ڏني ۽ ڊاڪٽر حيران رهجي ويا، ان کان ڪجھ عرصو پوءِ کاٻي ٻانهن ۾ سور پيدا ٿيو، جنهن جو ڪيترن ئي ماهر ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو ويو پر صحيح تشخيص نه ٿي سگھي ۽ نه فائدو ٿيو، آخر 8 جنوري 1996ع جي رات جو عشاء نماز بعد موسى لين لياري ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائون، 9 جنوري قريه پير جھنڊو لڳ نيو سعيد آباد ۾ سندن والد ماجد ۽ برادر اڪبر علامه محب الله شاهه راشدي عليهما جي ڀر ۾ دفن ڪيا ويا. اللهم اغفر له وارحمه وعافه واعف عنه. آمين
    بشڪريه : مرڪزالاسلامي للبحوث العلميه
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    اھڙي قيمتي معلومات ونڊڻ جي مھرباني۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڄاڻ ڀريو ليک

    اوهان جون مهربانيون جو اهڙا ليک شيئر ڪندا رهو ٿا۔
     
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  18. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  19. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  20. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو