هاٰءِ مُهنجي سنڌي قوم! ڪڏنهن جاڳنديئن

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هاٰءِ مُهنجي سنڌي قوم! ڪڏنهن جاڳنديئن!
    مون سمجهيو ته شايد مان پنهنجي مامولڙي ڪاوش سان سنڌي قوم ۾ محنت، پڙهائي، سمجه لاءِ ڪا ڪا ٿرٿراهٽ آڻي سگهندُس، ۽ کين ستيءَ ۾ وڌل ۽ پيارل ڀنگ، اوتارن مان سُلفي يا ٺرن جي نشن مان يا وڏيرن جي اوطاقن مان لاهي ، جهنجهوڙي ٻاهر ڪڍندُس جنهن ۾ کين سنڌ جي وڏيري، جاگيردار، ڪاموري، پير، مير کين مدهوش ڪري دُنيا مان ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آهي مان پنهنجي وُجود لاءِ لازمي ۽ ماديت جي ترقين کي، سنڌ، سنڌي، سنڌو ۽ سنڌيت جي مفروظي تحت پنهنجون سڀ خواهشون ۽ ضرورتون ڇڏي ٻين زبانن ۾ پنهنجا ليک لکڻ ڇڏي، جنهن جو مون کان زور سان مُطالبو ٿئي ٿو سنڌي ڀائرن لاءِ ڪڏنهن، سائنس، ڪڏنهن مذهب، ڪڏنهن تواريخ، ڪڏنهن نفسيات، ڪڏنهن سماج، ڪڏنهن سياست، ڪڏنهن فلسفو، ڪڏنهن منطق ڪڏنهن الاهي ڇا ڇا تي تي لکي کين هرکائڻ ۽ ريجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. پر افسوس جو شايد سنڌي قوم جي رت جو جُزو جُزو وڏيرن ۽ ڪامورن جي غلاميءَ ۾ غرق اهي، سوا ڪن چند جي جيڪي مُهنجن لکيل آرٽيڪلس تي لائيڪ جو ڪلڪ لڳائين ٿا ڪنهن به پڙهڻ ڇا تبصرو ڪرڻ گوارا نه ڪيو، مطلب ته اسانکي نشن ۾ ئي رهڻ ڏيو ننڊ مان نه جاڳايو. هيتر محنت ۽ ڪاوش سان ڏکئي مضمون هيڪنگ ۽ ڪريڪنگ تي لکيم پر افسوس جو سنڌ جا ڌڻي شايد گهري ننڊ ۾ آهن، پوءِ ڀلا مان اهي ڪوششون ڇو ڪريان، هي ترڙائپ کي پسند ڪندڙ، وڏيرن جي غلاميءَ ۾ رهندڙ قوم، اجائي آڪڙ ٽيڙي بازيءِ ۾ پاڻ کي دوکو ڏيندڙ قوم شايد وڏيرن جا پير چٽڻ ۾ ۽ ويهي، بنان محنت کائڻ يا ٻين جي مال تي عياشي ڪرڻ ۾ خوش رهڻ واري آهي، بس ڪو مرندو يا اسپتال ۾ ايندو ته شوسي لاءِ فوٽو سيشن ڪرڻ ويندي، پاڻ کي ان ۾ گهليندي ۽ ٻه چار ڏينهن ٺلو نالو ڪمائيندي ۽ وري وڃي سُمهندي ٻه سُلفين جا سوٽا هڻي، ٺري جو پيالو يا ڀنگ چُڪو پي. ۽ انقلاب آڻيندي!
    [​IMG]
     
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    انا لله و انا اليه راجعون۔۔

    سائين گستاخي معاف پر توهان کان صرف ٻه سوال پڇڻ جي جسارت ڪريان ٿو۔۔
    ڇا توهان سنڌي قوم ۾ شامل آهيو يا نه؟ جيڪڏهن ها ته پوء مٿين جيترن لقبن سان توهان قوم کي نوازيو آهي، اهي سڀ توهان تي لاڳو ڪيئن ڪونه ٿا ٿين؟

    ٻيو سوال اهو ته ڇا توهان پنهنجون تحريرون پنهنجي تعريف ٻڌڻ ، خوشامدي ۽ واه واه جا جواب ٻڌڻ لاء موڪليون آهن يا خدمت ۽ محبت جي جذبي تحت موڪليون آهن ؟؟
    جيڪڏهن نيت خدمت آهي ته توهان جي خدمت ريڪارڊ تي آهي ۽ محفوظ ٿيل آهي، تمام گهڻا سنڌي نوجوان ان مضمون مان فائدو حاصل ڪندا۔۔ ۽ توهان جي محنت رائيگان ڪڏهن به ڪونه ٿيندي۔۔اسان کي اهو به احساس آهي ته توهان تمام گهڻو مصروف هٍجڻ باوجود ايتري محنت سان ڪارآمد مواد مهيا ڪيو آهي، ان لاء توهان کي نيڪي جو اجر ضرور ملندو۔۔
    پر جيڪڏهن اکيون خوشامدي ڪلمات پڙهڻ لاء منتظر آهن ته پوء مٿي ذڪر ڪيل وڏيرن جا هم مزاج آهيو۔۔ هن فورم تي ايندڙ هر رڪن روزگار سان لاڳاپيل آهي ۽ پنهنجي مجبورين ۽ مصروفيتن جي باوجود بغير ڪنهن لالچ ۽ ذاتي مفاد جي هن فورم تي حاضري ڀري پنهنجو قومي فرض پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي، جيڪڏهن توهان جي موڪليل طويل مضمون کي پڙهي ناهي سگهيو ته ان لاء توهان ايترن لقبن سان نوازيو آهي جو وڃي ٿيا خير۔۔ ڀوتار جي حضور رحم جي اپيل جي درخواست آهي۔۔
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ا۔ ٻروچ! بلڪل صحيح ٿا چئو! آئون به انهي قوم جو هڪ فرد آهيان ظاهر آهي ته اهي ڪوتاهيون مون ۾ به گهر ڪري ويون آهن جنهنجي رفليڪِشن اها ئي هُئي جيڪا توهان ڏٺي ۽ اهي ساڳيا لقب مون تي به ٺهي ٺُڪي اچن ٿا اُن ڪري مان پاڻ به انهن مان نڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريان پر شايد مُهنجا پير به هن وڏير شاهي پهڻ ڪري ڇڏيا آهن، زبان، دماغ، دل ته ساٿ گهڻو پيو ڏي پر ڌوٻڻ ۾ گُسيل پير آجا نه پيا ٿين ۽ جيڪا قوم سان گڏ مُهنجي حالت آهي سان محسوس ڪري ئي واڪا پيو ڪريان ته پاڻ گس وٺو ته مونکي به هن ڌُٻڻ مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪريو پر شايد زميني حالتن تحت ڪي جنريشن اهو ممڪن نه ٿي سگهي ۽ هاڻ ته مُهنجو ايندڙ نسل به ان ڌُٻڻ ۾ ڳڙڪندجندو وڃي۔
    2۔ هر اُهو اُستاد جيڪو ڪينوس، بورڊ يا يا مانيٽر جي اسڪرين تي جي ڪي سمجهاڻي جا نُقطاا لکندو آهي ته هو اهو پڻ چاهيندو آهي ته مُطاطب ٿيندڙ خُطابي اهي چڱي طرح ڏسن، پو ٻُڌن، ۽ پو بحث مُباحثو ڪن ته ٻُڌائيدڙ ۽ ٻُڌندڙ ٻئي ان مان پرائين۔ مان توهانکي هڪ حقيقت کان آگاه ڪرڻ ٿو چاهيان ڀلي ان کي توهان به مُشاهدي ۾ آڻي ڏسو اُها اها ته اڪثر اُستاد خطابين کي درس ڏيندي ڏيندي، اها ڳالهه بار بار ورجائڻ سان پاڻ يا ته رٽجي ويندا آهن يا سمجهي ويندا آهن جنهنجو هڪ ئي مطلب ٿيندو آهي ته خُطابي اُستاد جي ڄاڻ جو سبب بڻبو آهي۔ شايد توهان ڄاڻندا هوندئو ته سي ايس ايس ۾ اڪثر ماستر ئي گهڻا پاس ٿيندا آهن ۽ سي ايس ايس جا آفيسر ۽ ٻيا گروپ جهڙوڪ انجنيئر، ڊاڪتر يا ٻئي ڪنهن پروفيشن سان ته اُنهن جي اينٽري فقط سورس ۽ سفارشي، لاڳاپي سان ٿيندي آهي، خطابين کي پڙهائي پڙهائي اهي سي ايس ايس جا سيليبس ماسترن کي از زبر ياد ٿي پوندا آهن۔ سو مهربان قدر دان جي خطابي سمجهندو ته سندس ٻُڌڻ وارا ننڊن جي نشن ۾ ورتل، پاڻ ۾ سُس پُس ڪندڙ اهن ته هو درس کي اڳتي وڌائڻ ۾ هرگز دلچسپي نه وٺندو، مطلب جي درس نه هليو ته پاڻ به مفهوم سمجهڻ کان آرو هوندو، اتي سوال ٻي جو مقصد ئي اهو هو نه ڪه خود نمائي، 60 سالن جي عمر ۾، سُهڻين سُهڻين پوسٽن تي ڪم ڪندي ڀلا هاڻ ان خودنمائي جي ڪهڙي ضرورت محسوس ٿيندي۔ پو اُستاد ڇا ڪندو يا ته انهن موالي نمان شاگردن کي چاڪ اُڇلائي هڻي اُٿاريندو، يا دانهنڪندو ته اي ڇورا اک پٽ يا مانيٽر تي اهڙا تير هڻندو جيڪي مون هنيا ته تحت الشعور ۾ غرق غيرت اُٿي اُڀري پوي، ڇا اهو عمل غلط آهي؟ هاڻ خبر ناهي ته توهان ان کي تعريفن جي ٻُڌڻ جي ذمي ۾ ٿا آڻيو يا خطابن جي تحت الشعور کي غيرت ڏئي اُڀارڻ ۾ ۽ انهن جو هڪدم رسپانس وٺڻ ۾ جيئن توهان ڏنو ۽ ظاهر آهي اها مُهنجي نفسياتي ٿيراپي ئي هُئي جنهن توهان کي موٽ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ توهان مُهنجي ٽرانس جو شڪار ٿي ويا، اهو مون چاهيو ۽ توهان هڪ معمول وانگر عمل ڪيو ۽ آئنده به اوهان تي عمل ڪري موٽ ڏيڻ ته مجبور ڪندس اهائي ته نيشنل انٽريسٽ جي ڳالهه آهي۔
    3۔ بلڪل جي اها اهو مطلب ٿي رکي ته مان خوشامدي ڪلمات ٻُڌڻ لا ٿو ڪريان ته توهان به حق تي آهيو ڇو جو ڀا ڪو به مريض خوشي سان دوا ناهي ڳڙڪائيندو اُن لا ڪي مخصوص طريق اختيار ڪرڻا پوندا اهن ڪو فرق نٿو پوي ته اُهي ڪو ڪهڙي طريقي سان ٿو ادا ڪري مريض جي مُنهن ۾ دوا جا قطرا وجهي، ڪو فرَ نٿو پوي ته مريض لتن جا وار ڪري مُرڳو ڊاڪٽر کي ئي زخمي ٿو ڪري وجهي، من سڀني جو اهو چاهيندو آهي ته مريض کي شفا ملي ۽ ڪا ڳالهه ڪانهين چئي در گُذر ڪري سو آئون به توهانجي ڳالهه کي درگُذر ٿو ڪريان ان ڪري جو مُنهنجو مقصد توهانجي سوچن کان به وڏو اهي۔ (گُستاخي معاف ٻروچ ڀا)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو