Sindhi Media
سينيئر رڪن
هاٰءِ مُهنجي سنڌي قوم! ڪڏنهن جاڳنديئن!
مون سمجهيو ته شايد مان پنهنجي مامولڙي ڪاوش سان سنڌي قوم ۾ محنت، پڙهائي، سمجه لاءِ ڪا ڪا ٿرٿراهٽ آڻي سگهندُس، ۽ کين ستيءَ ۾ وڌل ۽ پيارل ڀنگ، اوتارن مان سُلفي يا ٺرن جي نشن مان يا وڏيرن جي اوطاقن مان لاهي ، جهنجهوڙي ٻاهر ڪڍندُس جنهن ۾ کين سنڌ جي وڏيري، جاگيردار، ڪاموري، پير، مير کين مدهوش ڪري دُنيا مان ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آهي مان پنهنجي وُجود لاءِ لازمي ۽ ماديت جي ترقين کي، سنڌ، سنڌي، سنڌو ۽ سنڌيت جي مفروظي تحت پنهنجون سڀ خواهشون ۽ ضرورتون ڇڏي ٻين زبانن ۾ پنهنجا ليک لکڻ ڇڏي، جنهن جو مون کان زور سان مُطالبو ٿئي ٿو سنڌي ڀائرن لاءِ ڪڏنهن، سائنس، ڪڏنهن مذهب، ڪڏنهن تواريخ، ڪڏنهن نفسيات، ڪڏنهن سماج، ڪڏنهن سياست، ڪڏنهن فلسفو، ڪڏنهن منطق ڪڏنهن الاهي ڇا ڇا تي تي لکي کين هرکائڻ ۽ ريجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. پر افسوس جو شايد سنڌي قوم جي رت جو جُزو جُزو وڏيرن ۽ ڪامورن جي غلاميءَ ۾ غرق اهي، سوا ڪن چند جي جيڪي مُهنجن لکيل آرٽيڪلس تي لائيڪ جو ڪلڪ لڳائين ٿا ڪنهن به پڙهڻ ڇا تبصرو ڪرڻ گوارا نه ڪيو، مطلب ته اسانکي نشن ۾ ئي رهڻ ڏيو ننڊ مان نه جاڳايو. هيتر محنت ۽ ڪاوش سان ڏکئي مضمون هيڪنگ ۽ ڪريڪنگ تي لکيم پر افسوس جو سنڌ جا ڌڻي شايد گهري ننڊ ۾ آهن، پوءِ ڀلا مان اهي ڪوششون ڇو ڪريان، هي ترڙائپ کي پسند ڪندڙ، وڏيرن جي غلاميءَ ۾ رهندڙ قوم، اجائي آڪڙ ٽيڙي بازيءِ ۾ پاڻ کي دوکو ڏيندڙ قوم شايد وڏيرن جا پير چٽڻ ۾ ۽ ويهي، بنان محنت کائڻ يا ٻين جي مال تي عياشي ڪرڻ ۾ خوش رهڻ واري آهي، بس ڪو مرندو يا اسپتال ۾ ايندو ته شوسي لاءِ فوٽو سيشن ڪرڻ ويندي، پاڻ کي ان ۾ گهليندي ۽ ٻه چار ڏينهن ٺلو نالو ڪمائيندي ۽ وري وڃي سُمهندي ٻه سُلفين جا سوٽا هڻي، ٺري جو پيالو يا ڀنگ چُڪو پي. ۽ انقلاب آڻيندي!