Sindhi Media
سينيئر رڪن
لمس مان داخلائون رد ٿيڻ تي مايوس ٽن ڀينرن پاران ماءُ سميت خودڪشي جو اعلان
حيدرآباد(رپورٽ: ستار ملڪ) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميا طرفان داخلائون رد ڪرڻ تي سيد برادري سان واسطو رکندڙ ٽن ڀينر شاگردياڻين ۽ سندن امڙ اجتماعي خودڪشيون ڪرڻ ج
و اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سادات برادري لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ سيد ايسوسيئيشن جي صدر جو چوڻ آهي ته شاگردياڻين اسان سان رابطو ناهي ڪيو، اسين هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهيون، رپورٽ موجب آفيسر پيءُ پاران پٽ جو اولاد نه ٿيڻ تي ٻي شادي ڪرڻ بعد پنهنجي گهر واري ۽ ٽن ڌيئرن کان منهن موڙڻ سبب فيس نه جمع ڪرائي سگهڻ تي لمس انتظاميا ٽئين سال جي شاگردياڻين سونهن، پارس ۽ خوشبو شاهه جون داخلائون رد ڪري ڇڏيون، معاملو ميڊيا تي اچڻ بعد پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر نوٽيس ورتو پر مسئلو حل نه ٿيو، جنهن بعد لمس مان داخلائون رد ڪري بيدخل ڪيل ٽنهي شاگردياڻين جا ڊاڪٽر ٿيڻ جا خواب ڀورا ڀورا ٿي ويا آهن، جڏهن ته نياڻين جي واهر نه ٿيڻ ڪري سيد گهراڻي اجتماعي خودڪشين جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه سونهن، پارس ۽ خوشبو شاهه پنهنجي امڙ فاطمه سميت ڪاوش آفيس پهتيون، ڪاوش سان ڳالهائيندي شاگردياڻين چيو ته اسان 3 سال مڪمل ڪيا آهن، باقي ٻن سالن ۾ اسان کي 60 لک رپيا ڏيڻا آهن، حڪومت 5-5 لک قسط ڪرائي ڏئي ها تڏهن به اسان لاءِ سهولت هجي ها، هنن چيو ته اسان کي بابا ڇڏي ويو، جنهن کانپوءِ اسان اڪيلا ٿي ويا آهيون، صرف امڙ جي پگهار آهي، جنهن تي گذارو ڪري رهيا آهيون پر جڏهن اسان جا خواب مري وڃن ته پوءِ جيئڻ جو مقصد باقي نٿو رهي، هنن چيو ته اسان جي صدر آصف زرداري، گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل آهي ته اسان جي مدد ڪن، عيد بعد اسان جا امتحان آهن، امتحانن ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو ته اسان جا ٽئي سال ضايع ٿي ويندا، هنن چيو ته عيد بعد داخلا بحال نه ٿي ته اسان ٽئي ڀينرون ۽ امڙ اجتماعي خودڪشيون ڪنديوسين، ٻئي طرف ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي سنڌ سيد ايسوسيئيشن جي صدر شهاب الدين شاهه حسيني ٻڌايو ته متاثر شاگردياڻين اهڙو انتهائي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي پر اسان سان ڪو رابطو نه ڪيو آهي، هن چيو ته اسان وٽ اچن اسان سندن هر ممڪن مدد ڪنداسين، اسان نه چاهينداسين ته ڪير خودڪشيون ڪري، جيترو ٿي سگهيو مدد ڪنداسين.